مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سرموڙ اديب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سرموڙ اديب .​

    [​IMG]
    مرزا قليچ بيگ لاءِ ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته هو جديد سنڌي ادب جو معمار ۽ ابو هو ۽ انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي آسمان جو سج هو. جهڙيءَ ريت ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي جمود کان پوءِ ڪشنچند بيوس ۽ شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ ڪرشماتي انقلاب آڻي, پنهنجي دور ۾ وڏو شعري ڇال ڏنو، اهڙيءَ ريت قليچ بيگ سنڌي نثر جي دنيا ۾ گهڻ پهلوئي انقلاب ۽ تبديلي آندي. جيتوڻيڪ سندس ڪيترن هندو مسلم همعصرن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ به ڳاڻيٽي جهڙو ڪردار آهي، پر قليچ بيگ جو قد، مقام ۽ مرتبو ٻين سڀني کان مٿانهون آهي. اها ڪيڏي نه فخر جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ روينيو آفيسر، پنهنجي منصب جا لوازمات ۽ جوابداريون فرض شناسيءَ سان بجا آڻيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دامن ۾ 457 ڪتابن جو وسيع ذخيرو ۽ سرمايو داخل ڪري.
    هي عالم شخص هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ ادبي پورهئي تي نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئي شاخن تي ڪتاب ترجمو ۽ الٿو ڪندي نظر اچي ٿو، پر اسان سندس وفات کان 79 سال پوءِ به سندس علمي پورهيو مڪمل صورت ۾ ڇپائي نه سگهيا آهيون. 76 سال زندگي ماڻيندڙ شخص 50 سالن يا اڌ صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 457 ڪتاب ڏنا. ڇا اسان مرزا قليچ بيگ جي 5 به اهڙن ڪتابن جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا، جيڪي اسان جي علمي ادبي ادارن شانائتي نموني ڇپايا هجن؟ سنڌي ادبي بورڊ ڪي قدر ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، پر ڇا ان سان قليچ بيگ جو علمي ۽ ادبي قرض لهي ويو؟ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي پوئلڳي ۽ تقليد هر سنڌي اديب ۽ قلمڪار کي ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. مرزا صاحب جو شاندار علمي ۽ ادبي ڪم سندس بزرگيءَ، بلنديءَ، ڏاهپ، علم دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو عظيم مثال آهي.
    قليچ علم ۽ حلم جو صاحب هو. هو گهٽ ڳالهائيندو هو، پر لکندو وڌيڪ هو. نوڙت ۽ نهٺائي هن جي مزاج جو خاصو هئي، جيڪا هن کي علم جي حاصلات ئي ڏني هئي. ڪنهن فارسيءَ واري ڇا خوب چيو آهي:
    خوب مِي ُگويد سخن هر ڪس ڪه گفتارش ڪم است ميوه نيڪو پر وَرد هر شاخئه اي بارش ڪم است.
    (جيڪو گهٽ ڳالهائڻو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿو ڳالهائي. جنهن ٽاريءَ تي برسات گهٽ پوندي آهي، ان تي ميوو ڀلو ٿيندو آهي). نامياري عالم ايم ايڇ پنهور پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته هو 1953ع ڌاري زرعي انجنيئر طور سنڌ سرڪار جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ستت ئي زرعي کاتي جي ان وقت جي ڊائريڪٽر اي ايم مختلف فيصلن ۽ انهن جي ڪم ڪار تي خبر ناما/رسالا تيار ڪرڻ واسطي محترم ڪريم ڏنو راڄپر جي مدد لاءِ مون کي حڪم ڪيو ۽ چيو ته انگريزيءَ ۾ زرعي اصطلاح ڪافي آهن، پر سنڌي اصطلاحات ڳولي ڪڍجن. پنهور صاحب لکي ٿو ته وٽس مسٽر کمڀاتا ۽ ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي ٻن ڪتابن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جا ٻه ڪتاب ”باغ ۽ باغباني“ ۽ ”زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ موجود هئا. چئن ئي ڪتابن ۾ زراعت جا سنڌي لفظ ۽ اصطلاح ڏنل هئا، پر چڪاس کان پوءِ اسان مرزا قليچ بيگ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي اختيار ڪيو. پنهور صاحب ان مضمون ۾ اهو به خيال ڏيکاريو آهي ته ڪتاب زراعت ۽ باغبانيءَ تي جديد تقاضائن موجب صرف 53 حاشيا لکجن ۽ ”زمين جو علم ۽ هنر“ ڪتاب ۾ صرف 50 صفحن جو واڌارو ڪجي ته ٻئي ڪتاب جديد معيار جا زرعي درسي ڪتاب بنجي سگهن ٿا.
    سنڌ جي تاريخ تي مقامي تاريخدانن تمام گهٽ قلم کنيو آهي، جنهن ڳالهه کي محسوس ڪندي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان (4) سنڌ جي مختصر تاريخ (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو (6) رياست خيرپور جي تاريخ (7) چچنامو سنڌي.
    ٻولي، لسانيات، لغت هڪ اهم موضوع آهي، جنهن بابت قليچ جو ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (3)Philological curiosity (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (5) سنڌي لغات قديمي (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ (8) Persian entomology جهڙا اهم ڪتاب لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي آهي.
    لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو (2) Life of Shah Abdullah (3) ساڳئي ڪتاب سنڌي جو ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو. (4) شاهه جي مختلف سرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا (5) لغات لطيفي (6) لطيفي لات (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي.)
    مرزا قليچ بيگ جي علمي عظمت، ادبي بلنديءَ جا گوناگون رخ آهن، جن تي ڪيترا مضمون، ڪيترا ڪتاب ۽ ڪيتريون پي ايڇ ڊيز ڪري سگهجن ٿيون. مرزا صاحب عجيب ليکڪ ۽ اديب هو. هن جي لکڻ پڙهڻ جا طور طريقا ۽ زندگيءَ گذارڻ جا رستا ۽ رخ به پنهنج
     
    الھي بخش، مھتاب احمد ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مھتاب احمد

    مھتاب احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2016
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ادا ڪتاب "سنڌ جا قديم شھر ۽ انھن ۾ وسندڙ ماڻھو" ناھي انجو اصل نالو "قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو" آھي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو