

جي ها واقعي هن وڻ جي ٿُڙ ۾ پورو خاندان اهي سگهي ٿو۔۔۔۔
آفريڪا ۾ مٿي تصوير ۾ ڏنل اهڙو وڻ ٿيندو آهي جنهن کي بوباب (Boabab) چوندا آهن۔۔۔۔ آفريڪا جا ماڻهون چوندا آهن ته جڏهن قدرت اهڙو وڻ پيدا ڪيو ته شيطان ان کي پٽي اونڌو لڳائي ڇڏيو يعني شاخون هيٺ پاڙ مٿي۔۔۔
هي چوڻي سچ ٿي لڳي ڇو ته بوباب ڏسڻ ۾ ائين لڳندو آهي جيئن زمين تي ابتو لڳل هجي۔۔۔ دنيا ۾ وڻن ۾ آمريڪا جو ديودار (Sequoia) سڀ کان وڌيڪ ٿلهو وڻ ٿيندو آهي۔۔۔ تصوير لاءِ هيٺ ڏسو۔۔۔


پر بوباب جي ثُڙ جي ٿولهه امريکي ديودار کان ڪجهه گهٽ ٿيندي آهي۔۔۔۔
هڪ عام بوباب 45 فٽ کان وڌيڪ ڊگهو نه ٿيندو آهي پر هن جو ٿُڙ 35 فٽ ٿيندو آهي پر نرم ايترو ٿيندو آهي جو بندوق جي گولي به آرام سان گذري ويندي آهي۔۔۔
جهنگ ۾ رهڻ وارا افريقي هن جي ٿُڙ کي کولکلو ڪري ڇڏيندا آهن۔ اهڙي طرح انهن جو پورو خاندان ان ۾ آساني سان رهي سگندو آهي۔۔۔
ڏکڻ آفريڪا ۾ هڪ روڊ جي ڪناري تي بس سٽاپ جي ڀرسان هڪ بوباب وڻ بيٺل آهي جنهن جي ٿُڙ کي کوکلو ڪري ان وڻ کي شيلٽر طور بڻايو ويو آهي۔۔۔۔ مسافر سج جي گرمي ۽ بارش (مينهن) کان بچڻ لاءِ هن جي اندر پناهه وٺندا آهن۔۔۔۔