ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
وڏو وزير ۽ ذوالفقار مرزا ٻوڏ متاثرن جي ڪراچي ۾ آبادڪاري جو واعدو پاڙين:بشير قريشي
ملير (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته سنڌ مان ڏيڍ ڪروڙ متاثر ٿيل ماڻهن مان 50 لک متاثر بک ۽ بيماري وگهي مرڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اتر کان لاڙ تائين هٿ سان بند ٽوڙي جيڪا تباهي آندي وئي آهي. ان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ ايڏي وڏي تباهي بندن تي حساس ادارن جي نگراني ۾ آئي آهي. متاثرن کي آباد ڪرڻ لاءِ سرڪار وٽ ڪابه منصوبابندي نه آهي. بشير قريشي چيو ته شهرن ڏانهن ايندڙ متاثر بي يارو مددگار روڊن، رستن ۽ کليل آسمان هيٺان پيا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزير ذوالفقار مرزا جيڪي پاڻ کي سنڌ جو سڄڻ چون ٿا انهن متاثرن کي ڪراچي ۾آباد ڪرڻ جا وڏا واعدا ڪيا پر اڄ متاثرن جي ڪراچي ۾ حالت انتهائي خراب آهي ۽ کين ڪراچي مان واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن وقت اهي پنهنجو واعدو پاڙين. هن چيو ته ڪراچي مان متاثرن کي مختلف ڪارروايون ڪري تڙيو پيو وڃي ۽ گذريل ڏينهن ڊالميا واري علائقي ۾ رهندڙ متاثرن تي پوليس گوليون وسائي واپس موٽي وڃڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون. روينيو عملو ته هاڻي اهو چوي ٿو ته متاثرن کي کاڌو نه ڏنو وڃي. هو بک مري واپس موٽي ويندا. پر اسين حڪمرانن کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جڏهن هي بکايل ماڻهو اٿيا ته اوهين نه رهندا. هن چيو ته جڏهن ڪراچي ۾ افغاني، بنگالي، بهاري ۽ لکين ڌاريا اچي آباد ٿي سگهن ٿا ته متاثر ته ڌرتي ڌڻي آهن. ڪراچي ۾ ڇو نه ٿا رهي سگهن. جسقم چيئرمين چيو ته غيرتمند مڙس جي زبان هڪڙي هوندي آهي. متاثر سنڌين سان واعدو ڪندڙ حڪمران به پنهنجي زبان تي قائم رهن ۽ واعدي مطابق متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪن. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ بهرام خان لوهر، جيئندل شاهه، جساف جو مرڪزي صدر حبيب ڀٽو، اويس ڏهر، ضمير حاجاڻو، علي نواز مستوئي ۽ درياهه خان عمراڻي به موجود هئا.
عوامي آواز جي ٿورن سان

عوامي آواز جي ٿورن سان