• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن


حيلم باغي

اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون
پرهه مک تي جھومڪ جيان سي سجايون

نه پاتي اسان ڪا به مالها نه پاتي
چنبيليءَ وليون هر اڱڻ تي لڳايون.

اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي
اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون.

تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي
وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.

پئي چنڊ تڙپيو ستارا پئي مڇريا
اسان تنهنجيون پلڪون چپن تي گھمايون.

هي لڙڪن جا موتي هي آسن جا کنڊر
هي پنهنجيون ڪمايون هي پنهنجيون لٽايون.

اسين جوڳي نيريءَ نگر جي ڪنڌيءَ تي
پيا جوڻ ڪنهن چنڊ چمڻ لاءِ مٽايون.​
 
جواب: اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون

ادا حليم باغي جي ڇا ڳالهه ڪجي، تمام خوبصورت شاعري ۽ سندس انداز آهي، حليم باغي ته منهنجو به پسند جو شاعر آهي اهڙي ونڊ لاء مهربانيون ۽ ٿورا


0.jpg
http://www.youtube.com/watch?v=Vx1Jez2LK1Q

http://www.youtube.com/watch?v=veIXsJGQytw&feature=related
 
جواب: اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون

زبردست ۔ حليم جي شاعري جي ڇا ڳاله ڪجي
 
جواب: اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون

ادا عاشق۔۔۔۔ تو مهان شاعر حليم باغيءَ جي شاعري ته ضرور ونڊ ڪئي آهي پر ان ۾ سور پنهنجا ڏسيا آهن۔۔۔ ها ها ها، ڇو ته عاشق مجبور آهه۔۔۔
 
جواب: اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لُٽايون

ادا عاشق۔۔۔۔ تو مهان شاعر حليم باغيءَ جي شاعري ته ضرور ونڊ ڪئي آهي پر ان ۾ سور پنهنجا ڏسيا آهن۔۔۔ ها ها ها، ڇو ته عاشق مجبور آهه۔۔۔

ها ادا مست واقعي مان مجبور ٿي پيو آهيان۔۔۔۔قسم سان الائي ڇو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بس ڳالھ سمجهم ئي ڪان ٿي اچي۔
پسند ڪرڻ جي مهرباني،
 
Back
Top