• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ رھندڙ ٻوڏ سٽيلن کي نوڪريون ۽ پلاٽ ڏينداسين، روينيو کاتي کي ذميواري ڏني آھي:ذو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ رھندڙ ٻوڏ سٽيلن کي نوڪريون ۽ پلاٽ ڏينداسين، روينيو کاتي کي ذميواري ڏني آھي:ذوالفقار مرزا
press.JPG
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ٻوڏ متاثر ڌرتي ڌڻي آهن ۽ اهي جتي چاهين رهي سگهن ٿا. جيڪي متاثر ڪراچي ۾ رهڻ چاهيندا ته انهن کي ڪراچي ۾ ئي آباد ڪرڻ لاءِ کين پلاٽ ۽ روزگار فراهم ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ روينيو کاتي کي سرڪاري زمين هٿ ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، جيئن زمين ملي ته متاثرن لاءِ پلاٽن جو اعلان ڪيو ويندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه هاڪس بي ۽ ملير جي پپري وارن علائقن ۾ قائم ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن جي دوري دوران ٻوڏ متاثرن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪياماڙي واري علائقي مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نديم ڀٽو پاران 10 لک رپين جي ماليت جا عيد تحفا متاثرن ۾ ورهايا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پپري واري ڪئمپ متاثرن جي شڪايتن تي کين سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جون سختي سان هدايتون ڪيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته جهڙي ريت 1947ع ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙن کي آباد ڪيو ويو هو اهڙي ريت ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ رهڻ چاهيندا ته انهن کي ڪراچي ۾ ئي آباد ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ فليٽن تي قبضي جو ڊرامو رچائي متاثرن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ٻوڏ متاثرن جي آڙ ۾ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي شخص جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ واري موقعي تي الزام هڻڻ مناسب ناهي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ڪا بي ايماني ٿي به آهي ته اها ماضي جي جرنيلن ۽ ميان صاحب جي حڪومتن ۾ ٿي هوندي. ٻئي طرف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪالهه شام ڌاري ڪراچي جي سي سي پي او وسيم احمد سان گڏ بن قاسم جي پپري واري علائقي جي چانور گدامن ۾ قائم ڪيل ڪئمپ جو دورو ڪري متاثرن وٽ پهچي سندن شڪايتون ٻڌي ٿڏي تي ئي آفيسرن کي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ رهڻ چاهين ٿا انهن لاءِ سرڪار پاران پلاٽ ۽ روزگار جا انتظام ڪيا ويندا ۽ ان ڏس ۾ روينيو وارن کي زمين هٿ ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن جيئن ئي زمين ملي ته متاثرن کي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪنداسين، وفاقي فلڊ ڪميشن پاران هڪ ڏينهن ۾ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي تعداد ۾ وڏي پئماني تي اضافي ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته فلڊ ڪميشن وفاقي ادارو آهي پر اسان جي انگ اکرن مطابق سنڌ ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثرن کي عيد پيڪيج طور 5 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته ابراهيم حيدري سميت ڪراچي جي ڪنهن به ڪئمپ تي متاثرن کي خراب کاڌو فراهم ڪرڻ جي شڪايت ٿيڻ تي ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران ٻوڏ سبب ڊهي پيل گهر اڳي کان بهتر تعمير ڪرائي ڏيڻ ۽ تباهه ٿيل زمينون ٻيهر سنواري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي عمل ڪيو ويندو، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته جيڪي ٻوڏ متاثر گهرن ۾ ترسيل آهن اهي فوري طور ڪئمپن تي پهچي پنهنجي متاثر طور رجسٽريشن ڪرائين ته جيئن سرڪار سندن مدد ڪري سگهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ٽرئفڪ پوليس جي ڪار ۾ لڳل اسپيڪر تي متاثرن کي خطاب ڪندي چيو ته ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ پاڻ کي لاوارث نه سمجھن، کين ڪئمپن ۾ کاڌو، ٻيون سھولتون ۽ تحفظ به فراھم ڪيو ويندو.
بشڪريه ڪاوش
 
جواب: ڪراچي ۾ رھندڙ ٻوڏ سٽيلن کي نوڪريون ۽ پلاٽ ڏينداسين، روينيو کاتي کي ذميواري ڏني

ادا الله ڪري ائين ٿئي ته ڀلو آهي۔۔۔۔ڪجھ سنڌي به گهڻا ٿين ڪراچي ۾ جاتي وڃ پنجابي مهاجر۔ ويٺا آهن
 
جواب: ڪراچي ۾ رھندڙ ٻوڏ سٽيلن کي نوڪريون ۽ پلاٽ ڏينداسين، روينيو کاتي کي ذميواري ڏني

ادا مان ته ايترو چوندس ته نوڪريون ۽ پلاٽ ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪريو ٿا، پر في الحال ته حڪومت هنن متاثرن کي ٻه ويلا ته ڇڏيو هڪ ويلي جي ماني به ڪانه ٿي ڏئي۔۔ ويلي جي جيڪا ماني ڏني ٿي وڃي اها به پاروٿي ۽ آئوٽ آف ڊيٽ جي کاڌي جي۔۔۔ پاڻي ڪونه ٿو ملي انهن متاثرن کي، جي ملي ٿو ته به خراب پاڻي، جيڪو ڊائريڪ درياهه مان ٽينڪرن ۾ ڀري ڏنو وڃي ٿو۔۔ ڪيترائي متاثر گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا ٿي فاني دنيا ڇڏي وڃن ٿا۔۔ اڄ به ڄامشورو جي باري ۾ خبر پڙهيم ته هڪ ننڍڙو نينگر گيسٽرو جي مرض وگهي وفات ڪري ويو۔
 
Back
Top