سنڌين تي حملا بند نه ٿيا ته گهرو ويڙهه ٿيندي: بشير قريشي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ملير (بيورو): جسقم چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته پپري جي ٻوڏ متاثر ماڻهن مٿان پٺاڻن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. پٺاڻن جي اهڙن حملن سبب سنڌ ۾ گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي. جنهن جا ذميوار به پٺاڻ هوندا. هن ڪالهه گلشن حديد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو بي گهر بڻيل آهن حڪومت هن وقت سنڌي ماڻهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. جڏهن ته متاثر ماني ڳڀي لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته پوليس ۽ ڌاريا سنڌين مٿان حملا ڪن ٿا. اسين اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪراچي شهر سنڌين جو آهي ۽ سنڌين مٿان حملا برداشت نه ڪنداسين. پٺاڻ ۽ ٻيا ڌاريا اهو ياد رکن ته سنڌ رڳو سنڌين جي آهي ۽ پٺاڻن سميت سمورا ڌاريا هتي روزگار ڪرڻ آيا آهن. جيڪڏهن هاڻي انهن جو روزگار مان پيٽ ڀرجي ويو آهي ته هو سنڌ ڇڏي وڃن. بشير خان چيو ته حڪومت هن وقت تائين ڪنهن به اعلان تي عمل ناهي ڪيو. ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ آباد ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت سنڌي ماڻهن کي گهر ۽ روزگار نه ڏنو ته سخت احتجاج جو اعلان ڪنداسين، ڌارين کي پنهنجي حد ۾ رهڻ گهرجي.



    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو