ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
حڪمرانن هٿ سان سنڌ ٻوڙائي آهي، روز سوين ماڻهو بيمارين ۾ مرن پيا: قادر مگسي
ڀٽ شاهه (رپورٽ : خورشيد ٻگهيو) جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ٺل، شڪارپور، اوستا محمد، غوث پور، ڪرم پور سميت سنڌ جي ٻين علائقن جي ٻوڏ متاثرن ۾ پيپلز ليڊيز ونگ ضلعي مٽياري جي صدر فردوس ابڙو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قادر مگسي، سنڌ قومي محاذ جي صدر رياض چانڊيو، ڀٽ شاهه پهچي متاثرين ۾ کاڌ خوراڪ، عيد جا ڪپڙا، جوتا، بسترا ۽ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪتاب ورهايا. انهي موقعي تي فردوس ابڙو چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت سامان گڏ ڪري ڏکويل خاندانن کي عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ ڏنو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين قادر مگسي فنڪارن جي هاسٽل ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ پهچي متاثرن ۾ سامان ورهايو. انهي موقعي تي قادر مگسي چيو ته حڪمران متاثرن کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن. موجود حڪمرانن سنڌ کي هٿ سان ٻوڙائي لکين ماڻهن کي بي گهر ۽ بي سهارا ڪري ڇڏيو آهي. بيمارين سبب سوين مرد، عورتون ۽ ٻار فوت ٿي رهيا آهن پر اسلام آباد ۾ ويٺل اقتدار ڌڻي چون ٿا ته سنڌ ۾ متاثرن ۾ ڪو به گيسٽرو وگهي فوت نه ٿيو آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، درگاهه شاهه ڀٽائي تي ٻوڏ جي متاثر عورتن ۽ ٻارڙن ۾ عيد جا ڪپڙا، خوراڪ جو سامان ورهايو. انهي موقعي تي هن چيو ته حڪمرانن بند کي ٽوڙائي پوري سنڌ کي ٻوڙائي لکين خاندانن کي بي گهر ڪيو آهي
عوامي آواز جي ٿورن سان
عوامي آواز جي ٿورن سان