هن وقت ٻوڏ متاثرين جي حالت نه فقط خراب آهي، نه فقط انهن جي خرابيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافوٿي رهيو آهي، پر خود متاثرين جو انگ به وڌي رهيو آهي. سنڌ جا وڌيڪ شهر ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي رهيا آهن، اتان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، ۽ ڪيمپن تي فطري طور تي بار وڌي رهيو آهي. اهي ڪيمپون، جيڪي هونءَ ئي سرڪار پاران سنڀالڻ کان چڙهيل هيون، هاڻي ته اتي سرڪار جي بي وسي ظاهر ظهور نظر پئي اچي. ماڻهن جي دربدريءَ جي سرڪار وٽ ڪهڙي موٽ آهي؟ اها ئي، جيڪا سياستدان جي موٽ اليڪشن دوران هجي ٿي. واعدا ۽ بس واعدا....گهر ڏيڻ جا واعدا، ٻيهر سندن عزت ڀري نموني سان بحاليءَ جا واعدا. هڪڙي پاسي واعدا آهن، ۽ ٻئي پاسي مرڪز آهي، جنهن هن وقت تائين ته سنڌ جي ڪا به مدد ناهي ڪئي. مرڪز وٽ تمام گهڻا ذريعا آهن، جن کي فوري طور تي موبلائيز ڪري ماڻهن کي فوري رليف ڏئي سگهجي ٿو، پر ايئن اڃا تائين ناهي ٿيو. ان لاءِ مرڪز ڪو سبب به ناهي ٻڌايو ته هو صوبن خاص ڪري سنڌ، جتي سڀ کان گهڻي تباهي ٿي آهي، ان جي مدد ڪرڻ کان ڇو قاصر آهي. ممڪن آهي ته ذريعن جي حوالي سان مرڪز سوڙهو هجي، پر هاڻي جڏهن پرڏيهي امداد پهتي آهي، جيڪا بقول وفاقي گهرو وزير جي ته ”ايتري امداد ملي آهي، جو سنڀالڻ مشڪل ٿي وئي آهي.“ تڏهن به ڪيمپن ۾ ترسيل ڪيترن ماڻهن جي پيٽ جيان سنڌ جي جهولي خالي آهي. سنڌ جو وڏو وزير دانهون پيو ڪري ته وفاق هڪ رپيو به ناهي ڏنو، ۽ لڳي ٿو ته مرڪز ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار به نٿو لڳي، جو وفاقي گهرو وزير چئي ٿو ته جيڪا پرڏيهه مان امداد ملي آهي، سا صوبن کي ان ڪري نه ڏينداسين، جو امداد صوبن جي نالي تي نه، پر پاڪستان جي نالي تي ملي آهي. اها ڳالهه ان ڪري حيران ڪندڙ آهي، جو امداد ڀلي پاڪستان جي نالي تي ملي هجي، پر ملي ته انهن لاءِ آهي جيڪي ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. وفاق صوبائي حڪومتن جي معرفت ڪم ڪندو آهي، ۽ هن وقت جڏهن صوبن ۾ ٻوڏ تباهي آندي آهي، ۽ اها امداد صوبائي حڪومتن جي معرفت ئي بهتر طريقي سان ورهائي سگهجي ٿي. ظاهر آهي ته عالمي برادريءَ کي امداد لاءِ جيڪي اپيل وئي هوندي، سان پاڪستان جي نالي تي وئي هوندي، صوبا الڳ الڳ ته اپيل ناهن ڪندا، نه ئي وري انهن کي اهو ڪو مينڊيٽ ڏنل آهي ته اهي پنهنجي طور تي عالمي برادريءَ کي امداد جي اپيل ڪري سگهن. پوءِ ظاهر آهي ته امداد وفاقي سرڪار کي ملندي، ان جو مقصد اهو ڪونهي ته وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن جي معرفت ماڻهن جي مدد ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏي. ان مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ مرڪز کي صوبائي حڪومتن مٿان اعتماد نه هجي. وفاق اها ڳالهه چو نٿو سمجهي ته هيءَ امداد ڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي مد ۾ ناهي ملي، جنهن کي مرڪز جيئن وڻي، تيئن استعمال ڪري. اهو مرڪز جو مينڊيٽ آهي، سو اها رقم ڀلي مرڪز پنهنجي مرضيءَ سان استعمال ڪري، پر هن رقم لاءِ ساڳي سوچ سمجهه کان ٻاهر آهي. هتي اها روايت رهي آهي ته جڏهن به ناڻي جي ورهاست جو مرحلو ايندو آهي، تڏهن ايئن ئي تڪرار پيدا ٿيندا آهن، جو يا ته مرڪز چوندو آهي ته سڀ ڪجهه ان جي ماتحت هجي، يا وري وڏي صوبي سان تعلق رکندڙ افسرشاهي ڪا اهڙي هيرا ڦيري ڪرڻ چاهيندي آهي، جيئن ان جي صوبي کي فائدو ٿئي. پر هي اهڙا ڏينهن آهن، جن ۾ ڪنهن هيرا ڦيري جي ڪا به گنجائش نٿي بچي، نه وري روايتي رويو اختيار ڪرڻ سونهين ٿو. جيڪا به امداد ٻاهران اچي ٿي، سا انهن متاثرين ماڻهن لاءِ آهي، جن جي وڏي اڪثريت هن وقت ان امداد جي مستحق آهي. جيڪڏهن انگن اکرن ۽ مرڪز پاران اها امداد صوبن کي نه ڏيڻ وارا معاملا پيدا ٿين ٿا ته مستحق ماڻهن کي شايد ئي رليف ملي سگهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ٻاهرين امداد سان گڏ خود مرڪز پاڻ به فوري طور تي پنهنجي فنڊن مان صوبن جي مدد ڪري، پر جيڪڏهن ايئن نٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻاهرين امداد ته نقصانن جي حساب سان صوبن حوالي ڪري. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت ٻوڏ جي حوالي سان جيڪا صورتحال سنڌ ۾ آهي، سا اڃا تائين هلندڙ آهي، جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي، سو هڪ هنڌ بيٺو ناهي، خدا ڄاڻي ته اهو نقصان اڃا ڪٿي وڃي دنگ ڪندو، ان ڪري سنڌ کي ته فوري طور تي پيڪيج گهرجي. وزير اعظم صاحب جو اهو چوڻ ته سنڌ ۾ جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي، پختونخوا جي ڀيٽ ۾ اها ڳالهه صحيح به ٿي سگهي ٿي، پر امداد رڳو جاني نقصان لاءِ ڪونهي، جيڪي ماڻهو جيئرا بچيا آهن، ۽ دربدر آهن، انهن جي سار سنڀال لهڻ، انهن جي بحالي، انهن جي ٿيل نقصانن جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ازالو ڪرڻ به ڪنهن ريت جاني نقصان جي ڪمپنسيشن کان گهٽ معاملو ڪونهي. اسان سمجهون ٿا ته وفاق کي هن وقت امداد جي سلسلي ۾ هروڀرو به مرڪزيت جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. جيڪا امداد آئي آهي، سا هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ گهرجي. مرڪز کان صوبا، صوبن کان ضلعا ۽ ضلعن کان تعلقن بلڪه يونين ڪائونسل سطح تائين امداد ورهائڻ جو ڪو اهڙو مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جو جنهن مد ۾ پئسا مليا آهن، ان مد ۾ خرچ ٿي سگهن. ڪاوش جي ٿورن سان