سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ​

    [​IMG]
    تعارف

    1845ع ۾ برطانوي فوج ۽ سنڌ جي مير حڪمرانن درميان دٻي جي مقام تي جنگ لڳي، جيڪا مير حڪمران هارائي ويٺا ۽ سنڌ پنهنجي آزاد ملڪ واري حيثيت وڃائي انگريزن جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي وئي. ٻين عالمي جنگ جي اختتام کان ٿورو ئي پوءِ برطانوي سرڪار 1947ع ڌاري سنڌ وطن کي هڪ آزاد ديس جي حيثيت ۾ ڇڏڻ بدران پاڪستان جي بيٺڪ بنائي ڇڏيو ۽ هن وقت تائين سنڌ جو ملڪ پاڪستان جي قبضي هيٺ آهي.
    تاريخ
    سنڌ جو پهريون شهيد
    سنڌ جو اوائلي ترين دور جيڪو تاريخ ۾ محفوظ آهي سو راجا ڏاهر جو دور آهي، جنهن ۾ هن عرب ڦورو قبيلي کان جنگ هارائي شهادت ماڻي. ان ڪري ئي اڪثر سنڌ جا سڄاڻ راجا ڏاهر کي سنڌ جو پهريون شهيد مڃين ٿا. ( نوٽ شهيد هميشه مسلمانن ۾ ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو ) ان عرب قبيلي جي اڳواڻي محمد بن قاسم ڪري رهيو هو، عربن جي انتهائي طاقتور عراق سلطنت سنڌ جي آزاديءَ تي ڪيترا ئي حملا ڪيا، جن جي ابتدا اسلام جي چوٿين خليفي حضرت عثمان جي دور کان ٿِي.
    سندی بولیاںاسلام جو ڦهلاءُ
    عربن جي فتح بعد سنڌ جي هارايل ملڪ کي ۽ ان جي سمورن وسيلن کي عربن پوريءَ طاقت ۽ وس آهر لٽيو. ان کان سواءِ سنڌي ماڻهن کي ڏاڍ ۽ جبر سان مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ آيل عرب ڦورُن نه رڳو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي بلڪه کانئن سنڌي نياڻين جي لڄالُٽَ جهڙا ڪڌا ڪم پڻ سرزد ٿيا. جيتوڻيڪ عربن جي تسلط کان ته سنڌ پاڻ ڇڏائي وئي پر اسلام جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙا اڄ به جاري آهن ( نوٽ پنهنجي مفادن لاء اسلام جو نالو استعمال ڪيو ويندو آهي، ۽ اسلام ڪو انهن کي ائين ڪرڻ لاء ڪو نه ٿو چوي۔ ۔۔۔۔۔ممتاز علي وگهيو ) ۽ پنجاب جا ماڻهو ۽ ٻيون سنڌ دشمن قوتون اسلام جون ٺيڪيدار بڻيل آهن.
    سنڌ جا ڳڀا ڳڀا
    هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجستان سان. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي نصير آباد ڊويزن کي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ايراضي گھٽبي رهي آهي. هن وقت به ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون زورن تي آهن.( انشاء الله اهي پليت ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏبا ۔۔۔۔ممتاز ) تازو ئي سنڌ جي نام نهاد بي اختيار وڏي وزير ارباب رحيم ڪراچيءَ جي 20 هزار ايڪڙ زمين پاڪستاني فوج جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڪستاني حڪومت سنڌ جا ٻه ٻيٽ دبئيءَ جي خانگي ڪمپني امار کي وڪڻي ڇڏيا آهن.

    بشڪريه وڪيپيڊيه
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ

    ادا ممتاز تمام بهترين ڄاڻ ونڊي اٿو ۔۔
    اميد ته ان طرح جون معلوماتي ۽ جرنل ناليج واري مواد سان ڀرپور شيئرنگس ڪندا رهندا۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ

    واھ سائين اهڙي معلومات ڏيندا رهو۔۔۔۔۔۔۔۔ادا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ

    ادا بهترين ونڊ آهي
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ

    ڀاء توهان جا ٿورا ۽ مهربانيون آهن جو منهنجي تحريرن کي پسند ڪريو ٿا ​
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ، سنڌ

    سائين اوهان جي تحريرن کي پسند نه ڪنداسين ته ٻيو ڪنهن کي پسند ڪنداسين۔۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو