ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
راجا ڏاهر
چچ گھراڻي کي پرهمڻ حڪومت به سڏين ٿا. ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجه ڏاهر چچ جو ننڍو فرزند هو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا ڏاهر چندر، سنڌ جو والي ٿيو جنهن 8 سال حڪومت هلائي. 60ھ مطابق 670ع تي وفات ڪئي ان کان پوءِ راجا ڏاهر سنڌ جي حڪومت جي گاديءِ تي ويٺو، جنهن نهايت دانشمندي، همت ۽ خوش اسلوبيءِ سان 33 سال حڪومت ڪئي. جنهن کان عربي بنو اميه جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ فتح ڪئي
بشڪريه وڪيپيڊيه