• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دلچسپ قافلو۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ويجهڙ ۾ آفريڪا جي مشهور ڪروگر نيشنل پارڪ ۾ انساني اکين کي هڪ منفرد نظارو ڏسڻ لاءِ‌مليو۔ هن پارڪ سان گڏوگڏ جيڪو روڊ وڃي ٿو، اتان لنگهندڙ گهمڻ جي لاءِ‌آيل سياحن جي گاڏين کي اوچتو بريڪ هڻڻ‌کان بعد اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو۔ ايئن نه آهي ته اتان ڪو شاهي قافلو يا وي آءِ پي‌ شخصيت جو قافلو گذريو پئي، پر 136هڪ سو ڇٽيهه سنڊين يا سوپارين (caterpillers) جو هڪ قافلو اتان گذريو پئي، ان قافلي جي ڊيگهه 17سترهن فٽ هئي۔ اهو قافلو جيستائين آهستي آهستي گذري، تيسين سڀ گاڏيون بيٺل رهيون ۽ سڀني موجود ماڻهن ان پرلطف منظر مان مزو پئي ورتو۔


article-0-0B02A298000005DC-433_634x357.jpg


article-0-0B02A2AE000005DC-350_306x540.jpg


article-1308342-0B02A38A000005DC-383_634x345.jpg


 
جواب: دلچسپ قافلو۔۔۔

واه سائين واه پهريان اهڙا ڪافي ڪافلا ڪولين ۽ ماڪوڙين جا ڏسڻ ۾ ايندا هئا۔۔۔۔۔ اڄ ته انهن ڀلارن جا به ڏسڻ وٽان ملي ويا
 
جواب: دلچسپ قافلو۔۔۔

ادا قدرت جا رنگ آهن۔ ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن۔ پر يار جي اسان جي ملڪ ۾ هجن ته ڪو انهن جو انتظار ئي نه ڪري مٿان گاڏيون ڪاهيو اصل سڀ ڪجه چيٿاڙيون وڃي ها۔
 
جواب: دلچسپ قافلو۔۔۔

ادا قدرت جا رنگ آهن۔ ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن۔ پر يار جي اسان جي ملڪ ۾ هجن ته ڪو انهن جو انتظار ئي نه ڪري مٿان گاڏيون ڪاهيو اصل سڀ ڪجه چيٿاڙيون وڃي ها۔
ادا توهان وڏا آهيو، توهان کي وڌيڪ خبر آهي هن ملڪ جي ۔۔۔۔ مست ڇا ٿو چئي سگهي۔۔۔ هتي ته ماڻهن جي مٿان به گاڏيون چڙهيون وڃن
 
Back
Top