سنڌ ۾ تباهي ۽ امداد جي ورڇ................!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    غمن جي انڌوناڪ اوڙاهه ۾ ٻڏندڙ جسمن مان نڪرندڙ التجائن جي سڌ شايد ڪنهن کي پلئه به پئي، پر نيڻن مان وهندڙ آب آٿت جا آواز ٻڌڻ کان لاچار ٿي چڪو آهي، نفسا نفسي جا منظر ۽ خاموش صدائون احساس مند روحن کي ڏاري رهيون آهن، هر طرف ڀوائتا منظر برپا ٿي پيا آهن، اکيون ڪنهن جون به ان سانحن کان اوجهل نه آهن روح هر هنڌ رڙن پيا پر جذبن جي جوت هارائي چڪي آهي.
    ملڪ هن وقت خاموشيءَ جي گنام روش ۾ روندجي ويو آهي، پوري دنيا جون نگاهون پاڪستان جي نصيب تي کتل آهن. ملڪ جا سمورا صوبا خاص طور سنڌ سخت ڏکيائيون ڀوڳي رهيا آهن. گڏيل قومن سنڌ جي صورتحال کي جنگ کان پوءِ ٿيندڙ حالتن پٽاندر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پورو عالم پاڪستان سان هن ڏکئي وقت ۾ وس آهر سهڪار ڪري رهيو آهي، اسلامي توڙي دوست ملڪ، آمريڪا توڙي برطانيا سمورا ملڪ پاڪستان مٿان ڪڙڪيل عذاب گهٽائڻ لاءِ فڪرمند آهن. هڪ طرف ٻوڏ ۾ لڙهندڙ لهرن تي افسوس جا آنسو پيا وهن ته ٻئي طرف دهشگردي جا دروزا اڃا بند نه پيا ٿين.
    لاهور ۾ يوم شهادت علي عه واري ڏهاڙي تي نڪتل ريلي مٿان آپگهاتي حملو ڪري 30 کان وڌيڪ انساني حياتين کي اجل جو نشانو بڻايو ويو، اڃا اهي سور ئي نه سڪيا ته ڪوئٽا ۾ يوم القدس جي ريلي مٿان وار ڪري بي گناهه حياتين سان کيڏيو ويو.
    ملڪي سياست هڪ طرف ٻوڏ تي سياست ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف فرانس ۽ خوني انقلاب جون ڳالهيون ڪري عوام کي ويتر هيسائي رهي آهي، ملڪ ۾ ڇاڪاڻ انقلاب جي ضرورت آهي..؟ دهشتگردي ۽ قدرتي آفتن ۾ جڪڙيل عوام ان سوال جو جواب طلبي ٿو.
    شهباز شريف خوني انقلاب جو انتظار ڪرائي رهيو آهي ته الطاف حسين فرانسيسي انقلاب لاءِ جسماني طور تيار رهڻ جو درس پيو ڏئي، ڌماڪن جي راند ۾ رونديل عوام ڪهڙي خوني انقلاب جو انتظار ڪري، عوام مٿان هن کان وڌيڪ ڪهڙو عذاب ايندو. وس وارن جون اهڙيون ڳالهيون متاثرن جي روحن کي جنهجوڙي ڇڏين ٿيون، هو پنهنجي مٿان آٿت جو آسرو پلٽجندو محسوس ڪن ٿا ۽ ڳاڙهي انقلاب لاءِٰ حقيقي معنيٰ ۾ ڇاڪاڻ تيار رهڻ جو سوال ڪن ٿا...؟
    سمورن تباهه ڪارين ۾ سرڪاري ڪارندا ڪهڙا اپاءَ وٺي رهيا آهن، دريائن کي ڪير ڪٽ ڏئي رهيو آهي، ڪنهن جون زمينون بچائڻ لاءِ غريبن جا اجها اکوڙيا پيا وڃن، ڪير به حقيقتن کان واقف نه آهي، حڪومتي نمائندا هڪ ٻئي مٿان الزام بازي مان واندا ٿين ته عوام کانئن پنهنجا گهر ٻڏڻ جو جواز ڀڇي، وفاقي نمائندا ته ڪنهن جي مسئلن ڏانهن نهارين ئي نه ٿا، ڪجهه ئي ڏينهن اڳ صحت جي وفاق وزير سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جو بيمارين وگهي مرڻ وارين ميڊيائي خبرن کي رد ڪندي پنهنجي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. سندس چوڻ موجب سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي