موبيلنڪ وارن مونڏانهن عيد ڪارڊ موڪليو آهي اوهان به قبول ڪريو ۽ موبيلنڪ جي طرفان لٽجندا رهو موبيلنڪ لُٽجَندا رهو۔۔۔
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ موبيلنڪ ڇا۔۔۔ پر هر ڪمپني ٻنهي هٿن سان پئي لُٽي پاڻ کي۔۔۔ انهن کي جيڪو ٽيڪس حڪومت ٿي هڻي، اهو اسان غريبن جي ڳچي ۾ ٿا وجهن۔۔
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ ڇا جو نيٽورڪ ادا۔۔۔ غريبن کي لُٽڻجو۔۔؟ يا وري انهن ڪمپنين کي بند ڪرڻ جو۔۔؟
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ ادا معاف ڪجو۔۔ موبائل جو نيٽورڪ تمام مهانگو هوندو آهي۔ جنهن ۾ فقط هڪ سروس ٽاور جو ڪاٿو ئي ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي جو هوندو آهي۔ ان کان علاوه مرڪزي مشينري به اربين رپين جي هوندي آهي۔۔ حڪومت جا لائسنس وغيره وغيره۔
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ يار سنڌ سلامت جا سڀئي ميمبر گڏجي اهو ڪم نه ٿا ڪري سگهون؟!! فقير ۽ راجه به ته اسلام آباد ۾ آهن!!
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ ايئن هجي ها ته پاڪستان ۾ هينئر تائين ٻه ٽي درزنن جي تعداد ۾ اهي ڪمپنيون هجن ها۔۔۔ فقير ۽ اسلام آبادي راجا کان به ڳالهه زور آهي۔۔ بلڪه ڪاٺياواڙي ميمڻبه ڳالهه مان ڪين ڄاڻي۔۔ ها ها ها
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ بلڪل ادا مون کي هڪ ٻئي ڳالهه به سمجهه ۾ نه پئي اچي اسان ڪارڊ لوڊ ڪرايو به 100 روپين جو ته 84 روپيا بينلس ايندو آهي 16 روپين جا ٽيڪس ۾ ڪٽجي ويندا آهن اسان ڪنهن ڏي ڪال ڪريون ته ڪال جا پئسن سان گڏ ٽئڪس به ڪٽجي ويندي آهي اسان ايزي لوڊ ڪرايون 50 روپيا ته ايندا 42 روپيا ان ۾ به ٽئڪس ڪٽجي وڄي ٿئي اسان ڪو ايس ايم ايس ڪريون ته اڳ ۾ ٽئڪس ڪٽجي وڃي ٿئي اهي سڀ ٽئڪسس اسان ٿا ڀريون اهي ڪمپنين وارا گورنمينٽ کي ڇا ڏئي رهيا آهن ؟؟؟؟ ڪنهن ڪا معلومات هجي ته ونڊ ڪري نه ته ٻئي صورت ۾ پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ... جيڪڏهن اسان صرف هڪ ڏينهن پنهنجا موبائيل آف ڪريون ۽ ڪنهن جي ڪال نه ريسيو ڪريون ۽ نه ڪنهن ڏي ڪال ڪريون ته اهي ڪمپني وارا پاڻ ئي اسان کي ريليف ڏيندا دوستو توهان کي خبر آهي ته هڪ اندازي موجب هر 30 کان 45 منٽن جي عرصي ۾ موبائيل ڪمپني کي 20 ڪروڙ کان 25 ڪروڙ جي آمدني ٿئي ٿي سدائين گ0
جواب: موبيلنڪ طرفان عيد مبارڪ فقير سائين توهان سچ چيو آهي۔۔۔ اهي ڪمپنيون پنهنجي کيسي ۾ ٽيڪس ٿوڙئي ٿيون ڀرين۔۔ جيڪو ٽيڪس لڳين ٿو ٺڪا عوام جي مٿان ٿا ڪن۔۔ الله خير ڪري۔۔۔ باقي لڳي ٿو ته اهو دور به ايندو جو 100 جو ڪارڊ ڀرائينداسين ۽ اٺ آنا ايندا۔۔۔