سنڌ ڌرتي جو سهڻو شهر هالا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ڌرتي جو سهڻو شهر هالا ​

    [​IMG]
    تعارف
    هالا سنڌ جي مشهور ۽ قديمي شهرن مان هڪ آهي. هالا جي ئي ويجھو ڀٽ شاهه لڳ هالا حويليءَ ۾ سنڌ جي قومي شاعر شاهه عبدالطليف ڀٽائيءَ جو جنم ٿيو. هالا دستي هنرن جي مرڪز طور پڻ مقبول آهي.
    ڀونءِ نگاري
    ڀونءِ نگاريءَ پٽاندر هالن جي بيهڪ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ "25 '9 °27 ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ "5 '19 °68 آهي. حيدرآباد کان 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ هالا هن وقت ضلعي مٽياريءَ جو هڪ تعلقو آهي. هالا نوان قومي شاهراه سان لڳو لڳ آهن جڏهن ته هالا پراڻا هالا نوان کان اٽڪل 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهن. قومي شاهراه سان لڳو لڳ هالا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار دروازا آهن، جن کي باب نوح، باب طالب الموليٰ، باب غلام حيدر، ۽ باب جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.
    تاريخ
    هاڻوڪن پراڻن هالن جي ڀرسان هڪ تلاءُ هوندو هو، جنهن جي ڀرسان هالا قوم پنهنجي رهڻ لاءِ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن صورت ۾ ڪنڊ جي معنى آهي تلاءُ، انهيءَ ڪري ڳوٺ تي نالو پيو ”هالا ڪنڊي“ ان ڳوٺ جي بلڪل لڳ ”ٽوڙيء“ نالي ڳوٺ هو، جتي مخدوم نوح جا وڏا اچي آباد ٿيا هئا. مخدوم نوح به ان ڳوٺ ۾ ئي تولد ٿيو. هالا نوان مخدوم نوح جي اولاد مان مخدوم مير محمد 1140هه ۾ ٻڌايو، ڇاڪاڻ جو پراڻن هالن کي ٻوڏ جو خـطرو هو. نئين شهر تي ”مرتضى آباد“ نالو رکيو ويو، پر جيئن ته هي شهر ”هالا“ جو بدل هو، تنهنڪري هن تي عام نالو ” هالا نوان“ ۽ پراڻي شهر تي ” پراڻا هالا“ مشهور ٿي ويو.
    آمد رفت
    هالن کي رسڻ لاءِ حيدرآباد ۽ نواب شاه درميان هلندڙ ڪوچ يا عام بسن تي سوار ٿي سگھجي ٿو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به ذريعو جهڙوڪ ريل رستو نه آهي. هالن ۾ اڃا تائين ٽانگا رائج آهن. ڪجھه عرصي کان چنگچي پڻ هالن جي رستن تي هلي رهي آهي.
    جنڊيءَ جو ڪم
    جنڊيءَ جو ڪمهالن ۾ جڙندڙ جنڊيءَ جون کٽون ۽ پينگھون سڄي سنڌ ۾ پسند ڪيون وينديون آهن. ڪيتريون شيون ته پرڏيهه به اماڻيون وينديون آهن.
    ڪاشيءَ جو ڪم
    ڪاشيءَ جو ڪمڪاشيءَ مان اڪثر شو پيس جوڙيا ويندا آهن. پر ڪاشي ۾ اصل ڪم ڪاشيءَ جِي سِرُن ۾ ٿيندو آهي. هالا جي مشهور نيري ڪاشيءَ جي سِرَ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هالا ۾ مخدوم نوح جي مزار ۽ ڄامشوري ۾ واقع سنڌالاجيءَ اندر ٿيل ڪم هالا جي ڪاشيءَ جو اعلى مثال آهن.
    کاڌيکاڌيءَ جو ڪپڙوڪپڙي جو هيءُ قسم سالن کان جڳ مشهور آهي. اڳي کاڌي اڻڻ جي تمام پراڻي مشين تي ٺاهي ويندي ھئي، جنهن کي آڏاڻو سڏبو آهي. هن وقت آڏاڻن ۾ ڪجھه جدت آئي آهي ۽ تورو گھڻو ڪم بجليءَ تي هلندڙ مشين کان ورتو وڃي ٿو. تنهن هوندي به کاڌي اڻڻ جو ڪم اڃا تائين محنت طلب آهي ۽ کاڌي اڄ به ايئن ئي مقبول آهي جيئن اڳي هئي.
    رلي
    رليرلي سموري سنڌ ۾ عام استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ئي رليون ٺاهيون وينديون آهن. مگر هالن ۾ رليءَ جو ڪم گھڻو ۽ تمام نفيس ڪيو ويندو آهي.
    سنڌي ٽوپي
    سنڌي ٽوپيونسنڌي ٽوپي جيتوڻيڪ سموري سنڌ ۾ پهري ويندي آهي، پر اتر سنڌ ۾ اها وڌيڪ عام آهي. سنڌي ٽوپي هالن جي دستي هنرن ۾ خاص اهميت رکي ٿي.
    ميونسپل نظام
    هالن ۾ هن وقت تعلقه حڪومت جو نظام قائم آهي، جنهن منجھه 4 يونين ڪائونسلون آهن. هالن جي ڪل آبادي 100،000 يعني هڪ لک آهي، جنهن جي اڪثريت سنڌي آهي.

    بشڪري وڪيپيڊيه
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ ڌرتي جو سهڻو شهر هالا

    واھ سائين اوهان جا موضوع هميشه ڪارائتا هوندا آهن
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ڌرتي جو سهڻو شهر هالا

    تمام سٺي معلومات ادا مون ته ورڊ ۾ ڪاپي به ڪيو آهي
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ ڌرتي جو سهڻو شهر هالا

    ڀاء توهان جا ٿورا ۽ مهربانيون آهن جو منهنجي تحريرن کي پسند ڪريو ٿا ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو