حافظ اسدالله شاهه ٽکڙائي رح جا احوال ۽ اٰثار ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ سيد حڪيم حاجي حافظ اسدالله شاهه فدا ولد سيد الهه بخش شاهه 15 شعبان 1285 هه جي متبرڪ ڏينهن اڳيئن جي وقت ٽکڙ ۾ ڄائو. ٽکڙ جي پهرين شخصن مان جن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شهرت حاصل ڪئي، اسدالله شاهه به هڪ هو. تعليم و تربيت سندس پهريون استاد حافظ يوسف هو، جنهن وٽ سنڌي پارسي ۽ فقھ جي پڙهڻ بعد، صرف نون مهينن جي قليل عرصي ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. حضرت صاحب جن جي مريد هئڻ سان گڏوگڏ وٽن مڪتوبات شريف امام رباني مجدد الف ثاني ۽ مڪتوبات خواجه محمد معصوم عروة الوثقيٰ به پڙهڻ شروع ڪيائين. اتان فارغ ٿي، حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتان تحصيل يافته ٿي نڪتو، مگر شاهه صاحب کي اڃان به علم لاءِ گهڻي اُڃ هئي، ۽ علوم حديث پڙهڻ جو ارادو ڪيائين، پر جيئن ته سنڌ جا عالم انهي فن ۾ ڪمزور هئا، انهي ڪري مائٽن کي ٻڌائڻ سڻائڻ کان سواءِ ديوبند هليو ويو ڇو ته کيس خبر هئي ته مائٽ ايڏي دور دراز سفر جي اجازت نه ڏيندا. اتي پهچي، نهايت محنت ۽ جفاڪشي سان پنهنجو سبق سمجهڻ ۽ ياد ڪرڻ لڳو، اتي جو مدرس شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي شاهه صاحب ڏانهن خاص توجه ڏيندو رهيو. هوڏانهن وري مائٽن مٽن کي سندس گم ٿيڻ پريشان ڪري وڌو هو کين اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هي ماٺيڻو ٻار ايترو پري وڃي نڪرندو! اٺن مهينن گذرڻ کان پوءِ شاهه صاحب خود پنهنجي خيريت جو خط لکيو، مائٽن اڃا کيس ڳوٺ آڻڻ جو خيال پئي ڪيو، تنهن کان اڳ سيد ميران محمد شاهه اول جو سرهند شريف ويل هو، ڳوٺ وٺي آيس. طب ۾ سندس استاد ميران محمد شاهه اول هو، ڳوٺ پهچڻ سان شاهه صاحب هٿ هٿ تي رکي اکيون ٻوٽي ويهي ڪين رهيو، مگر علم سان اڳي کان وڌيڪ دلچسپي رکيائين. سندس هڪ عاليشان ڪتب خانه هو، جنهن ۾ پنج ڇهه هزار ڪتاب هئا جي سندس اولاد جي ڪم توجهي ڪري اڏوهي جي نذر ٿي ويا. سنڌ ۾ تحريڪ خلافت جو باني سيد اسدالله شاهه هو، سندس دل ۾ ملت اسلاميه جي محبت جي اها قنديل روشن ٿي، جنهن کيس گهر ويهڻ نه ڏنو ۽ يڪدم تائيد، خلافت ۾ اُٿي کڙو ٿيو. خوش قسمتي، سان کيس نور محمد وڪيل، عبدالجبار وڪيل شيخ عبدالمجيد، پير غلام مجدد سرهندي وغيره جهڙا مخلص ۽ بيلوث نوجوان ڪارڪن ملي ويا، جن جي قومي خدمتن کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي، شاهه صاحب سڄي سنڌ جو دورو ڪري، غافل مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان جاڳايو. شهر جو قاضي ٿيڻ رمضان جي عيد هئي، قاضي ابراهيم شاهه حيدرآباد جي ڪيلڪٽر گبسن کي اڳواٽ آگاه ڪيو ته ”هن عيد تي انگريزن جي خلاف ريزوليشن پاس ڪيا ويندا“ گبسن يڪدم آرڊر ڪيو ته ”جيئن عيدگاهه ڪنٽومنٽ ايريا ۾ آهي، انهي ڪري انگريزن جي خلاف ڪنهن جي زبان مان هڪ لفظ نڪتو ته کيس هڪدم گرفتار ڪيو ويندو!“ خلافتين مجبور ٿي شاهه محمد مڪي واري ميدان تي نماز پڙهڻ جو فيصلو ڪيو ، پر اتي وري ابراهيم شاهه جي ڀاء محمود شاهه اعتراض اٿاريو ته آئون نماز پڙهائيندو آهيان، نيٺ شاهه جي قدمن وٽ نماز پڙهڻ جو فيصلو ٿيو. عيد واري ڏينهن گرمي، ڏاڍي هئي، شاهه جي قدمن وارو ميدان گند ڪچري سان ڀريل هو. نماز پڙهڻ لاءِ نه ڇانو هئي نه وري ڪي تڏا توريون هئا، مگر مؤمنن جي دلين ۾ ذرا به جنبش نه آئي ۽ صفون ٻڌي بيهي رهيا امامت جا فرائض علامه اسدالله شاهه ادا ڪيا. انهي ڏينهن مسلمانن قاضي ابراهيم شاهه سان بائيڪاٽ ڪيو ۽ انهي ڏينهن اسدالله شاهه کي شهر جو قاضي مقرر ڪيو ويو. سندس تقرير نهايت اثر واري ۽ آواز رعبدار هو، پير غلام مجدد ڳالهه ڪئي ته جيڏي مهل شاهه صاحب انگريزن جي ظلم و تشدد جو ذڪر ڪندو هو ته سندس منهن غصي کان لال ٿي ويندو هو ۽ اهڙي پرجوش تقرير ڪندو هو جو ٻڌندڙن جون دليون جوش سان ڀرجي وينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ٻئي هڪ مولوي فيض الڪريم تحريڪ حلافت خلاف هڪ رسالو ”تحقيق الخلافة“ لکيو جو حيدرآباد جي ڪليڪٽر گبسن پنهنجن هٿن سان ورهايو. شاهه صاحب مولوي صاحب جي رد ۾ رسالو ”اثبات الخلافة للدولھ العشمانيه“ لکيو، ۽ کيس اهي ته دندان شڪن جواب ڏنائين جو وري اُسري نه سگهيو. نثر نويسي شاهه صاحب هڪ سٺو نثر نويس هو، بقول سيد ميران محمد شاهه ”قاضي اسدالله شاهه“ باوجود سادي عبارت لکڻ جي به پنهنجي مضمون ۾ دلچسپي جا ڪافي جزا ملائيندو هو، جنهن ڪري سندس مضمون پڙهڻ سان لطف ايندو هو. تصنيفون 1906ع ۾ جڏهن ”مخلص“ مرحوم روپوشي جي حالت ۾ ٽکڙ ۾ موٽي آيو، تڏهن سندس صلاح سان شاهه صاحب هڪ رسالو ”بهار اخلاق“ ٽکڙ مان شائع ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر شاهه صاحب پاڻ هو ۽ جنهن ۾ هر مهيني سندس اعليٰ مضامين ايندا هئا. هي رسالو سالها سال سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو منجهس ان وقت جي مشهور شاعرن ۽ اديبن جا شعر ۽ مضمون هوندا هئا. ”هديه اسديه“ هي ڪتاب شاهه صاحب 1331 هه ۾ شائع ڪرايو، جنهن ۾ رسول الله جن جي علم غيب هئڻ يا نه هئڻ جي مسئلي تي نهايت سهڻي ۽ عالمانه سمجهاڻي ڏني اٿس. ”الانتصار في جواب الاشتهار“ هدايت الله ”مشتاق“ جي لکيل ڪتاب ”ڪوڪب السادات في شرح مناقب السادات“ تي مولوي احمد ابڙي واري جيڪي اعتراض اٿاريا هئا. انهن جي جواب ۾ هي ڪتاب شاهه صاحب لکيو . ”فتح الهادي في رد گمنام حيدرآبادي“ هي ڪتاب هڪڙي عيسائي جي اسلام تي ڪيل حملن جي رد ۾ آهي. شعرو شاعري شاهه صاحب جنهن مڪتب جو شاگرد هو، اتي ٻين سبقن سان گڏ شاعري، ڏانهن توجه ڏنو ويندو هو، انهي کان سواءِ ٽکڙ جي شاعرانه ماحول مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ جو ٽکڙ ۾ اچڻ ۽ ڏينهن رات رس رهاڻيون ڪرڻ، ”حافظ حامد“ جي هر وقت في البديهه غزل گوئي، ”مخلص“ ۽ آغا حسين جان جي صحبت ، هڪ تيزفهم سليم الطبع ٻار جي دل ۾ شعر چوڻ جون امنگون ڪيئن نه اٿارينديون؟ اندازي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب اٽڪل تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو. ”انيس المريدين“ ۾ سندس هڪ اوائلي پارسي شعر آهي، جو پنهنجي مرشد خواجه عبدالرحمان رح جي شان ۾ چيو اٿس، شروعات ۾ سندس تخلص ”اسد“ هو. اڏ ڪه ره گم ڪردگان را بڏ گماڻ رهبر توئي، راست گويم سروران دهررا سرور توئي، اڏ شه ملڪ طريقت، وڏ دلم راچار ه ساز! چارهء بيچارگان دراول و آخر توئي هادئي راه هدايت، مهدئي دوران،بحق، آسمان دين احمد را مھ انور توئي، ڪن نظر برحال زار، بندھ مسڪين ”اسد“، زانڪه اورا دردو عالم نافع ورهبر توئي ترجمو: 1. اي جيڪو تون بيشڪ گمراهن جو رهبر تون آهين، سچ چوان زماني جي سردارن جو سردار تون آهين. 2. اي طريقت جي ملڪ جا بادشاهه اي منهنجي دل کي رستو ڏيکاريندڙ بنان رستي وارن جو رستو اول ۽ آخر ۾ تون آهين. 3. هدايت جي رستي جو رستو ڏيکاريندڙ زماني جو حق جي هدايت يافته احمد صلي الله عليھ وسلم جي دين جي آسمان جو روشن چنڊ تون آهين. 4. مسڪين ٻانهي ”اسد“ جي ڪمزور حالت تي نظر فرماءِ، ڇو ته ان جو ٻنهين جهانن ۾ نافع ۽ رهبر تون آهين. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صاف ۽ سلوڻي سنڌي تمام گهٽ لڀندي سندس ڪلام تي عربي ۽ پارسي رنگ چڙهيل آهي. پارسي ترڪبيون، استعارا، محاورا، تلميحون، تشبيهون، وغيره چڱي قدر ڪم آيل آهن، سندس ڪلام ۾ معياري مضمون سان گڏ لفظن جي بندش ۽ چستي ۽ وزن جي پختگي قابل تعريف آهي. هڪ نعتيه ڪلام ۾ فرمائي ٿو! ڌوم ٿي عالم ۾ شاه انس وجان پيدا ٿيو، اول و آخر، هويدا ۽ نهان پيدا ٿيو، مصدر اربع عناصر، نور جان پيدا ٿيو، مظهر ڪامل، ظهور ڪن فکان پيدا ٿيو، شاهِ شاهان، جانِ جان، جانِ جهان پيدا ٿيو. فخرِ عرش و فخرِ فرش و فخرِ عزو فخرِ جان، فخرِ بطحا، فخرِ طيبه، فخرِ انس و فخرِ جان، فخر آدم فخر روح قدسيان پيدا ٿيو. مخدوم حاجي محمد هالائي جي وفات جي تاريخ سيد اسدالله شاهه ٽکڙائي چئي. ص 85. جناب مولوي حاجي محمد محمدت مظهر، مھ برج مڪارم مطلع الانوار علامه. ت - جناب مولوي حاجي محمد ظاهر تعريف وارو. عزتن جي برج جا چنڊ انوار جي اڀرڻ جي جاءِ علامه. به علم و حلم شرع و ورع وتقوي اوحدو اڪمل، قيام دين محبّ ايزد غفار علامه ت - علم ۽ حلم شريعت ۽ تقويٰ ۾ اڪيلو ڪامل دين جو قائم ڪندڙ الله تعاليٰ جو دوست علامه. فضائل را ازو تحسين فواضل را از و تسڪين نجي الله سمي سرور ابرار علامه. ت - فضيلتن کي ان کان حسن ۽ فاضلن کي ان کان تسڪين ملندي هئي. الله جو نجات واو نيڪن جو سردار علامه. به معقولات بي بدلي به منقولات بي همتا، بي ڪشف معضلات علم گوهر بار علامه. ت - علوم معقولات ۾ بي مثل ۽ علوم منقولات ۾ بينظير علم جي مشڪل مسئلن جي کولڻ ۾ موتين جهڙو علامه. درين قحط الرجال آمده وجودش مغتنم ازبس دريغا رفت ازما احسن الاطوار علامه. ت - هن عالمن جي ڏڪر جي دور ۾ سندن وجود غنيمت بارده آهي افسوس جو اسان کان سهڻو اخلاق جو موڪلائي ويو علامه. شنيده چون ندا ارجعي از عالم غيبي، شده واصل بحق رحلت گزين زين دار علامه. ت - جڏهن ارجعي (روح موٽ) جو آواز غيب جي جهان کان ٻڌائين ته هن گهر کان لاڏاڻو ڪري واصل بحق ٿيو علامه. فضل ايزدي باد ا بهميڻ صدر نشين جنت، به ديدار خدا اوندي بود سر شار علامه. ت - الله تعاليٰ جي فضل سان هميشه رهي جنت ۾ مٿين طبقي ۾ هجي الله تعاليٰ جي ديدار سان معمور ٿئي علامه.