هند ۽ سنڌ جو وڏو بزرگ فقير عبدالرحيم گرهوڙي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هند ۽ سنڌ جو وڏو بزرگ فقير عبدالرحيم گرهوڙي​


    فقير عبدالرحيم گرهوڙي سنڌ ۽ هند جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.
    مختصر احوال

    شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، ذات مڱريو، حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لنواري جو وڏو خليفو هو. زماني جي عجائبن ۽ بي نظير هستين مان ٿي گذريو آهي. هُو ڄاپندي ڄام هو. ننچڍي هوندي کان ئي مطالعه جو شوق هوندو هوس ۽ ايتري قدر علمي تبحر حاصل ڪيو جو ساري سنڌ ۾ ملتان کان ويندي ٺٽي تائين جهڙس جيد عالم ڪو نه هو. منقول توڙي معقول ۾ اعلي درجي جي مهارت هيس ۽ مباحصي ۽ مناظري ۾ ايڏو ته دسترس هوس جو ڪو به عالم مٿس غالب پئجي نه سگهندو فقهه جي ميدان ۾ جهڙي تهڙي کي ڪين مڃيندو هو ۽ هميشه پنهنجي اجتهاد تي هلندو هو جيئن هيٺ معلوم ٿيندو.
    ولادت
    گرهوڙي صاحب جي ڄم جي پوري خبر ناهي پر جنهن صورت ۾ سندس شهادت سن ۱۱۹۲ هجري / 1139 عيسوي ۾ واقع ٿي ۽ ان وقت سندس عمر چاليهه سال هئي تنهن صورت ۾ قوي گمان آهي ته سندس ولادت سن ۱۱۵۲ هجري / 1778 عيسوي ۾ ٿي.ڪٿي ڄائو ڪٿي نپيو تنهن جو به پورو پتو ڪو نه ٿو پوي، قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس خيرپور رياست جي مشهور شهر راڻي پور ۾ ٿيو هوندو. سندس والد جو نالو سعدالله هو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو احوال ڪو نه ٿو ملي سندس والده صاحبه سندس شهادت تائين جيئري هئي، پر سندس نالي جي به خبر ناهي. قياس طور چئي سگهجي ٿو ته سندس والدين وڏي هستيء وارا هئا جن اهڙو لاثاني فرزند پيدا ڪيو.
    تازو عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هڪ انگريزي مقالي مان معلوم ٿيو ته بزرگ گرهوڙي کپري تعلقي جي ڳوٺ واڙ ۾ ڄائو هو.

    بشڪريه وڪيپيڊيه
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هند ۽ سنڌ جو وڏو بزرگ فقير عبدالرحيم گرهوڙي

    ادا ممتاز ڇا وڪيپيڊيا سائيٽ اها معلومات سنڌي ۾ ڏئي ٿي؟
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هند ۽ سنڌ جو وڏو بزرگ فقير عبدالرحيم گرهوڙي

    ادا ممتاز سٺي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو