ٻوڏ ستايل سنڌ ۽ انساني قدرن جو فقدان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٻوڏ ستايل سنڌ ۽ انساني قدرن جو فقدان​

    مقصود گل
    چوندا آهن، ”ڏکئي کي ڏک به گهڻا“، اسان جي سنڌڙي نماڻي، اڳ ئي پنهنجن توڙي پراين جي ڏمر، ڏک ڏاڍ جي ستايل ۽ گهايل آهي، ويتر مٿان هي ٻوڏ ۽ برسات جون عرشي ۽ فرشي بلائون قهر بڻجي ڪڙڪيون آهن، انهن ويتر ويچاري سنڌڙي کي هڻي سيڪاٽي رکيو آهي.

    ”شينهن درياهه“ جي هن قهري ڪاهه هڻي ماڻهن جون متيون منجهائي رکيون، نڪا خبر نه چار هن اوچتي اوکي، پاڻيءَ جي يلغار غريبن، ماروئڙن، سانگيئڙن جا جهڳا جهڻ ڪري رکيا.

    سرڪاري ۽ درٻاري ماڻهو هن ٻوڏ ۽ برسات کي قدرتي آفت ڪوٺي پنهنجي جوابدارن کان پاڻ کي آجو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. ها ايئن برابر آهي، واقعي هي بي روڪ طوفان، برساتون ۽ اڻ جهل سيلاب ۽ ٻوڏون برابر قدرتي آفتون ته آهن، پر اسان جا واڳ ڌڻي پنهنجي بي معنيٰ بيانن سان پنهنجي ذميوارين کان ڪڏهن به آجا ٿي نٿا سگهن.

    اسان قدرتي آفتن کي برابر روڪي يا موٽائي ته ڪو نه ٿا سگهون، پر اها به هڪ حقيقت آهي، اسان پنهنجي جوابدارين پورين ڪرڻ سان گڏ پنهنجي حسن ڪارڪردگيءَ ۽ بهتر انتظامن سان انهن قدرتي آفتن جي تباهه ڪارين کي گهٽائي ضرور سگهون ٿا.

    حضرت نوح وارو طوفان جهڙو ٻيو طوفان سنڌ سان گڏ پنجاب ۾ آيو آهي پر ساڳئي سيلاب پنجاب ۾ ايتري تباهي نه آندي آهي جيتري اسان جي سنڌ ۾ آئي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته اسان کي ضرور پاڻ پنهنجو پاڻ ۾ ڪوتاهيون نظر اينديون.

    تقريبن گذريل 18 سالن کان اسان جي سنڌ ۽ سنڌو درياهه خشڪ ساليءَ جو شڪار رهيو آهي پر انهن 18 سالن دوران سنڌو درياهه جي مرمت ۽ سنڀال جي لاءِ ڪروڙين رپين جي سالياني بجيٽ ضرور رکي ويندي آهي، پر انهن گذريل 18 سالن واري سنڌو درياهه، واهن ۽ ڪئنالن جي حفاظت ۽ مرمت واري بجيٽ جيڪا ڪروڙن ۾ وڃي ٿيندي، جيڪڏهن ان جو صحيح نموني ۾ استعمال ٿئي ها ته شايد اسان جي سنڌ تي ايڏيون مصيبتون ڪو نه نازل ٿين ها.

