• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت ٻڍل فقير جي شاعري مان هڪ انتخاب

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪَل لوڪ کي ڪيھي پوي، هن عشق جي اسرار جي؛
ديدار ريءَ ڪانهي دوا، هــن برھه جي بيمار جـي.

عشق جنين سر آئيو، سي محبتي محو ٿيا وتن؛
کويا وتن خمار ۾، ڏٺي ديد تن دلدار جي.

لئون عشق جي جن کي لڳي، سي لاهوتي وڃي لعل ٿيا؛
نعرو هنيائون نينهن جو، ڪيائون ڌڙ سسيءَ کئون ڌار جي.

جن سُرڪ صحبت جي چکي، سي سور نه ڪنهن کي سلن؛
سامي سدا هن سير ۾، وٿي نه ڀائن وار جي.

سر ٻڍل صدقو ڪري، آپي پون آڙاهه ۾؛
شهادت شوق مئون ٿين، اٿن سڪ سچي سردار جي.​
 
جواب: حضرت ٻڍل فقير جي شاعري مان هڪ انتخاب

سر ٻڍل صدقو ڪري، آپي پون آڙاهه ۾؛
شهادت شوق مئون ٿين، اٿن سڪ سچي سردار جي.

بس ادا اها سڪ ئي ته آهي سچي سردار جي جيڪا تارون تار ڪري۔۔۔۔۔ محبوب جي سڪ نه هجي سيني ۾ پو ڪهڙو مزو قبلا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟

مهرباني سائين حضرت سائين ٻڍل فقير جي شاعري اسان سان ونڊ ڪئي اوهان
 
جواب: حضرت ٻڍل فقير جي شاعري مان هڪ انتخاب

زبردست انتخاب آهي اوهان جو۔ اميد ته اهو سلسلو قائم رکندا
 
Back
Top