جڏهن سينٽ لوئس سنڌ ٿي پئي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جڏهن سينٽ لوئس سنڌ ٿي پئي​

    [​IMG]

    سڪندر بلوچ

    وطن کان ڪوهين ڏور پري، جڏهن آمريڪا ۽ ڪئناڊا جا سنڌي پنهنجين فيمليز سان گڏ هڪ پليٽ فارم تي گڏجن ٿا ته ٽن کان چئن ڏينهن جو هي سانا ڪنوينشن ڄڻ ته آمريڪا ۾ هڪ ننڍي سنڌ جو ڏيک ٿو ڏئي. جنهن ۾ سنڌي جمالو تي ڊانس کان ويندي، ادبي سيشن، پوليٽڪل سيشن، بحث مباحثا، تعليم، صحت تي سيمينارز ۽ وڏي ڳالهه ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ سوين سنڌي هڪ جاءِ تي گڏائڻ جو ڪريڊٽ سانا کي وڃي ٿو، ڇو ته آمريڪا جا 52 اسٽيٽ ڄڻ ته 52 ملڪ آهن، جنهن جا 4 ٽائيم زون آهن، رڳو ٽيڪاس اسٽيٽ جنهن ۾ اسان رهون ٿا، پنهنجي پاڪستان کان وڏو آهي. هتان جي نفسا نفسي ۽ تيز رفتار زندگي ۾ سانا لاءِ نه صرف سنڌي سڄي آمريڪا مان ڪٽنب سميت هڪ جاءِ تي گڏ ٿين ٿا، پر ڪئناڊا، يورپ، پاڪستان ۽ ڀارت مان به وڏي انگ ۾ دوست اچي هن ڪنوينشن کي مان ٿا ڏين. شڪاگو کان 200 ميل جي مفاصلي تي خوبصورت اسٽيٽ سينٽ لوئس ميزوري، جيڪو ميزوري ندي ۽ تاريخي آرڪ (Arch) جي ڪري سڄي آمريڪا ۾ مشهور آهي، اتي هيءُ ڪنوينشن رٿيل هو. هن ڀيري دعوت موڪلي ته اسان تيارين ۾ هئاسين ۽ سڀني جو پروگرام هو ته جميل دائودي جي اڳواڻي ۾ گاڏين جي قافلن ۾ هلنداسين، نارا هڻندي گيت ڳائيندي. پر منهنجو پروگرام دوست ايم اين اي گل محمد خان جکراڻي جي ڪري جهاز وسيلي ٿي ويو. هو پاڪستان کان سڌو هيوسٽن آيو ۽ سانا جي خاص ڪنوينشن لاءِ هڪ ئي ڳوٺ هجڻ ڪري مان ۽ گل محمد جکراڻي جهاز وسيلي هيوسٽن کان سينٽ لوئس پهتاسين.
    جڏهن شيرٽن هوٽل پهتاسين ته هر طرف سنڌي دوست نظر آيا، شيرٽن هوٽل جا ٻئي فلور سانا ڪنوينشن جي ڪري بوڪ هئا، هر طرف ميلي جو سمان هو. هوٽل جي لابي ۾ سنڌي ڪچهريون، فيمليز جو پاڻ ۾ ملڻ، ٻارن جو وڏن سان اڌ سنڌي ۽ اڌ انگريزي ۾ احوال، مطلب ته مون کي لڳي پيو ڄڻ ته سنڌ جو هڪ ماڊرن ٽائون آهي. ڪنوينشن ۾ صوبائي خودمختياري، 1940ع جي قرارداد تي عمل، وڏن ڊيمن جي ٺاهڻ تي پابندي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ، سنڌ جي پراڻن ضلعن ڪراچي، ۽ حيدرآباد کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ، سنڌ کي تيل ۽ گيس ۾ رائلٽي ڏيڻ، 1991ع پاڻي ٺاهه تي عمل، اين ايف سي ايوارڊ صرف آبادي جي بنياد تي نه ڏيڻ، سنڌي، سرائڪي، پشتو، بلوچي، پنجابي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ سان گڏ 1972ع ٻولي ايڪٽ کي بحال ڪرڻ بابت ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ان موقعي تي عبدالعزيز ناريجو ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ڊوميسائيل رکندڙ نوجوانن جي داخلائن تي پابندي خلاف ٺهراءُ به ايوان ۾ پيش ڪيو. ڊاڪٽر مٺل وڪاسي شاهه سائين جي سورمين تي ڳالهايو ۽ پنهنجي ريسرچ پيش جتي ٻيا سيشن هليا، اتي اسان جي سنڌي ڀينرن جو به پاڻ ۾ ميٽرمونيل سيشن ٿيو، جنهن ۾ ادي زيب آغا، ادي فيروزه ميمڻ، فوزيه جميل دائودي، ثنا قلياڻي، نسرين ترين، اسما لاکو، نيتا، اصلاح قلباڻي پيش پيش هيون. هنن ادين جو سانا جي فنڪشن کي به ڪامياب ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ آهي. اهو به ٻڌائيندو هلان ته سانا جو ميٽرومونيل به ڪافي ايڪٽوِ آهي، جنهن ۾ سنڌي فيمليز کي هڪٻئي سان ملائڻ ۽ باجوڙ رشتا ڪرائڻ ۾ به مدد ڪئي ويندي آهي، ادي فيروز ۽ زيب آغا اتي ميٽرومونيل جا انچارج آهن. صحت جو سيمينار خاص ڪاري ڪامڻ تي سائين اقبال ترين ڪنڊڪٽ ڪيو، جنهن ۾ ٽريسا جيڪا هيپاٽائيٽس فائونڊيشن آمريڪا جي چيئرمين آهي، خصوصي شرڪت ڪئي ۽ پنهنجو مشاهدو ٻڌايو. آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافي دوست ڊاڪٽر منظور اعجاز پنهنجي خاص پنجابي تقرير ۾ چيو: هي واحد تنظيم آهي، جنهن 25 سال Survive ڪيو ۽ سڀني آمريڪين سنڌين کي متحده ڪيو ۽ هيءُ واحد پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ چارئي ڏينهن سڄي ڪنوينشن کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ Conduct ڪيو وڃي ٿو. بهرحال سانا ۾ جتي ڏينهن جون تقريبون پنهنجي جوش ۽ خروش سان جاري هيون، اتي رات جو محفلون به مچنديون هيون، جنهن ۾ ادبي ڪچهريون، بحث مباحثا، ٽهڪ، مرڪ، خوشيون، ڏک ونڊيندي نظر آيا، اهي دوست جيڪي آمريڪا ۾ رهندي سال ۾ هڪ ڀيرو ملندا آهن، ڇو ته زندگي تيز ۽ ڏکي آهي، اتي سانا هتي جي سنڌي دوستن کي به اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي، جتي هو پاڻ ۾ ملي سگهن، قرب ڪچهريون ڪري سگهن.
    بشڪريه ڪاوش اخبار
    http://www.youtube.com/watch?v=y3fdTH_Vog8&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=1k2AKpwYjv0
    http://www.youtube.com/watch?v=mdh1OCM5yU8&feature=related
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جڏهن سينٽ لوئس سنڌ ٿي پئي

    ادا بهترين ونڊ۔۔۔۔۔۔۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو