• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موئن جو دڙوسنڌ ڌرتي تي موئن جو دڙو هڪ داستان

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌ ڌرتي تي موئن جو دڙو هڪ داستان​

Indusvalleyexcavation.jpg
‏ڳڻپيوڪرَ جُڙِي ور اڏاوَتَ موئن جي دڙي جي هڪ ننڍِڙي حصي کي وري جيئاري ڇڏيو​

هڙپا وانگي، موئن جو دڙو پڻ سکر سنڌ کان 80 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه ۾ واقع سنڌو تهذيبَ جو شهر ھو. اھو يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. اهو هڙپا کان ڪي قدر بهتر سانڍيو سنڀاليو ويو آهي، تنهنڪري اهو پنهنجي تهذيب جي بهتر عڪاسي ڪري ٿو. هڙپا کان موئن جو دڙو 400 ميل پري آھي. اھو چار ھزار کان پنج هزار سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ 1700 ق م ڌاري غير آباد ٿي ويو، جنهن جو سبب شايد سنڌو درياءَ جو رخ مٽائڻ آهي، جيڪو ان تهذيب لاءِ جياپي جو ذريعو هو. ونگڀياسدانن ان کي 1920ع واري ڏهاڪي ۾ دريافت ڪيو.
دامت جي لحاظ کان موئن جو دڙو قابل ذڪر غير معمولي شهر آهي. ان جو نقشو رٿابنديل آهي، جنهن ۾ گھٽين جو تاڃيپيٽو آهي ۽ مٽيءَ جي پڪل ۽ اس تي سڪايل سِرُن ۽ سڙيل ڪاٺ سان اڏاوت ٿيل آهي. پنهنجي عروج وقت، شهر جي آبادي 35 کان 40 هزار هئي. ان کي تنهن دور جو جديد ترين نڪاسي سرشتو هو.


بشڪريه وڪيپيڊيه
 
جواب: موئن جو دڙوسنڌ ڌرتي تي موئن جو دڙو هڪ داستان

اھو چار ھزار کان پنج هزار سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ 1700 ق م ڌاري غير آباد ٿي ويو،

ادا ممتاز اهو ق م منهنجي علم کان ٻاهر آهي مهرباني ڪري ان تي ٿوري روشني وجهندا۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: موئن جو دڙوسنڌ ڌرتي تي موئن جو دڙو هڪ داستان

سائين زاهد صاحب لڳي نه ٿو ته اها ڳالهه اوهان جهڙي هستي تي واضح نه هوندي
ته پوءِ اصل ڳالهه ڪيو
 
جواب: موئن جو دڙوسنڌ ڌرتي تي موئن جو دڙو هڪ داستان

ڀاء توهان جا ٿورا ۽ مهربانيون آهن جو منهنجي تحريرن کي پسند ڪريو ٿا​
 
Back
Top