• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميرانپور (ضلعو نوشهروفيروز)

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ميرانپور (ضلعو نوشهروفيروز)​

ڪائونسلر
ميرانپور، سنڌ جي ضلعي نوشهري فيروز، يونين ڪائونسل ڀانڀري جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. ڳوٺ ۾ اڪثريت پلھہ ذات جا آهن، ٻيون ذاتيون قريشي ۽ شاه آهن.

تاريخ‏‏ميرانپور جيڪو پنهنجي اوائلي دور ۾ سخاوت ۾ مشهور هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريز سنڌ تي قابض نه ٿيا.
تعليم
ميرانپور ۾ ٻه پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ به ڪيترا ئي اسڪول آهن.

آبهوا‏‏ميرانپور منجھند جو تمام گرم ۽ راتيون تمام ٿڌيون ٿينديون آهن. سيارو به اڪثر تمام ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 50 درجا سينٽيگريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته ميرانپور ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري ميرانپور جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.
ميرانپور ڳوٺ اپگرهه کان ڏسجندي ڀُون نگاري
ميرانپور ضلع نوشهرو فيروز جي اوڀر ۾ واقع آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ "57'26.43 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ"14'68.16 درجا (اوڀر) تي، نصرت واھ جي اُلهندي ڪپَ تي واقع آهي. ميرانپور جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا ڳوٺ آهن، جهڙوڪ انب خاصخيلي، مبيجا، عباس ملو(راڄپر)، سيال، پنجابي ۽ مري ڳوٺ واقع آهن.
معاشيات‏‏ ڀاڄيون، ميوا، ڪڻڪ، چانور،ڪمند ۽ ڪپهه وغيره آهي.
آمدورفت‏‏ميرانپور ڪچن رستن سان مختلف شھرن سان ملي ٿو هاڻي مرحوم حاجي ادريس جي پٽن جي ڪوشش سان پڪو روڊ جو ڪم هلي رهيو آهي.
ماڻهنگاري
ماڻهسيه Population جي لحاظ کان ميرانپور سنڌ جي وڏن ڳوٺن ۾ شمار آهي. هن وقت ان جي ماڻهسيه لڳ ڀڳ ست هزار ٽي سَو ايڪٽيھ 7331 آهي. ميرانپور جي آباديءَ جي اڪثريت پلھ ذات تي مشتمل آهي.

ميرانپور پنهنجي مذهبي رواداريءَ باعث پڻ مشهور آهي. اتي ٻه فرقا ۽ سندن مسجدون به الڳ الڳ آهن.

بشڪريه وڪيپيڊيه
 
جواب: ميرانپور (ضلعو نوشهروفيروز)

ادا ممتاز توهان جي مهرباني جو توهان وقت سان گڏ اهڙا بهترين ونڊ ڪندا رهو ٿا۔۔
 
Back
Top