دوستو السلام عليڪم مونکي ڪراچي لاءِ موٽر سائيڪل پنهنجي سواري لاءِ گهرجي اوهان جي خيال مطابق ڪراچي جي حالات جي حساب سان مونکي ڪهڙي گاڏي رکڻ گهرجي؟ جيتري تائين آٽوز سيڪشن اسٽارٽ ٿئي آءُ هي سوال پڇڻا نه منجهڻا ۾ ڪيان ٿو۔
جواب: ڪراچي لاءِ موٽر سائيڪل حالات جي حساب سان ڪا به چائنه جي 2008 ڪاغذات مڪمل هجنس اها گاڏي توهان کي 21000 هزارن کان 25000 هزارن تائين سٺي ڪنڊيشن ۾ ملي ويندي اها توهان جي لا۽ بهتر رهندي سدائين گڏ
جواب: ڪراچي لاءِ موٽر سائيڪل سائين فقير سائين جن صلاح سٺي آهي ته عمل ڪرڻ گهرجي هن وقت چائنه جون موٽر سائيڪلون جام هلن ٿيون ڪراچي ۾ اڪثر نئين بائيڪ خطري جي نشاني آهي ان ڪري ڪابه استعمال شده وٺو ته بهتر آهي اسان جي علائقي ۾ هيرو پاڪ هيرو يونيڪ وغيره عام هلن ٿيون وڌيڪ ڪراچي ۾ رهندڙ دوستن کي وڌيڪ معلومات هوندي ته اتي ڪهڙي گاڏي عام هلي ٿي جو ان جي مرمت وغيره آسان سان ڪرائي سگهجي سائين عبدالستار چنه ڪراچي ۾ رهندو آهي ان کي عرض آهي ته وڌيڪ بهتر مشورو ڏين.
جواب: ڪراچي لاءِ موٽر سائيڪل سائين عبد الستار چنه ادا رشيد سمون ۽ ادا ممتاز وگهيي کان به صلاح جي گذارش آهي
جواب: ڪراچي لاءِ موٽر سائيڪل صلاح ته سومرو صاحب به ڀلي ڏني آهي۔۔ ڪافي مسئلن جو حل آهي۔۔ باقي جيتري قدر موٽر سائيڪل جو سوال آهي ته سائين رحيم بخش سٺو مشورو ڏنو آهي۔۔۔ ٻيو ته ڪراچي توهان لاءِ يا توهان ڪراچي لاءِ نوان نه آهيو۔۔۔ هتان جي حالات کان خوب واقف آهيو۔۔۔ بهتر رهندو ته پنهنجي ڀرسان رهندڙ دوستن کان به مشورو وٺو۔۔۔ هوئن ادا ممتاز وگهيو جن وٽ پڻ موٽر سائيڪل آهي ۽ ڪراچي ۾ ڪافي عرصي کان وٺي هلائين پيا ۔۔۔ انهن جي صلاح بهتر رهندي۔۔