جواب: مينهان ۽ نينهان ٻئي اکر هيڪڙي ، جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان
ادا وساڻ، سر سارنگ سمورو اهڙو ته سهڻو ۽ عشق مجاز ۽ عشق حقيقي جي نقطن سان ڀريو پيو آهي جو انسان هوند پڙهندي ڪنهن عجب دنيا ۾ غائب ٿيو وڃي ۔۔۔ مٿيون بيت به شاه جي عشق جي انتها تي پهتل حالت جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ سهڻن لفظن ۾ سهڻو احساس بيان ڪري لاجواب ڪري ڇڏيو اٿس ۔۔۔ سر سارنگ کي پڙهندي، انسان پاڻ به سارنگ وهائڻ شروع ڪري ٿو ۔۔۔
خئير ڪجلي اکين جو ڪجل سلامت هجي ۔۔۔
ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سنجهي سيءَ مران،
ڪامــــل! ڪپــــــاهن ۾، پئـــــي ٺـــار ٺران،
تــــاريءَ تــــو تران، جئــــن ورَ وهـــاڻيءَ ورائين۔