• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آمريڪي چرچ جو ناپاڪ منصوبو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
آمريڪا جي شهر فلوريڊا جي هڪ عيسائي چرچ The Dove World Outreach Centre پاران دين اسلام جي پاڪ ڪتاب ۽ ڪلامِ خدا قرآن پاڪ کي باهه ڏئي ساڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سندن مطابق اهو عمل 11 سيپٽمبر جي ڏينهن 11/9 واري سانحي جي يادگيري ملهائجڻ ‌واري ڏينهن عين انهيءَ‌جڳهه تي ڪيو ويندو جتي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ڪيرايو ويو هو۔ سندن پروپيگنڊو اهو آهي ته هي ڪنهن سان نفرت نه آهي پر هي فقط ان لاءِ ڪيو پيووڃي ته دنيا کي اسلام مان موجود خطرن کان آگاهه ڪري سگهجي۔۔
انهيءَ اعلان کان پوءِ عالمي طور تي ان سلسلي ۾ هڪ وڏي پروپيگنڊا مهم پڻ هلائي پئي وڃي۔ انٽرنيٽ هجي يا عام زندگي اتي غير مسلم ماڻهن کي قائل ڪيو پيو وڃي ته اهي به انهيءَ ڏينهن تي ايئن ڪن۔۔۔ اوهان فيس بوڪ تي وڃي ان باري ۾ وڌيڪ ڏسي سگهو ٿا۔۔
مسلمانن سميت دنيا جي مختلف مذهبي تنظيمن ان توهين واري عمل جي شديد مخالفت ڪئي آهي۔۔۔ جڏهن ته اسلامي دنيا جا ماڻهو انهيءَ عمل ٿيڻ جي صورت ۾ سخت ردِ عمل جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن۔
 
جواب: آمريڪي چرچ جو ناپاڪ منصوبو

مردودن تي توهان کليل دل سان لعنت وجهي سگهو ٿا عاشق سولنگي صاحب

سدائين گڏ
 
جواب: آمريڪي چرچ جو ناپاڪ منصوبو

ادا مست....هاڻي آمريڪا تي لانت هڻندي ڀوءِ ٿو ٿئي.....متان ڪنهن کي اسان جو ڪمنٽس خراب لڳي ڇوته ڪي..........بس ادا ڇڏيس

ها ها ها ۔۔۔ ادا پڪي ڳالهه آهي نه۔۔؟ پاڻ وارا قومي ۽ سياسي ليڊر ته آمريڪا جي آشيرواد سان پيا ايندا ويندا آهن۔۔ ان ڪري ٿوري پڪ ڪرڻ پئي گهريم۔۔
 
جواب: آمريڪي چرچ جو ناپاڪ منصوبو

اسان مسلمانن کي گهرجي ته ان خلاف سخت ۾ سخت ردِ عمل ظاهر ڪيون۔۔۔ آمريڪي حڪومت ان کي صرف چند ماڻهن جو عمل قرار ڏئي جان ڇڏائي رهي آهي پر ڇا انهن ماڻهن کي آمريڪا جي پٺڀرائي ناهي۔۔؟
جيڪڏهن پاڪستان ۾ صرف چند دهشتگردن جي ڪري پوري پاڪستان کي دنيا ۾ دهشتگرد سمجهيو وڃي ٿو ته اسان به واضح طور چئي سگهون ٿا ته اهو ناپاڪ منصوبو آمريڪا جي سموري حڪومت جو آهي۔۔ الله خير ڪري جيڪڏهن انهيءَ‌ ناپاڪ منصوبي تي عمل درآمد ٿيو ته پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اسلام جا سچا سپاهي آمريڪا ۽ اسرائيل جي اثاثن ۽ مفادن کي پنهنجو نشانو بڻائڻ شروع ڪندا۔۔ ۽ اهو حقيقي جهاد هوندو، نه ڪي آمريڪي پٺووَن وارو جهاد۔۔۔
 
Back
Top