جواب: نوشهروفيروز ۾ پي پي جي ٻن ڪارڪنن پاران پاڻ ساڙيو ويو۔۔
اسلام اسان کي ڏکين گهڙين ۾ صبر جي تلقين ڪئي آهي، ڪنهن کي خبر نه آهي ته وقت ان لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون حالتون لڪايون ويٺو آهي؟
ٿي سگهي ٿو ته ان جا حالات ٿوري صبر کان پوءِ ايترا بدلجي وڃن جو ان خواب ۽ گمان ۾ به نه ڏٺو هوندو۔
اها هڪ شيطان چال آهي، جو شيطان اهڙن ڪمزور عقيدي، ڪمزور دلين ۽ بزل ماڻهن ج خيالات تي حاوي ٿي انهن کي اهڙن ڪمن لاءِ اڀاري ٿو
خبر نه آهي هي ڪٿان جي ثقافت آهي
ڪم از ڪم اسان سنڌين جي اها ثقافت نه ٿي ٿي سگهي
الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي:
(ولا تقتلوا انفسڪم ان الله ڪان بڪم رحيما۔ ومن يفعل ذالڪ عدوانا وظلما فسوف نصليه نارا وڪان ذالڪ علي الله يسيرا) سورت النساء آيت 29
ترجمو:
29. اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.
30. ۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.
31. جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.
32. جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ زالن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.