سونهاري سنڌ جي ڪراچيءَ جا استاد راڳي گل حسن ڪلمتي استاد محمد جمن: ڪراچي جو ذڪر ڪراچي جي استاد فنڪارن کان سواءِ مڪمل نه آهي، فنڪارن ۾ ڳائڻ جي شعبي ۾ محمد جمن جي ذڪر کان سواءِ ڪراچي جي تاريخ ۽ سنڌي موسيقي اڌوري آهي. جڏهن به سنڌي موسيقي جو ذڪر ٿيندو ته محمد جمن جو نالو اڳڀرو هوندو. محمد جمن جا وڏا اصل لسٻيلي بلوچستان جا هئا پر محمد جمن هاڻوڪي ڪراچي ڪوهستان جي ننڍڙي ڳوٺ هاجر ڪارو ديهه ڪنڊ جهنگ ۾ ڏهين آڪٽوبر 1935ع ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هن وقت يونين ڪائونسل گڏاپ، گڏاپ ٽائون ۾ آهي، جتي اڄ به ڪو پڪو ۽ مٽي جو به گهر ڪونهي، سڀ گهر ڪکاوان آهن، سندس پيءُ جو نالو هاجي احمد هو، محمد جمن خانداني سازن وڄائڻ وارو هو. راڳ جي باقاعده سکيا هن استاد نظر حسين کان ورتي جيڪو ميڊم نورجهان جو به استاد هو. شروع ۾ محمد جمن ريڊيو تي بانسري وڄائندو هو ۽ ريڊيو تي ملازم به هو. آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته اتي موسيقار جي حيثيت سان موڪليو ويو. هن شاهه جي صوفياڻي رنگ ۽ شاهه کي نيٺ سنڌي رنگ ۾ پيش ڪيو، استاد محمد جمن سنڌي فلم ”تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ“ ۽ اردو فلم ”ڪالو مڪراني“ لاءِ ڳايو به هو. استاد محمد جمن اردو، سرائيڪي، سنڌي ۽ بلوچي ۾ ڳايو. ڪراچي ۾ استاد محمد جمن عثمان ڳوٺ جيڪو ڳجهڙي ڍوري جي ڪپ تي حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي سامهون آهي، رهندو هو. 24 جنوري 1990ع استاد محمد جمن اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. استاد شفيع محمد جمن: استاد جي حياتي ۾ سندس پٽ شفيع محمد جمن ڳائڻ واري سفر ۾ پير پاتو، استاد محمد جمن جي شاگردي ۾ هن اهو سفر شروع ڪيو، شفيع جمن 20 جنوري 1956ع ۾ ڪراچي ۾ عثمان ڳوٺ ۾ ڄائو. شفيع ۽ استاد جمن جي آواز ۾ ڪو فرق نه هو. شفيع به استاد جون سڪون لاهيندو هو. شروع ۾ هو محفلن ۾ پيءَ سان گڏ ويندو هو. شفيع به پيءُ وانگر ڳائڻي سان گڏ موسيقار به هو. ريڊيو ۽ ٽي وي جي مختلف پروگرامن جو ڪمپوزر هو. 28 آگسٽ 2002ع ۾ هي امر آواز به هميشه لاءِ بند ٿي ويو. سندس والد جي ڀر ۾ شفيع کي به دفنايو ويو ۽ ايئن موسيقي جي هڪ تاريخ دفن ٿي وئي. محمد جمن جو هڪ پٽ اويس جمن به آهي. استاد محمد حسن انگياڻي: ملير ڪينٽ لڳ ٿڌي نئين جي ڪپ تي ديهه کرکري جو علائقو شروع ٿئي ٿو. هتان جي هڪ ڳوٺ ۾ سنڌي موسيقي جو روشن نانءُ استاد محمد حسن انگياڻي 1938ع ۾ پيدا ٿيو. استاد پاڻ هن ڳوٺ جو نالو کاکڙ ٻڌائي ٿو پر ديهه کاکڙ وارو علائقو هن وقت يونين ڪائونسل لانڍي ۾ آهي ۽ جيڪو ميمڻ ڳوٺ کان پوءِ ملير ندي جي پراڙ وارو علائقو آهي. استاد جنهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هن جو نالو خيال آهي ته ڳوٺ صالح محمد رونجهو آهي. هي قديم ڳوٺ ديهه کوکري ۾ ٿڌي نئين جي ڪپ تي ملير ڪينٽ سان لڳ آهي. استاد محمد حسن جو پيءُ محمد فقير (ممون فقير) به ڳائڻو ۽ طبلي نواز هو، ڪنهن وقت ۾ استاد جا ٻه ڀائر الهڏنو (شيدو) ۽ محمد حسين به استاد سان گڏ محفلن ۾ ڳائيندا هئا. اڳتي هلي هن فقط موسيقاري جي پاسي ڌيان ڏنو ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي ڪمپوزر جي حيثيت سان هن پاڻ کي مڃرايو. سنڌي کان سواءِ بلوچي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ گيت ڪمپوز ڪندو آهي. موسيقار شاهد ڀٽو سندس شاگرد آهي. سندس پٽ غلام مرتضيٰ به ڳائيندو آهي. سنڌي جي اڪثر فنڪارن سندس ڪمپوزيشن ۾ ڳايو. استاد محمد ابراهيم: استاد محمد ابراهيم جيڪو 1920ع ۾ ڪڇ ۾ احمد ڪڇي گهر ۾ ڄائو. استاد محمد ابراهيم جي جاءِ پيدائش ڀڄ کان ڇٽيهه ميل پري ڳوٺ سيلايا آهن. ورهاڱي اڳ استاد محمد ابراهيم ڪراچي آيو. جتي هن ڪراچي بندر تي انجينئر ورڪس کاتي ڪياماڙي ۾ نوڪري ڪئي. ڳائڻ جي شوق ڪري نوڪري ڇڏائجي ويس، شروع ۾ هو