• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ سنڌي اديب زيب سنڌي ولد عبدالستار شيخ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
هڪ سنڌي اديب زيب سنڌي ولد عبدالستار شيخ​

2uz593s.jpg


زيب سنڌي جو اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ آهي. سندس ولادت 7 سيپٽمبر 1957 تي خيرپور ميرس ۾ ٿي, سندس اصل شهر لاڙڪاڻو آهي. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ناول نگار ۽ ريڊيو، ٽيلي ويزن جو ناميارو ڪمپيئر آهي.

ڪهاڻين جي چئن ڪتابن سوڌو سندس 13 ڪتاب ڇپيل آهن. ” ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر “ ۽ ” حيدرآباد 47 ڪلوميٽر “ سندس ڪهاڻين جا اهم ڪتاب آهن. سندس ترجو ڪيل ليلا خالد جي آتم ڪهاڻيءَ ” اسان زندهـ رهنداسين “ جا ڪيترا ئي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.

زيب سنڌي 1981 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي. 1988 ۾ ريڊيو جو پروڊيوسر ٿيو پر سگهو ئي اها نوڪري ڇڏي ليڪچرار ٿيو. هن وقت سچل آرٽس ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان ڪمپئرنگ وسيلي لاڳاپيل آهي.

زيب سنڌي ڪهاڻيڪار سان گڏ ڪامياب ڊراما نويس به پڻ آهي. پاڻ اردو توڙي سنڌي ۾ 9 ڊراما سيريلز،5 ٽيلي فلم ۽ 25 سولو ڊراما پاڪستان تيلي ويزن، ary, hum tv,ktn, sindh tv, mehran tv, awaz tv ۽ ٻين چينيلز لاءِ لکيا جيڪي پڻ ڪامياب ٿيا. سندس اردو سيريل جانشين پاڪستان ٽيلي ويزن جي تاريخ ۾ مقبوليت جو رڪارڊ ٺاهيو ۽ ptv جي تاريخ جو رڪارڊ بزنس حاصل ڪيو. جڏهن تـ سندس اردو ڊراما سيريل انجاني راستي ۽ ٽيلي فلم سيتا زينب پڻ تمام گهڻو مقبول ٿيون.زيب سنڌي کي پي بي سي ايوارڊ (بهترين ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپئر) بهترين ليکڪ جو ڪي ٽي اين ايوارڊ، سنڍ يونورسٽي پاران مڄتا شيلڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪارگردگي ايوارڊ سوڌو ڪيترا ايوارڊ مليل آهن.

بشڪريه وڪيپيڊيه
 
جواب: هڪ سنڌي اديب عبدالستار شيخ عرف زيب سنڌي

7 سيپٽمبر تي سندن ڄم جو ڏينهن آهي، مان سندن کي فيس بوڪ تي مبارڪ باد به ڏني آهي۔۔
 
Back
Top