هن جديد دور ۾ هر وڏي شي کي ڪمپريس ڪندي ننڍو بڻايو پيو وڃي ۽ رڳو ايترو به نه پر توانائي کي بچائيندي ريچارجيبل پروڊڪٽ لانچ ڪيون پئي وڃن ۔۔۔ اهڙين جديد شين ۾ حاضر آهي مني پاڪيٽ پروجيڪٽر ۔۔۔ جنهن کي توهان سفر جي دوران يا وري ڪنهن به جاءِ تي ڪچهري جي دوران پنهنجي ڊجيٽل ڪيمرا، موبائيل، ليپ ٽاپ، سمارٽ فون يا وري پورٽيبل ميڊيا پليئر سان منسلڪ ڪري پنهنجيون يادگار وڊيوز ۽ تصويرون سنگت کي ڏيکاري سگهو ٿا۔۔۔۔ Toshiba ڪمپني جي LUMILEO P100 نالي هن پروجيڪٽر جي خوبصورت ڊيزائين ۽ استعمال ۾ آسان هجڻ ڪري مقبوليت وڌي رهي آهي۔۔۔ هن جي جديد ماڊل LUMILEO M200 جي اضافي فيچرس جي ته ڇا ڳالهه ڪجي ڇو ته ان ۾ بلٽن ان 2 گيگا بائيٽ جو ميموري ڪارڊ پڻ شامل آهي۔۔۔۔ ۽ ان جي ذريعي ورڊ، ايڪسل، پاور پوائينٽ ۽ پي ڊي ايف فائيلز کي پڻ پريزنيٽيشن جي صورت ۾ ڊسپلي ڪرائي سگهجي ٿو۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين وڊيوز کي ڏسو۔۔۔ LUMILEO P100http://www.youtube.com/watch?v=E7tCavArqfc LUMILEO M200 http://www.youtube.com/watch?v=oEcgyeAcD4s
جواب: مني پاڪيٽ پروجيڪٽر۔۔۔ جادوگر سائين اهڙيون خبرون رسائڻ ته اصل ڪو اوهان کان سکي۔۔۔۔۔ ٽيڪنالوجي تمام وڻندڙ پئي معلوم ٿئي هتي ته اسان وڏا پروجيڪٽر استعمال ڪندا آهيون مهرباني ادا