ڪڇي ۾ ڳائيندو هو. سنڌي سکڻ کانپوءِ هن سنڌي راڳ ۾ نالو پيدا ڪيو. استاد محمد ابراهيم اردو جو سٺو راڳي هو. سنڌي، اردو کان سواءِ بلوچي، سرائيڪي، گجراتي، ڪڇي ۽ پشتو ۾ به ڳايو، ماسٽر محمد ابراهيم جي ڳايل نغمن جو ڳاٽيڻو هزارن ۾ آهي. ماسٽر سنڌي فلمن ۾ به گانا ڳايا. ماسٽر محمد ابراهيم ورهاڱي کان پوءِ ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم ”عمر مارئي“ جا نغما ڳائي هن پهرين ورهاڱي کان پوءِ ٺهندڙ فلمي نغمن ڳائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. روبيا قريشي، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، زرينا بلوچ سندس پٽ احمد ابراهيم، سشيلا مهتاڻي ماسٽر جي شاگردن مان آهن. 1997ع ۾ ماسٽر ابراهيم اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن آهي. سندس پٽن ۾ نور محمد بالا سٺو شاعر هو ۽ ٻيو پٽ احمد ابراهيم به ڳائيندو هو. استاد عبدالله پنهور: عبدالله پنهور فيبروري 1937ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. ان وقت ٺٽو ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. سندس پيءُ حاجي سليمان يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳائيندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪراچي جي وسندي لياري ۾ اچي رهيا هئا. عبدالله پنهور کڏي جي مدرستي جامعه مظفر العلوم مان ميٽرڪ پاس ڪري پڙهائڻ واري پيشي سان وابسطا رهيو، ڳائڻ جي شوق ڪري ماستري واري نوڪري ڇڏائجي ويس، پوءِ مختلف پرائيويٽ ادارن ۾ مزدور يڪندو رهيو. عبدالله پنهور سنڌي کان سواءِ بلوچي، اردو، سرائيڪي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به ڳائيندو آهي. عبدالله پنهور جي ڳايل نغمن جو انگ هزارن ۾ آهي، ڪو وقت هو جو ماڻهو شاديءَ جون تاريخون به استاد کان پڇي پوءِ ٻڌندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو ايترو مصروف هو جو هن وٽ ٻن ٻن مهينن تائين محفلون بڪ هونديون هيون. هن وقت استاد ڪنڀار واڙي لياري ۾ رهي ٿو. انهن استاد ڳائڻن ۽ موسيقار کان سواءِ ڪراچي ۾ سنڌي فن جي خدمت ڪندڙن ۾ عبدالله ڪڇي، موسيٰ هسين سمون، مولا بخش لاسي، سيد سليمان شاهه، ڪارو شيخ، ماسٽر اياز ڪڇي، عبدالله ڪڇي جو پٽ غلام علي ڪڇي، بنيجو نواز بلاول بليجم، موسيقار عبدالله بيمتيو، ابراهيم حيدري وارو، ثمينه ڪنول، طفيل سنجراڻي جيڪي سنڌي بلوچ، اردو ۽ سرائيڪي ۾ ڳائيندا هئا ۽ ڳائي رهيا آهن، دلچسپ ڳالهه هي آهي جو انهن ۾ گهڻن فنڪارن جو واسطو سواءِ استاد محمد جمن، شفيع محمد جمن، استاد محمد حسن جي سڀني جو واسطو لياري سان آهي، گهڻا پنهنجي علائقن مان لڏي هميشه لاءِ لياري جو حصو ٿي ويا. جن ۾ سيد سليمان شاهه جيڪو ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ لياري ۾ جمن شاهه پلاٽ تي رهيو ۽ ميوا شاهه ۾ دفن ٿيو. مولا بخش لاسي اٿل مان اچي ميران ناڪي تي رهيو ۽ اڄ به هتي رهي ٿو. ڪارو شيخ ٺٽي مان اچي لياري کي وسايو. بلوچي فنڪارن جو ذڪر جن جو تعلق ڪراچي سان آهي، لياري ۽ ملير واري بابن ۾ ڪيل آهي. ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان گهڻن سريلن فنڪارن گوين ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ پنهنجي خوبصورت آواز ۾ اردو ڳائڻ کي بلندين تي پهچايو انهن مان هڪ نالو مهدي حسن جو به آهي. انڊيا جي نالي واري ڳائڻي لتا جو بقول ”مهدي حسن جي گلي ۾ ڀڳوان رهي ٿو“ مهدي حسن کان سواءِ ٻين ڳائڻن ۾ حبيب ولي محمد، محمد علي شهڪي، عالمگير، زوهيب حسن، مرحوم نازيا حسن، جنيد جمشيد، سجاد علي، حسن جهانگير ۽ ٻين عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. (ڪتاب، ۡ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ تان ورتل)
جواب: سونهاري سنڌ جي ڪراچيءَ جا استاد راڳي واھ ادا اوهان جي معلوماتي ونڊ آهي،،،،،،شيئر ڪرڻ جي مهرباني