• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عجائبِ عالم

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اهرامِ مصر
great-pyramid-sphinx.jpg

مصر جي فرعونن پنهنجن مميز يا لاشن کي هميشه محفوظ رکڻ لاءِ مصر جي شهر قاهره جي ويجهو ريگستان ۾ وڏيون بلند وبالا عمارتون ٺهرايون انهن ۾ خوفو جو اهرام 13 ايڪڙن تي مشتمل رقبي تي پکڙيل آهي جنهن جي بلندي 482 فُٽ ۽ 450 جي وچ ۾ آهي۔۔۔ هن جي ايراضي 755 چورس فٽ آهي جنهنجي اڏاوت ۾ 25 ٽن وزني 23،00،000 چوڪور پٿرن جا ٽڪڙا استعمال ڪيل آهن۔۔۔۔ اهرامِ مصر جو بيناد چوڪنڊو پر مٿيون حصو ٽڪنڊو ٿيندو آهي جيڪو هڪ نقطي تي ملندو آهي۔۔۔
2800 قبل مسيح ۾ اڏيل هي واحد عجوبو آهي جنهن جا نشان اڃان تائين موجود آهن۔۔
اهرامِ مصر سان گڏ ئي ابوالهوال جو مجسمو جيڪو تقريبن 4500 سال پراڻو آهي... 1988 ۾ يونيسڪو هن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ۽ 1998 ۾ تقريبن 2.5 ملين ڊالر خرچ ڪري مڪمل ڪري ورتو....
بابل جا باغ
hanginggardens1.jpg

6 صديون قبل مسيح بابل جي بادشاه بخت نصر پنهنجي محبوبه ملڪه امهويا کي خوش رکڻ لاءِ باغ اڏايا هئا جنهن جي بلندي 350 کان 375 فٽ آهي جنهن جي مٿان هڪ چشمو پڻ موجود هو جيڪو هر وقت پاڻي سان ڀريل هوندو هو جنهن جي ذريعي انهي باغ کي پاڻي ڏنو ويندو هو۔۔۔۔
زيورس جو اولمپيا مجسمو
zeus_461.jpg

500 سال قبل مسيح مشهور يوناني فيريئس نالي سنگ تراش ۽ مجسمه ساز اولمپيا ۾ هي مجسمو ٺاهيو هيو.... سنگِ مرمر مان بڻايل هي مجسمو 40 فٽ بلند ۽ هن تي سون، چاندي ۽ هاٿي جي ڏندن سان سينگاريل آهي.... هن وقت هن مجسمي جا آثار تقريبن ختم ٿي چڪا آهن

آرٽيمس يا ڊيانا جو مندر
capture125200682558_pm.jpg

ايشيا جي ملڪ ڪوچڪ جي شهر هيلي ڪانو م ملڪه آرئميشيا پنهنجي مڙس بادشاهه مسوليس جي ياد ۾ هي مقبرو ٺهرايو هيو... هي مقبرو هڪ وڏن وڏن ٺُلهن ۽ مٿاهين تي اڏيل هيو پر هاڻي ان جا آثار مڪمل طور تي ختم ٿي چڪا آهن

چين جي عظيم ڀت
china-great-wall-of-china.jpg

چين جي شهنشاهه چن شي هوانگتي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي هن ڀت کي 228 قبل مسيح ۾ ٺهرايو هيو.... هي ڀِت تقريبن 1600 ميلن تي مشتمل آهي جيڪا پٿرن ۽ مٽي جي تعمير ڪيل آهي...

تاج محل
taj_mahal_01.jpg

مغل بادشاهه شاهه جهان پنهنجي زال ممتاز محل جي ياد ۾ هي خوبصورت مقبرو (تاج محل) ٺهرايو ... هي محل 20 هزار ڪاريگرن 18 سالن جي عرصي ۾ ٺاهيو... تاج محل جو نقشو ايران جي مشهور ماهر عيسيٰ ٺاهيو هيو.....

پيسا جو جهڪيل مينار
leaning%20tower%20of%20pisa.jpg

هي مينار اٽلي جي شهر پيسا ۾ واقع آهي... جيڪو مسلسل جهڪندو رهي ٿو... 1999 ۾ هن جي مرمت ڪئي وئي هئي.....
 
تمام پياري ۽ حيرت ۾ وجهندڙ معلومات آهي انهن مان ڪافي شين جي مون کي خبر نه هئي اهڙي معلوماتي شيئرنگ لا۽ وڏي مهرباني ادا
اهڙي شيئرنگ جاري رکجو .
 
ادا رشيد اوهان جي معلوماتي شيئرنگ لاءِ ٿورائتا آهيون۔۔۔۔


اهڙين معلوماتي لکڻين جي لاءِ اوهان کي جس هجي۔۔۔۔
 
پر ادا رشيد اسان ته هنن لاء به ٻڌو آهي ڪجهه وضاحت ڪيو ته مهرباني

ابو الهول جو مجسمو

sphinx_01.jpg


موسولس جو مقبرو
computer-generated-picture-mausoleum-of-halicarnassus-in-bodrum.jpg


روڊز جو مجسمو

rhodes_461.jpg



اسڪندريا جو روشني وارو مينار

lPharosLighthouseAlexandria.jpg


شاه فيصل مسجد

faisal.jpg
 
مطلب ته وڏي ايڊمن جو اڄ ڪلهه گُم آهي ، ساري دنيا جا نظارا پيو ڪري، اسان کي خبر پئي هُئي ته پاڻ چنڊ جو سير پيا ڪن شايد چنڊ تان عجائب عالم جون تصويرون ڇڪڻ تمام آسان آهي سو انهن تصويرن جو ديدار ڪرڻ کانپوءِ اصل دل خوش ٿي ويئي۔ هاڻي ڏسون چنڊ جي سير جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت اسان سان ڪڏهن ٿو شيئر ڪري۔ باخبر ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته وڏي ايڊمن سنڌ سلامت جي مرڪزي هيڊ ڪوارٽر واسطي چنڊ تي قسطن تي هڪڙو پلاٽ وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي۔ هاڻي پاڻ ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي۔ سا ته خبر کيس هوندي پر ادا چنڊ تي جيڪڏهن سنڌ سلامت جو هيڊ ڪوارٽر ٿيو ته اسان جهڙا پنڌ ميل هلڻ وارا اصل رُلي ويندا۔ خير هر ماڻهوءَ جو اهو موروثي حق آهي ته اونچي کان اونچو سوچي۔
اسين شاعر ماڻهو صرف خيالي هوائن ۾ اُڏامندا آهيون پر ٻين ماڻهن کي پڻ اُڏارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔ سو اسان پنهنجي پر ۾ وڏي ايڊمن کي چنڊ تي پهچائي ڇڏيو آهي۔ ڏسون ٿا ته ان جي چنڊ تان واپسي ڪڏهن ٿي ٿئي۔ تمام بهترين شيئرنگ آهي عجائب عالم واري۔
 
Back
Top