گيسٽرو يا ٻي ڪا بيماري نه آهي ۽ ميڊيا جون خبرون بيبنياد آهن. کيس شايد اهو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو ته ڄامشورو، لاڙۡڪاڻو، حيدرآباد، مٽياري ۽ ٺٽي سميت ڪيترن ئي رليف ڪيمپن ۾ ترسيل متاثرن سان ڪهڙي ويڌن آهي، هر روز ڪيترا متاثر پنهنجي حياتي وڃائين ٿا پر وفاق کي پنهنجي محنتن تي فخر آهي. ٻئي طرف سندس بيان کي سنڌ جي ڊي جي هيلٿ رد ڪندي انهن کي ڪوڙ تي مبني قرار ڏنو. ڊي جي صحت سنڌ واضح ڪيو ته سنڌ ۾ 62 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن مان 31 ڄڻا گيسٽرو وگهي فوت ٿيا آهن.
    هڪ طرف عوام ايذائن ۾ اڙيا پيا آهن ته ٻئي طرف سياسي تڪرارن ڏکارن جي ڏکن ۾ ويتر واڌ ڪري ڇڏي آهي.
    سنڌ سان پرڏيهه مان ملندڙ امداد جي ورڇ مان به ناانصافي جا خدشا ڏيکاريا پيا وڃن. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جون اختياريون سنڌ ۾ ٿيل نقصان واري رپورٽ کي قبولڻ کان ئي لنوائي رهيون آهن، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري صلاحڪار قيصر بنگالي اهڙي رپورٽ ۾ اڃا نقصان وڌڻ جا خدشا پڻ ڏيکاريا، شروعاتي رپورٽ موجب ته سنڌ ۾ ساڍا 4 کرب روپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهن کي زميني حقيقتن موجب تيار ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به وفاق ان کي ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.
    سنڌ جي رليف ڪمشنر غلام علي پاشا پنهنجو موقف واضح ڪيو ته وفاقي ادارا سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو گهٽائي رهيا آهن، ٻئي طرف فلڊ ڪميشن ٻن ڏينهن اندر پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي انگ ۾ 62 لک ايڪانوي هزار جو اضافو ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه کي وفاقي ڪامورن خوشي سان قبول ڪيو پر زميني حقيقتن تي مبني سنڌ ۾ ٿيل نقصان جي رپورٽ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جو جوڳو قرار نه ٿو ڏنو وڃي. ٻوڏ بابت وفاقي ڪميشن ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت گذريل مهيني ۾ آيل رپورٽ موجب پنجاب صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جو انگ 19 لک 8 هزار هو ۽ 2 سيپٽمبر تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انگ 82 لک تائين پهچي ويو. ڄاڻايل انگن اکرن سان تباهه ڪارين وارن هنڌن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، تباهه ٿيل ڳوٺن جو انگ 3132 ئي رهيو پر متاثرن جو انگ 62 لک تائين وڌي ويو. ساڳي رپورٽ ۾ سنڌ ۾ تباهه ڪارين جو انگ ساڳيو ئي 40 لک 15 هزار ڄاڻايو ويو، خيبر پختونخواهه جو به 15 لک 63 هزار وارو ساڳيو ئي انگ رهيو پر پنجاب جي انگن اکرن ۾ ايتري واڌ ڪيئن آئي ان جي ڪا ڪل نه آهي، ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو سنڌ آهي، جنهن جو 70 سيڪڙو حصو ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪو آهي، ڪي اين شاهه ۽ جاتي توڙي انڊس هاءِ وي پاڻي هيٺ اچي رهيو آهي، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قبوسعيدخان ٺٽو، نوابشاهه، دادو ۽ سجاول سميت 18 ضلعن واسي دربدر ٿي ويا آهن، پر متاثرن کي امداد جي فراهمي ۾ ٻه اکيائي واري رويي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
    سوال اهو ٿو آهي ته ڇا سنڌ جا خدشا جائز آهن يا پنجاب جو وڌايل انگ زميني حقيقتن تي مبني آهي..؟
    پرڏيهي امداد جي ورڇ ڪڏهن ٿيندي، ڇا امداد جي ورڇ منصفاڻي ٿيندي...؟ ورڇ ڪيئن ٿيندي، وزير اعظم گيلاني ڏيهي توڙي پرڏيهي “اين جي اوز” مٿان غير اعتمادي جو اظهار ڪيو، حڪومتي مشينري اڃا تائين ڪنهن به قسم جي لاڀائتي سرگرمي شروع نه ڪئي آهي. وزير اعظم جي فنڊ ۾ به 2 ارب کان وڌيڪ رقم جمع ٿي چڪي آهي، پر اها ورڇ ڪڏهن ٿيندي..؟
    اڃا تائين ته متاثرن جي تن تان ڦاٽل اجها ڪين لٿا آهن، سندن ڪيمپن ۾ صاف پاڻي به گهڻي قدر نه پهتو آهي. عوام ته بک وگهي موت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي، واڳيل راهن مان رڳو الزام بازي، لٺ بازي ۽ انتظار جا ئي آسرا ملي رهيا آهن، جن کان پنهجا پتڪڙن هٿڙن وارا لخت جگر کسجي ويا تن کي امداد جي آسرو نه آهي، هو رڳو ان جهولي جي ڳولا ۾ آهن جنهن ۾ هو پنهنجن آلن نيڻ مان دل سان ٻه لڙڪ وهائي سگهن، هنن کي ڪنهن به پلاٽ جي ضرورت نه آهي، هو ڪنهن به مستقل رهائش جا طلبگار نه آهن، وس وارن کان رڳو ٻن لڙڪن جي وهائڻ لاءِ پَلَوَ جو پانڌ گهرن ٿا، انهن جي ڳوڙهن کي اگهڻ وارو به ڪير نه آهي. انهن کي بکن جي پرواهه نه آهي، هو جيڪي پنهنجون زندگيون داءَ تي هڻي ٻن مهينن جي ٻارڙن لاءِ جياپو گهري رهيا هئا، انهن جي پوئواري ڪرڻ وارو ڪير آهي، لب سورڻ مهل آواز بدران نڪرندڙ روئڻ جي آواز روڪڻ لاءِ ڪنهن به سندن حامي نه ڀري آهي، کين پنهنجا لخت جگر ته واپس نه ملندا پر ڇا سندن ڏکن جو ازالو ٿي سگهندو......؟
    Hifzullah kaka
    حفظ الله ڪاڪا
    ڪلفٽن ڪراچي
    hafeezkaka@yahoo.com

    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏5 سيپٽمبر 2016
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ ۾ تباهي ۽ امداد جي ورڇ................!!

    ادا تمام بهترين ڳالهه لکي اٿوَ۔۔۔۔ غريب ساڳيو غريب ئي رهندو، ٻن پهرن ۾ بک تي ويٺل ۽ فقط هڪ ويلو کائيندڙ۔۔۔ اهو به ڪڏهن ملندو ڪڏهن نه۔۔ هي امداد اسان جي سنڌين لاءِ‌نه آهي۔۔ توڙي جو حڪومت جو سيٽ اپ سنڌين وٽ آهي۔۔
     
  3. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: سنڌ ۾ تباهي ۽ امداد جي ورڇ................!!

    ادا مست همٿائڻ جو ٿورائتو آهيان۔۔۔۔
    بس ائين پيو محسوس ٿئي ته سنڌ بس سنڌ ئي رهجي ويندي، هيڏيون دعوائون، سربراهيون پر ”شايد“ پڌر جي مفاد ۾ لڪي ويون آهن۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو