السلام عليڪم دوستو منهنجي دوست سلمان ڪراچي مان هي ويب سائيٽ مونڏانهن ميل ڪئي سوچيم اهان سان شيئر ڪريان جي ڪو به دوست ان ڪري روزگار سان لڳي پيو ته مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهندس socialsindhi.com
جواب: روزگار جا موقعا ادا سنڌ سلامت روزگار جو لفظ پڙهي هت رکيو هوم غلط آهي ته پوءِ اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو رکوس مناسب سيڪشن ۾
جواب: روزگار جا موقعا ادا سلمان اهو ته اسان جو فرض آهي ته پنهنجي ماروئڙن جي حوصله افزائي ڪريو ڪوشش ڪري سنڌي ۾ ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪريو ان شاءَ الله آساني ٿيندي آءُ به شروع شروع ۾ سنڌي ۾ گهٽ لکي سگهندو هوس پر وقت سان گڏو گڏ هاڻي ڪجهه صحيح لکي وڃان ٿو اوهان به ڪوشش جاري رکو سدائين گڏ
جواب: روزگار جا موقعا ادا مان ويب سائيٽ وزٽ ڪئي پر ان ۾ روزگار وغيره سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون هيون ان ڪري ان کي مڪمل روزگار جي باري ۾ ويب سائيٽ نه ٿو چئي سگهجي۔۔۔ هڪ لحاظ سان فورم جي تعريف ۾ اچي وڃي ٿي اها سائيٽ۔۔ سٺي ڪوشش آهي ٺاهيندڙن جي۔۔۔ باقي ادا هن کي مناسب سيڪشن ۾ ادا ڦلپوٽو يا سائين نثار ابڙو ئي رکي سگهي ٿو۔۔۔ مست جي جاءِناهي۔۔۔ ها ها ها
جواب: روزگار جا موقعا هل ڙڙڙڙڙڙڙڙڙڙڙڙڙيييييييييي مون ته سمجهيو اوهان اڇي ڪاري جا مالڪ آهيو پر ٺيڪ آ عيد ويجهي آهي فقير به وتي ٿو هتِ هُت گهمندو ڦرندو روزگار لاءِ سو ڄاڻ اچي پهتو
جواب: روزگار جا موقعا فقير جي باري ۾ تازي رپورٽ اها پهتي آهي ته اهو راجا جي شهر جي فيصل مسجد جي ٻاهران عيد جي ڏينهن، فقيرن لاءِ مخصوص ٿَلهو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊُڪ ۽ سياسي سفارشن ۾ لڳو پيو آهي، فقير پنهنجي سڄي نيٽورڪ کي مشهور مسجدن جي ٻاهران اهڙي جڳهن تي قبضي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔۔ ها ها ها
جواب: روزگار جا موقعا سائين الله ڄاڻي اُتي نوڪرين ۽ پئسن سان گڏ الائي جي ڇا ڇا ملندو اٿن۔۔۔ مست به جيڪڏهن۔۔۔ پر نه يار۔۔۔ مستي ۽ فقيري ٻه الڳ الڳ شيون آهن
جواب: روزگار جا موقعا ادا طاهر شال رب ڪريم اوهان جي زبان ”مُبارڪ“ ڪري ۽ فقير سائين کي نوڪري ملي وڃي ته هوند اسان جهڙن فقيرن جا اصل ٿڪ ئي لهي پوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڄي سنگت کي ايڊوانس عيد مبارڪ
جواب: روزگار جا موقعا ادا مست توهان جي خواهش تي عمل ٿئي ويو آهي مست ، فقير ، فقير آهي هيمشه فقير جا اختيارات وقت جي بادشاه کان به وڌيڪ هوندا آهن ڇو جو فقير ، فقير آهي b-)b-)b-) ادا خيئر مبارڪ توهان کي ۽ توهان جي فيملي به فقير طرفان کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن باقي توهان جي نوڪري جو مون جوڳو بندوست ڪري ڇڏيو آهي جامع مسجد جي ٻاهران بس صرف توهان ۽ مست پهچو توهان کي ۽ مست کي مان ٻن مسجدن جو انچارج ڪري ڇڏيو بس صرف اچي پهچو نه نه يار اهڙي ڳاله ناهي توهان صرف پهچو ته هت هر شي جو انتظام آهي )) ها ادا دعا ڪيو ته ڪو الله پاڪ پنهنجي حبيب جي صدقي سولي سڻائي ڪري ادا توهان کي ڪهڙي عيد مبارڪ ڏيجي توهان جو ڳوٺ ۽ سڄو شهر پاڻي هيٺ آهي نه سوچيندڙ ۽ اندازي کان به وڌيڪ توهان جو نقصان ٿيو آهي مون جي توهان کي دعا آهي ته الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ضرور ڏيندو وري به توهان کي عيد مبارڪ هجي سدائين گڏ
جواب: روزگار جا موقعا مهرباني ادا ها سائين فقير ته فقير آهي ڪجهه به چئي سگهي ٿو۔۔۔ ها ها ها فقير سائين آفر جي مهرباني۔۔۔۔ مست وٽ ٽائيم ڪونهي۔۔۔۔ ها ها ها، فقير سائين هن ادا پهچڻ جو ڪهڙو فائدو۔۔۔ اوهان ته ميدان ٻهاري ويندا بس ادا ٻوڏ جا نقصان صدين تائين سنڌ نه وساريندي۔۔۔
جواب: روزگار جا موقعا يار هي اوهان ملٽي اقتباس ڪيئن چونڊيو ٿا ؟ طريقو ته ٻڌايو؟ يعني ٻن ٽن يا وڌيڪ اقتباس جو هڪ ئي رپلائي ونڊو ۾؟