ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
پيار ۽ آزاديءَ جو شاعر سرڪش سنڌي
هن ملڪ جي ايڪهٺ سالا ڄمار خيرن سان سنڌ کي المين جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آهي. سياسي، معاشي، اقتصادي ۽ سماجي لحاظ کان ته سنڌ کي پنهنجي تاريخي محور کان ٿيڙي، خطرناڪ صورتحال جو شڪار بڻايو ويو آهي. ڳالهه رڳو اتي ئي نٿي کٽي، سنڌ جا اهي اديب، جيڪي پنهنجيءَ سڄيءَ ڄمار ۾ رڳو ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندا رهيا آهن، جن اديبن ۽ شاعرن جو قلم سنڌ وطن جي مٽيءَ کي
بسجود رهيو آهي. انهن اديبن ۽ شاعرن کي به ننڌڻڪو ڪري، سنڌ جي شعور کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي ته، سچ کي اهميت ڏيڻ جي کين سزا ضرور ڀوڳڻي پوندي ۽ سنڌ جو سرڪش سنڌي به اهڙي ئي سزا جي پلصراط تان گذري رهيو آهي. سرڪش سنڌي بيماريءَ جي بستري تي پيل ناهي پر هو سرڪار جي بيحسيءَ جي ٽياس تي ٽنگيل آهي. هڪڙو اهڙو ٽياس، جيڪو پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ قلمڪارن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي آڏو اچڻو آهي.
سرڪش سنڌي پنهنجيءَ سڄيءَ ڄمار ۾، سنڌ جي سونهن ۽ آزادگيءَ جا گيت سرجندو رهيو. هو پنهنجي شاعريءَ ذريعي نه رڳو سنڌ جي اهنجن، سنڌي ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جي عڪاسي ڪندو رهيو آهي پر، سنڌ جي هن سرڪش سنڌيءَ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي هٿن ۾ مزاحمت جي چيچ ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته سرڪش ڄاتو ٿي ته، جڏهن جبر جو مانگر مڇ مڇرجي ڪمزورن کي ٿونا هڻڻ لڳي، تڏهن مظلومن ۽ محڪومن کي مورڙو بڻجي، جبر جي خونخوار مڇ جي ڪاڪڙي تائين مزاحمت جا سوئا هڻڻا پوندا آهن. جيڪڏهن اهو چئجي ته سرڪش سنڌ جي روايتي سونهن، محبت، انسانيت ۽ جبر خلاف مزاحمت جو شاعر آهي، ته اهو غلط نه هوندو. هونئن به اڄوڪي دور ۾، يا اهڙي دور ۾، جڏهن سنڌ جي قلمڪارن جي گهڻائي پنهنجي قلم کي سرڪار جي حضور ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل هجي، تڏهن سرڪش جهڙن ارڏن شاعرن جي اهميت ان ڪري به وڌي ويندي آهي، جو اهي پنهنجو قلم سنڌ جي ڪارڙن ۽ ڪوجهڙن ماروئڙن جي امانت سمجهيو، مٽيءَ جي محبت جا گيت سرجڻ لڳندا آهن. توهان ڏسو، هي جيڪي اڄوڪا سنڌ جا اديب آهن، انهن وٽ سنڌ ڳولئي ڪا نه لڀندي. انهن پنهنجي قلم کي سرڪار جي خوشنوديءَ لاءِ لگزري زندگي گذارڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. دراصل اهي اديب، جيڪي سنڌ جي سونهن جا انڪاري آهن، سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌي ماڻهن جي مشڪلاتن جي سببن تي پڙدا وجهي، سرڪار کي پيغام ڏئي رهيا آهن، ته اسان به ڪوڙ جي قلعي ۾ ڪڏون پيا ۽ توهان جو ڪم ڪري رهيا آهيون، تنهنڪري اسان جي خالي جهوليءَ تي به نظرِ ڪرم ۽ نظرِ عنايت ڪيو.
جيتوڻيڪ سنڌ جي اديبن جو ڪردار هڪڙو ڌار بحث آهي ۽ اهو بحث ٿيڻ به گهرجي. اديبن جي ڪردار تي بحث ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي موجوده حالتن ۾ سنڌي اديبن جي گهڻائيءَ جو، جيڪو ڪٽيءَ کائڻ جهڙن مجنن جو ڪردار آهي، انهن کي عوام جي عدالت ۾ آڻي بيهارڻ کپي. عوام کي ڄاڻڻ گهرجي هي جيڪي ڳاڙهن ڳلڙن جا اسير اديب آهن، اهي شاعريءَ کي ذهني عياشيءَ جو ذريعو بڻائي، ترقي پسنديءَ جي نالي تي رجعت پسنديءَ کي هٿي پيا وٺرائين. بدقسمتيءَ سان سنڌي ادبي سنگت، جيڪا ترقي پسند اديبن جي تحريڪ هئي، اها به اڄڪلهه سرڪار جي خوشنوديءَ ۾ جُتيون گسائيندڙ اديبن جي هٿ چڙهي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت جي موجوده قيادت سنڌ سان محبت جي سزا ڀوڳيندڙ سرڪش سنڌيءَ کي به وساري ويٺي آهي. جيتوڻيڪ سرڪش سنڌيءَ جي علاج لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ کپندو هو. سنڌ جي ثقافت کاتي تي پريشر وجهڻ لاءِ ادبي سنگت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته جيئن سرڪش سنڌيءَ جو بهتر علاج ٿي سگهي پر ائين نه پيو ڪيو وڃي. دراصل سنڌي ادبي سنگت پنهنجي عمل ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ته هاڻي اها ادبي سنگت ناهي رهي، جيڪا سنڌ جي مسئلن تي مزاحمت جو ميدان بڻجي ويندي هئي. اڄوڪي ادبي سنگت ته اهڙن ڪردارن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي ادبيات اڪيڊمي کي يادداشت نامو پيش ڪندي چون ٿا ته پارليامينٽ جي قرارداد تحت اڙدو ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو واعدو پاڙي، چئني صوبائي ٻولين کي به لاڳاپيل صوبن جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. اها ادبي سنگت آهي، جيڪا اڄڪلهه پنهنجو =سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ – وارو الئه ڪهڙو ڪردار ادا ڪري پئي.
بهرحال پنهنجو اڄوڪو موضوع اهي اديب ناهن ۽ نه ئي موجوده حالتن ۾ اديبن جو ڪردار آهي، تنهنڪري ڪنهن ٻئي مضمون ۾ سنڌ جي اديبن جي معاشرتي ذميوارين ۽ هاڻوڪي سندن ڪردار تي ضرور لکبو ۽ لکڻ به کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي هن وقت سرڪش سنڌيءَ جهڙن اديبن جي ضرورت آهي. سنڌ کي شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي ۽ نياز همايونيءَ جهڙا شاعر کپن. اهڙا شاعر کپن، جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي چئي سگهن ته:
هن آپگهات کان بهتر آ،
هو توکي ڦاهيءَ چاڙهن ها.
ڪنهن گهاڻي ۾ پيڙهن ها،
۽ تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهن ها.
هو توکي ڦاهيءَ چاڙهن ها.
ڪنهن گهاڻي ۾ پيڙهن ها،
۽ تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهن ها.
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي
تون چئه نه ڪڇان، تون چئه نه لڇان پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو
اڄ تائين نه سچ تي پهرا پئجي سگهيا آهن ۽ نه ئي سونهن ۽ عشق کي ڪو هڪ ٻئي کان ڌار ڪري سگهيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ سرڪش سنڌيءَ کي ڀلا سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪهڙا نتيجا ڏيندي. سرڪش کي ته سنڌ جي عشق امر ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي امر هوندا آهن، انهن کي جڙتو قسم جي همدرديءَ جي ضرورت ناهي هوندي. سنڌ هر وقت انهن سان گڏ آهي. سرڪش سان سنڌ ڪچهريون ڪري ٿي، سنڌ سرڪش جو اتساهه به آهي ته ڏات به آهي. ثقافت کاتو سرڪش جو علاج ڪرائي سرڪش تي ٿورو نه ڪندي، پر ثقافت کاتي وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سنڌ جو آهي ۽ سنڌ سرڪش جي ۽ سرڪش سنڌ جو آهي. تنهنڪري ثقافت کاتي کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سرڪش کي نظرانداز ڪري، دراصل سندس حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان پنهنجي فورم سي آر ايل ايس طرفان به ثقافت کاتي کي چئي چڪا آهيون ته سرڪش سنڌيءَ جو ترت علاج ڪرايو. جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو سرڪش سنڌيءَ جو علاج ڪرائيندو، ته اهو سرڪش تي سسئي پليجو جو ٿورو ڪو نه هوندو، پر اهو مٿس فرض آهي ته هوءَ سنڌ جي هن ارڏي ۽ هٺيلي شاعر جي سار لهي، ڇاڪاڻ ته وٽس جيڪي وسيلا آهن، اهي سنڌ جا آهن ۽ آئون پهرين ئي چئي چڪو آهيان ته سنڌ سرڪش جي ۽ سرڪش سنڌ جو آهي. تنهنڪري ثقافت کاتي وٽ جيڪي وسيلا آهن، اهي به سرڪش سنڌيءَ جا پنهنجا آهن. خير، سنڌ سان هڪڙو ٻيو الميو ته اهي عقل کان وانجهيل صحافي به آهن، جيڪي سرڪش سنڌيءَ بابت خبر کي فلمي باڪس ۾ ڇاپي، سنڌ کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته، هن ڌرتيءَ جي حقيقي شعور جي اهميت انهن وٽ ميڊونا، انجلينا جولي ۽ بپاشا باسو جيتري مس آهي. مطلب ته انهن صحافين وٽ شاهه لطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ فلمي اداڪارائن ۾ ڪو به فرق ناهي. ڪيڏو نه الميو آهي. اهي ماڻهو يا ته سرڪش سنڌيءَ جهڙن ڏات ڌڻين جي ڪردار کان واقف ناهن ۽ ڄاڻي واڻي سنڌ جي حقيقي شعور کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. خير سرڪش ته تاريخ جي هر دور ۾ سرڪش ئي رهڻو آهي، پر اهي ڪردار، جيڪي سرڪش سنڌيءَ جهڙن سنڌ دوستن کي روين جا ڏنڀ ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن، تاريخ ۾ اهي ڪهڙي هنڌ بيهندا، ان جو انتظار لطيف جي ديس کي ضرور رهندو.