• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ساره
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ساره

سينيئر رڪن
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!

استاد بخاري

sindhsalamatsaathsal
 
واه ادي واه استاد جو مان جهونو فين آهيان اوهان استاد جي شاعري شيئر ڪري اصل اسان تي وڏا احسان ڪري ڇڏيا مهرباني اوهان جي شل جڙيون هجو
 
اوهان شاعري لکڻ وقت ڌيان ناهيون رکنديون اوهان جيڪا استاد جي شاعري ڏني آهي ان ۾ اهم غلطي ڪئي آهي اها غلطي هي آهي اوهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ امر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اهو ائين ڪونهي هن ريت آهي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عُمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لفظ امر نه آهي عُمر آهي استاد جي اها خوبصورت وائي آهي مهرباني ڪري وري ائين نه ڪجو
اوهان جو پنهنجو جبار بوزدار
 
ادي تمام بهترين شيئرنگ آهي، ۽ توهان جي اهڙين لاجواب شيئرنگس جو انتظار رهندو.
ادا جبار بوزدار اسان آهيون ۽ شاعري کي پهريون دفعو پڙهي آهي، توهان جو ته ڪم ئي شاعري آهي.
 
Back
Top