    گذريل 18 سالن ۾ نه سنڌوءَ جي لوپ بندن ۽ بچاءَ بندن جي نه ڪا مرمت ٿي آهي نه وري ڪا سنڀال، انهيءَ عرصي دوران سمورا بند ڪمزور ٿي ويا، جنهن ڪري انهن ۾ شينهن درياهه جي زوردار پاڻيءَ کي روڪڻ جي سڪت ۽ قوت باقي ڪو نه بچي هئي، نتيجي ۾ سنڌوءَ وارا سڀ لوپ بند توڙي بچاءَ بند جڏهن زوردار آب جي اڇل جي زد ۾ اچي ويا ته پاڻي ۾ ساهس نه ساري، هنڌان هنڌان، روڻين جي صورت ۾ روئي ويهي رهيا ۽ جتي پاڻيءَ جو زور حل کان وڌيو، اتي گهائجي گهاري جي شڪل اختيار ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيا. ايترن سالن ۾ ڪو به ڪم ڪو نه ٿيو پر بجيٽ خرچ ٿيندي رهي، پر ايترن سالن ۾ ڪنهن به آبپاشيءَ کاتي جي ڪرم فرمائن کان ڪو نه بڇيو ته اهي جي اڻ ميا پئسن جا انبار اوهان کي مليا، ڪو انهن جو ڪم ڪار، ڪا ڪارڪردگي، ڪو لاڀ حصول ته ڏيکاريو پر چوندا آهن ”جهڙي ڇالي تهڙي پنڃي“ اهي پئسا جن کي ”فصل ربي“ جا پئسا چيو ويندو آهي اهي هيٺ کا مٿي تائين حصي رسيءَ سان واجبي اگهه تي ورهايا ويندا آهن، تنهن ڪري ڪير ڪنهن کان پڇي؟ ان ڪري هيٺان کان مٿي تائين سڀني جا وات بند ۽ پيٽ ڦوڪيل هوندا آهن!! سنڌو جي واهن جي کاٽي به نه ٿي سگهي، ايترن سالن ۾ مناسب کاٽي نه ٿيڻ سبب واهن جي پيٽ ۾ مٽي ۽ واري جمع ٿيڻ جي ڪري واهن ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ واري ڪيپيسٽي گهٽ ٿيڻ جي ڪري واهن ۾ به پاڻي حاصل ڪري وهڪري سان وهائڻ واري قوت نه رهي، جنهن ڪري جڏهن آبپاشيءَ وارن بنا ڪنهن به پلاننگ ۽ سوچ ويچار جي درياهه تان زور گهٽائڻ لاءِ سڀني واهن ۾ سڀ در کولي پاڻي وهايو، نتيجي ۾ واهه به هنڌان هنڌان هارجي سنڌي ماڻهن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٻوڙڻ جو وڏو سبب بڻيا. (هلندڙ)

    ٻوڏ جي گهڻين تباهه ڪارين جو هڪ ٻيو سبب اڻ ڄاڻ ۽ مطلبي وزير ۽ ڪامورا به بڻيا، جن پنهنجي مفادن کي بچائڻ لاءِ هنڌ هنڌ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي بند کي ڪٽ ڏياري صرف پنهنجا گهر، ٻنيون ۽ ڪارخانا بچائڻ جي ته ڪوشش ڪئي پر عام ماڻهو جي بچاءَ جو ڪو به خيال نه ڪيو، ٽوڙي بند ۽ بيگاري بند جو ٽوڙڻ انهيءَ ڳالهه جا مثال آهن جن کي ٽوڙائي خاص ماڻهن پنهنجي مفادن جو ته تحفظ ڪيو پر عام ماڻهن جي موت ۽ حياتيءَ جو ڪو به خيال نه ڪيو.

    پر چوڻ وارا چون ٿا ته جيڪڏهن آبپاشيءَ جي ماڻهن ۽ سڄاڻ ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ڪا ڪاميٽي جوڙي انهن جي صلاح، مشوري ۽ هدايتن جي تحت حفاظتي بندن کي ڪٽ ڏنا وڃن ها ته ايتري تباهي ڪو نه ٿئي ها، جيڪا هاڻي سڄي سنڌ جي سيلاب جو سبب بڻي آهي.

    سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عام چوڻي آهي ته ”اهو ڪي ڪجي جو آئي ويل ڪم اچي“ يا وري ٻين لفظن ۾ ساڳي ئي چوڻي هيئن به آهي ته ”اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي“ پر اسان جي ڪامورن اهو ڪي ڪين ڪيو جو هن ڏکي ويل ۾ مينهن وسندي ڪم اچي. سڀني پنهنجي پيٽ ۽ پنهنجي سينڌ ۽ سنوارت لاءِ ويهي آڱريون پيٽ ۾ هنيون، پر رکي ڪو نه کاڌو.

    چوندا آهن ته ”سڀ ڪڇ لٽا ڪي هوش ۾ آئَي تو ڪيا هوا“ پر اسان جا ڪرتا ڌرتا، سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به هوش ۾ ڪو نه آيا آهن.
    هاڻي جڏهن پاڻي سر کان چڙهي ويو آهي ۽ سنڌ جا 17 ضلعا پاڻي هيٺ ۽ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿي چڪا آهن ته هن دک ۽ درد جي گهڙي ۾ ته وس ۽ طاقت وارن کي غريب، ڦريل ۽ ڌتڙيل عوام سان همدرديون شيئر ڪرڻ گهرجن.
    خبر ناهي اسان الائي جي ڇو انساني قدرن کان به وانجهيل ۽ آجا ٿيندا پيا وڃون. جڏهن ته اسان سڀ هڪ ئي سور ۾ مبتلا آهيون پر پوءِ به اسان اڃا به هڪ ٻئي جي سورن کي سمجهي نه سگهيا آهيون. اها ستم ظريفي ناهي؟ جڏهن هڪڙا ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، مال متاع، ڍور ڍڳا، سڀ ڪجهه لٽائي امدادي ڪئمپن ۾ اچي مجبور زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيا آهن.
    بکين ۽ بي گهر ماڻهن تي ڌاڙيلن جي يلغار يا وري ڏتڙيل ۽ ستايل ماڻهن تي پوليس جي لٺين جو وسڪارو ڪهڙن انساني قدرن جي نشاندهي ٿو ڪري؟
    سان هيترو ڪجهه هاري ۽ وڃائي چڪا آهيون، پر پوءِ به اسان ڪنهن صحيح پنڌ پيچري تي پهچي ڪو نه سگهيا آهيون نه ڪا پاڻيءَ ۽ درياهه جي ماهرن ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي رهنمائي حاصل ڪئي آهي ۽ نه وري ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مدد ۽ مدارت جو ڪو مناسب ۽ جوڳو بندوبست ڪري سگهيا آهيون.
    ڪنهن هڪ جڳهه تي ٻوڏ جا ستايل ماڻهو قائم ڪيل ڪئمپ ۾ ٻچڙا وٺي اچي ويهن ٿا ته ڪا زورآور ڌر پوليس جي مدد سان لٺيون وسائي انهن غريبن جي ڪئمپ خالي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري.
    ڇو ڀلا اسان سڀ انسان آهيون پر انساني قدرن کان وانجهيل ٿي ويٺا آهيون؟ ڪهڙي سپ ڪکيو آهي اسان کي..! ساري دنيا ۾ ”خدائي خدمتگار“ جي نالي سان ڄاتل، سڃاتل، انسانن جو همدرد ۽ ڏکي انسانيت جو خادم ۽ محترم نالو ”عبدالستار ايڌي“ به خبر ناهي جو سنڌ جي ٻوڏ ستايل لکين ماڻهن جي مدد لاءِ ڪا به پيش قدمي ڪا نه ڪئي آهي، ڇا سنڌ جا ستايل ماڻهو انسان نه آهي، يا اهي هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ ڪنهن مدد جا مستحق نه آهن؟
    عبدالستار ايڌي جيڪو عراق جي ڏکي انسانن ۽ سونامي طوفان ۾ ستايل ماڻهن جي انسانيت جي حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان همدرديون شيئر ڪيون هيون ۽ وٽس دنيا جي سمورن انسانن لاءِ پيار ۽ همدردي آهي، وٽس رنگ نسل، قوميت يا ڪنهن به فرقه واريت جي ڪا به اهميت ۽ قيد نه آهي هو صرف انسانيت جي حوالي سان انساني خدمت جو داعي آهي ۽ خدمت گاريءَ جي دعويٰ ڪري ٿو ته پوءِ ضرور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي خدمت ۽ همدردي سندس نصب العين هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جو آهي ۽ سنڌي آهي ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي خدمت وڌيڪ ضروري ۽ اهم آهي، پر خبر ناهي ڪهڙا سبب آهن جو هيترو سارو نقصان ٿيڻ جي باوجود سندس ڪا به ڪار گذاري يا پيش رفت سامهون نه آئي آهي.
    ڇا اسان پنهنجي سماجي ڪارڪنن جا اهڙا رويا ڏسي انهيءَ سوچ کي پنهنجي ذهنن ۾ جنم ڏيون ته اسان جا انسانيت جا داعي ۽ خدائي خدمتگار به ڪنهن سبب جي ڪري سنڌين کي ٻي اک سان ڏسن ٿا..!!
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٻوڏ ستايل سنڌ ۽ انساني قدرن جو فقدان

    ادا ان موضوع تي هر ليکک پنهنجو نقطه نظر بيان ڪيو آهي ڪي گڏجي سيمينار ۾ ليکک ڪنهن هڪ نقطي تي اتفاق ڇو نه ٿا ڪن
    جيئن هڪ گڏيل سيمينار جنهن ۾ هر ڪو پنهنجون سفارشون پيش ڪري ۽ هڪ بيان ڏين
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ٻوڏ ستايل سنڌ ۽ انساني قدرن جو فقدان

    ادا ممتاز سٺي ڪوشش آهي اوهان جي جاري رکو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو