سنڌ جو تاريخي شهر بکر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو تاريخي شهر بکر ​

    بکر جو جزيره نما قلعو، بکر ۽ روهڙيءَ جي درميان، نديءَ جي وهڪري جي وچ ۾ چُن جي ٽَڪرين جي هڪ ڪڙي آهي، جي هت سنڌو نديءَ کان گذر ڪن ٿيون، ۽ ڏکڻ طرف اٽڪل پنجاه ميلن ۾ وڃن ٿيون. هي ظاهر آهي ته اٺين صديءَ جي وچ ڌاري، سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو رستو وساري، الور کي اُجڙ ڪري، ٽڪرين جي قطار کي هتان (بکر کان) اچي ڪَٽيو. پر بکر وٽ پختيءَ زمين کاڌ کان نديءَ جي پاڻيءَ جو مقابلو ڪيو ۽ بکر جو مقام پسگردائيءَ جي حاڪمن لاءِ تمام اهم ۽ مرڪزي ثابت ٿيو. بکر ڪئين ٻيٺ ٿيو، سکر Sukkur کان ڳچيءَ ڌرتيءَ طرح ڪيئن ظاهر ٿيو، ان جو علم ناهي.
    تاريخ معصومي
    ۽ [تحفته الڪرام]۾ بکر جو قديم نالو [فرسته] آهي. مشهور مورخ ائبٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته بکر عربن جي ڪاھ وقت يا فتح وقت تاريخ جي صفحن تي نمودار نه آهي. [چچنامو] يا عربي سندون ان جو حوالو نٿيون ڏين. غزنوي سلطانن جي ڏينهن ۾ به هن جو ذڪر نه آهي. تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ بکر جو نالو ڪن پيو آهي. اڪبر جي دور ۾ هي گاديءَ جو هنڌ هو. ”تاريخِ معصومي“ مان بکر جي سرسبز ڳوٺن، شهرن جي معلوميت ٿئي ٿي. جڏهن بکر جو اسان تي تسلط ٿئي ٿو، سڄي هند جي قطعي ۾ هن جي هاڪ آهي. هي ڪڏهن به فتح ڪري نٿو سگھجي. اهڙو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي ته هن قلعي کي غزني، غوري، يا دهليءَ جي تغلق حاڪن سر ڪيو. ٺٽي جي قبضي وقت شاھ بيگ ارغون بکر هڪڙي عهدنامي تحت هٿ ڪيو، *۽ هن جي وقت ۾ بکر ۾ ڪيئي ويڙهيون ٿيون. ڌاريجن سيدن کان بکر وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي؛ 1540ع ۾ سلطان محمود جي خلاف هن کي ڪاميايءَ سان پنهنجي هٿ ۾ رکيو.
    سر ائبٽ جو مذڪور احوال درست نه آهي
    اسين بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪريون ٿا، جنهن مان معلوم ٿيندو ته غزنوي حاڪمن کان وٺي بکر صفحهء تاريخ تي چٽو لکيل آهي.
    سن 417ھ : 1026ع ۾ سلطان محمود غزنويءِ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي. پهرين بکر وٺي، پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو. سن 1226ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير، نظام الدين الملڪ محمد بن اسعد، بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ ناصر الدين قباچه کي ڀڄائي ڪڍيو، جو درياھ لنگهندي اتفاق سان ٻڏي مئو. 1251ع ۾، ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ **۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ويو. 1296ع ۾، سلطان علاءٌ الدين جي حڪم پٺيان نصرت خان 10 هزارن ماڻهن سان بکر آيو، ۽ مخالف قومن کي ماري مڃايائين، ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. 1320ع کان پوءِ سگھو ئي سلطان غياث الدين تغلق، دهليءَ جي بادشاھ، سنڌ ۾ سومرن جي فساد جو ٻڌي، خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو. 1251ع ۾ جڏهن فيروز شاھ دهليءَ جو بادشاھ ٿيو، تڏهن، ٺٽي ۾ سومرن کي شڪست ڏيئي، موٽي بکر ۾ اچي ويھ ڏينهن رهيو، ۽ مَلڪ رڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري اُتي رکيائين ۽ ”اخلاص خان“ لقب ڏنائين، ۽ مَلڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان يا مالي حاڪم مقرر ڪيائين. 1370ع ۾ فيروز شاھ وري به بنگال فتح ڪرڻ کان پوءِ بکر ۾ آيو، ۽ اتان وري ٺٽي ۾ ويو. 1354ع ۾ ڄام انڙ سمي اچي بکر ورتو، ۽ دهليءَ جي بادشاھ سلطان علاءٌ الدين جي حڪم سان مَلڪ تاج الدين ڪافوريءَ اچي بکر ورتو. جڏهن مرزا پير محمد تيمورخاني بکر ۽ آسپاس جي فسادين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهن بکر جي شهر جا ماڻهو ڀڄي ويا؛ پر اتي جي سيدن جي منت آزيءَ تي هن انهن کي معافي ڏني. ڄام نظام الدين يا ندو سن 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو، ۽ اتي هڪ ورهيه اچي رهيو ۽ فسادي قومن کي سيکت ڏنائين. 1520ع ۾ ڄام فيروز سمي جي وقت ۾ مرزا شاھ حسن سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت ڌاري بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن بغاوت ڪئي. مرزا شاھ حسن اتي آيو. سلطان محمود خان اڳي ئي بغاوت بند ڪري وٽس آيو. مرزا شاھ حسن الور مان سرون ڪڍائي قلعي جي مرمت ڪرائي، ۽ انهيءَ زمين ۾ پنهنجن اميرن ي وهاريائين *۽ پوءِ ٺٽي مان ٿي گجرات ڏانهن ويو. سن 1524ع ۾ مرزا شاھ حسن اچ ۽ ملتان ورتو، ۽ ملتان جي حاڪم سلطان حسين لانگاھ سان ملتان ۽ بکر جي حد مقرر ڪيائين. ٻئي سال ۾ هن ملتان به وٺي مرزا بابر کي ڏنو ۽ پوءِ بکر ۾ آيو. سن 1542ع ۾، همايون بادشاھ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ اتان ٿر ڏانهن روانو ٿيو. ٻئي سال ۾ بخشو لانگاھ بکر تي ڪاھي آيو، پر شڪست کائي موٽي ويو. 1555ع ۾ مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي، پر مرزا نااميد ٿي موٽي ٺٽي ويو. سگھو ئي پوءِ ارغون ماڻهو مرزا عيسى کان رنج ٿي سلطان محمود خان وٽ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا. سن 1568ع ۾، مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت ۾، سندس ننڍو ڀاءُ جي برخلاف شامل ٿيو، ۽* فساد ڪيائين، ۽ مرزا باقيءَ اچي شڪست ڏيئي ڀڄايس. سن 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي، اڪبر بادشاھ ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو، ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان مير عدل ۽ اعتماد خان آيا، ۽ پوءِ مسند علي خان بهادر ۽ راجا پرمانند گڏ مقرر ٿي آيا؛ پوءِ نواب محمد صديق خان مقرر ٿي آيو. 1587ع ۾ بکر نواب اسماعيل قلي خان کي جاگير طور مليو، *۽ هن جو پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ اها جاگير شيرويه سلطان کي ملي، جو نشئي هو. تنهنڪري 1589ع ۾ بکر وري به نواب محمد صديق خان کي جاگير ٿي مليو. انهيءَ سال ۾ نواب خانخانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ هن کي وٺي بادشاھ ڏانهن ويو. مرزا غازي بيگ بادشاھ وٽان ٿي بکر ۾ آيو، جو خسرو خان چرڪس تي اتي فساد ڪيو هو، جنهن کي نيٺ هندو خان پڪڙي وٺي ويو. اڪبر بادشاھ جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاھ ڦٽل الور جي سرن مان اتي قلعو ٺهرايو، ۽ سکر ۾ منارو به جوڙيائين. اهو قلعو پوءِ نادر شاھ اچي ويران ڪيو. 1647ع ۾ جڏهن نواب مغل خان دهليءَ جي بادشاھ شاهجان پاران ٺٽي حاڪم هو، تڏهن ٺٽو ۽ بکر ۽ سيوهڻ شاهزادي اورنگزيب کي ملتان جي بدران جاگير ٿي مليا. دارا شڪوھ ۽ اورنگزيب جي وچ ۾ جا تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي لڳي، ان ۾ بکر وڏو حصو ادا ڪيو. بکر دارا شڪوھ ورتو، ۽ هڪ وينس جي رهاڪو نڪولا منوڪي جي هٿن ۾ دارا شڪوھ جي پاران ڪمانڊ هئي. هن ويڙھ جو دلچسپ احوال منوڪيءَ پنهنجي ڪتاب ”اسٽوري آف دي مغلس“ ۾ ڏنو آهي. سن 1667ع ۾ سيد عزت خان، جهن کي عزت پير چوندا هئا، ۽ جو بکر جو فوجدار هو، سو ٺٽي جو نواب مقرر ٿي ويو. سن 1736ع ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي. جنهن کي ”خدا يار خان“ لقب مليو. انهيءَ ڌاري شاهزادو محمد معزالدين به بکر ۾ آيو، ۽ انهيءَ سال ۾ ميان نور محمد کي بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽو، يعني ساري سنڌ ملي. ٻه ورهيه پوءِ، جڏهن نادر شاھ آيو، تڏهن انهيءَ به ميان کي قائم ڪيو ۽ ”شاھ قلي“ جو خطاب ڏنائينس. وري جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئام تڏهن، مير نصير خان جي ڏينهن ۾، انگريز سرڪار، 1838ع ڌاري، بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ اڌارو ورتو، جو لشڪر شاھ سجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو. 1842ع ۾ وري انگريزن ميرن سان عهدنامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽُ ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن کٽي، تڏهن بکر ۾ توبخاني جي بارود رکڻ جو بندوبست ڪيائون

    بشڪريه وڪيپيڊيه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو