سلام منهنجو نالو جهانگي خان ٻروچ آهي، پر دوست ٻروچ جي نالي سان سڏيندا آهن۔ ڪي اين شاه جي ويجهو رهائش آهي۔ ڪافي ڏينهن کان فورم تي اچان پيو، داخلا کي به ڪجهه ڏينهن ٿيا اهن پر هي پهرين پوسٽ آهي، غلطي هجي ته معافي
ادا جهانگي خان توهان جو نالو ماشاء الله جهانگي خان انتهائي سُهڻو آهي پر جيئن ته توهان جا دوست توهان کي ٻروچ ڪري ڪوٺيندا آهن اسان به توهان کي انتهائي پيار سان محبت سان ٻروچ چئي مخاطب ٿينداسين، توهان سنڌ سلامت تي آيا اصل گرميءَ ۾ چارئي طرف بهارون ئي بهارون ۽ ٿڌڪارون وسي پيون ادو علي علي يا ادو وحيد ڦلپوٽو اجهو توهان لاءِ گُل کڻي پهتائي پهتا ، جيستائين اهي ٻئي ڀائر توهان جي آڌر ڀاءُ لاءِ گل کڻي پهچن تيستائين توهان کي مان پنهنجي هن شعر سان ويل ڪم ٿو ڪريان ته تون شبنم ۾ گُل ڪو ڀنل لڳين ٿو ڪنهن شاعر جو تازو غزل لڳين ٿو آ قسم مونکي سنڌ جي سُهڻي شام جو تو ڪينجهر ۾ ڄڻ ڪو ڪنول لڳين ٿو مٺا دوست ڀلي ڪري آئين جي ڪري آئين شال سلامت هُجين پنهنجي پيارن سان سدائين سدائين۔ (آمين)
وعليڪم اسلام! ادا جهانگي ٻروچ توهان کي هن سنڌ سلامت تي دل جي گهراين ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ ٻيو ته ادا جيڪڏهن اوهان ڪي اين شاهه جي ويجهو رهو ٿا ته پوءِ مان به اوهان جي ويجهو رهان پيو، ادا مان به توهان جي اوسي پاسي واري شهر ۾ رهندو آهيان۔۔۔۔ وڌيڪ هن فورم تي اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي۔۔۔۔۔ اميد ته اوهان به اسان جي هن سنڌ سلامت فورم تي پنهنجين لکڻين نمايان ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا ٻروچ سنڏ سلامت فورم تي ڀلي ڪري آئين ادا مون بلوچ پاران اوهان کي دل جي گهرائي سان خوش آمديد ادا هي اوهان جو پهنجو فورم آهي اوهان پهرين ڏينهن ئي ايتري سهڻي سنڌي لکي آهي انشاء الله اوهان جلدي ئي سنڌي سکي ويندا ادا مون ادي گلڻ جي دڪان تا اوهان جي لاء هي تازا گل آندا آهين اميد ته اوهان کي قبول پوندا جي مهنجي ويجهو هجين هاته ڀوري مينهن جو مصري بادامن سان کير پياريانان ها پر پري ٿي پيا آهيون ان لا هي گل اميد ته قبول پوندا
سڀني ادن جي مهرباني ادا علي علي هڪڙي ڳالهه ٻڌا، اسان نالي گهڻي ٻڌي ، بخش علي، مهر علي، نظر علي يا ول علي نواز، علي جان۔۔۔ مطلب ته علي يا ت نالي دي اڳون يا ول پڇون۔۔ توهان جي نالي دي اڳون به علي ته پڇون ب علي۔۔۔ ڳالهه سمجه ۾ نه آئي ادا۔۔ غريب ڪون سمجها ٻيلي
ادا جهانگي خان ٻروچ سنڌ سلامت فورم تي مان اوهان کي ويلڪم چوان ٿو توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو . توهان جي استقبال لا۽ هي گلن جو تحفو قبول ڪندا . sindhsalamatsaathsal
ادا ڪيا ڪرون بس يار وڏيان نان رک ڇوڙيئي ميڪون آپ ڪو خبر نهين ادا علي علي جو ڪردي هان ته پڇي هر دم علي هت به علي ته هت به علي دنيا وچ به علي قبر وچ به علي اسان اپڻا نان ئي رک چوڙيا علي علي هر دم علي يار ميڪون ڏاڍي خوشي ٿي ته تسان اسان وچ دلچسپي گڌي الله ڪري خوش رهو شآل جڙيا رهين ميڏا مٺا shabashshabash
وليڪم سلام ادا ٻروچ صاحب توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا ادا تمام گهڙي خوشي ٿي ته منهنجو به هڪ پاڙيسري وڌي پيو، ادا مان اميد ٿو ڪريان ته توهان سنڌ سلامت تي تمام گهڙو ٽائيم ڏيندا
ادا جهانگي خان ٻروچ سنڌ فورم تي مان اوهان کي ويلڪم چوان ٿو توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو . فقير سائين سنڌ سلامت کي نه وساريو۔۔۔۔۔
ادا علي علي يار مون فقير وحيد ڦلپوٽي جي تحرير جي ڪوٽا ڪرڻ پئي چاهيم ته، فقير سائين ادا ٻروچ کي سنڌ سلامت جي بدران سنڌ فورم تي ويلڪم چئي ويو آهي، مڙوئي فقير سائين کي ٿورڙو تنگ پئي ڪيم ته فقير سائين سنڌ سلامت لکو جاني۔۔۔۔ سو ادا علي علي مونکان يار ڪوٽا صحيح ٿي نه سگهي اگر اوهان انهي کي صحيح ڪندا ته اوهان جي مهرباني۔۔ آهيون اسان به نڪورا ڄٽ پر۔۔۔۔۔۔۔