ٻوڏ جي پاڻي جو زور، بي پرواهه انتظاميا ۽ جوهي واسين جو جذبو!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ جي شهر جوهي جي ماڻهن سموري سنڌ بلڪه پاڪستان جي رهندڙن لاءِ عزم جو هڪ وڏو سبق ڏنو آهي، اتان جي ماڻهن انتظاميه جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي ڪري، مشينري جي اڻ هوند جي باوجود پنهنجي شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ‌ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري بندن جي مضبوطيءَ‌لاءِ ڊيوٽي ڏني آهي۔۔۔ هينئر به جوهي شهر کي خطرو آهي پر همت مردان مددِ خدا جي مثال وانگر انشاءَ الله هي وقت به آرام سان گذري ويندو ۽ جوهي شهر بچي ويندو۔۔۔
    ان سلسلي ۾ هڪ ڪالم جيڪو روزانه ڪاوش جي اڄوڪي شماري ۾ شايع ٿيو اهو اوهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔۔





    قربان بلوچ

    ٻوڏ يقيني طور تي قدرتي آفت آهي، جنهن کي روڪي نٿو سگهجي پر جڏهن ان ۾ رياستي ڪوتاهيون شامل ٿي وڃن ته ان سبب راڱا ٿين ٿا، جيئن سنڌ ۾ ٿيو آهي ۽ ٿيندو، سنڌو دريا ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان اڳ ملڪ ۾ سياسي صورتحال ۽ ملڪي ڪاروهنوار کان عوام جي لاتعلقي واري تاثر اسلام آباد ۾ هئڻ سبب اها سوچ پيدا ڪئي ته شايد عوام سمورن مامرن ۽ مسئلن کان لاتعلق بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي سڀ ڪجهه چونڊيل نمائندن، بيحد سرڪاري ادارن ۽ ڀوتارن تي ڇڏيو ويو آهي پر اهو تاثر ان وقت ٽٽي ويو، جڏهن ٻوڏ صورتحال کان گهروارن کي بچائڻ لاءِ جوهي پهتس، جڏهن اسلام آباد ۾ هئڻ دوران اها خبر پئي ته ٻوڏ جو پاڻي جوهي جي ايم اين وي ۽ ايف پي بند واري رستي علائقي ۾ پهچندو ته اسلام آباد کان جوهي روانگي دوران رستي تي اهو سوچيندو رهيس ته جوهي واسي توڙي آسپاس جا ماڻهو سمورو علائقو ڇڏي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ٿي ويا هوندا ۽ شهر توڙي ڳوٺ ويران هوندا پر اهي سمورا وسوسا ان وقت ختم ٿي ويا، جڏهن جوهي شهر پهتس ته ساڳيون رونقون هيون، سواءِ هڪ خوف جي جنهن جو ڪارڻ مون کي سرڪاري ادارن ۽ نام نهاد سماجي تنظيمن جنهن کي عام فهم ۾ اين جي اوز چيو وڃي ٿو لڳو، ماڻهو سرڪاري ادارن جي ڪاروهنوار ۽ سماجي ادارن کان لاتعلق ڇو بڻيل آهن، ان کي سمجهڻ ۾ ڪا فلاسافي جي قطعي طور تي ضرورت ناهي، جوهي ۾ هڪ هفتي اندر عوامي انقلاب يا جاڳرتا ڪيئن پيدا ٿي؟ ان جو اکين ڏٺو احوال ان طرح آهي ته ٻوڏ جو پاڻي حمل ڍنڍ، سپريو بند ۽ ايم اين وي ذريعي جوهي ۽ آسپاس پهچڻ کان اٽڪل هفتو اڳ جڏهن جوهي شهر ۾ چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا شهرين سان ٻوڏ جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ شهرين کي ٻوڏ جي خطري کان آگاهي سان گڏ اهي خاطريون ڪرايون ويون ته ٻوڏ جي خطري جي صورت ۾ شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي لاءِ ٽرانسپورٽ جي مڪمل فراهمي جا بندوبست مڪمل ڪيا ويا آهن، جنهن سان گڏ جوهي شهر کي ٻوڏ بچائڻ لاءِ ڏنل رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هر قسم جي مشينري ۽ گهربل سامان فراهم ڪيو ويندو، ان گڏجاڻي ۾ موجود هئڻ سبب انتظاميا جي اهڙين خاطرين تي منهنجي خوشي جي حد نه رهي، ڇو ته سرڪاري انتظاميا پاران هنگامي صورتحال ۾ رد عمل تيارين جي حوالي سان منهنجو پهريون تجربو هو ۽ آئون انهن خاطرين کي سچ سمجهي رهيو هئس، ان گڏجاڻي کانپوءِ جوهي شهر يا تڪ مان چونڊيل هڪ ايم پي اي جي گمشدگي باوجود مملڪتي وزير رفيق جمالي ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري جي وقت به وقت جوهي شهر ۽ آسپاس ۾ موجودگي ۽ عوام کي آٿت تي اسان سڀ مطمئن هئاسين، ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين مقامي انتظاميا جي حقيقي طور ٻوڏ واري هنگامي صورتحال ۾ رد عمل جو وقت نه آيو هو ۽ انتظاميا چونڊيل نمائندن جي هدايتن تي ها ڪرن ۾ ڪا دير نه پئي ڪري، جڏهن ته ٻوڏ جو پاڻي ايم اين وي ۽ جوهي بئراج کي ڪاري موري وٽان ڪٽ ڏيڻ سبب جوهي شهر کي ڏنل رنگ بند ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو هو، ان وقت تائين رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 3 مشينون موجود هيون، انتظاميا به ڏسڻ ۾ آئي پئي، ان وقت تائين مون سمجهيو ته شايد واقعي سرڪاري ڪم ائين ٿيندا آهن، مطلب جيئن چيو ويندو آهي، تيئن ڪيو به ويندو آهي پر اها سوچ ان وقت چڪنا چور ٿي وئي، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي جوهي جي رنگ بند سان لڳڻ شروع ٿيو ۽ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مشينري جي حقيقي ڪم جي ضرورت پئي ته آهستي آهستي پهرين هڪ مشين پوءِ ٻي ۽ آخر ۾ ٽين مشين به غائب ٿي وئي، جڏهن اها دانهن مملڪتي وزير ۽ تڪ جي چونڊيل ايم اين اي کي ڏني وئي ته هڪ مشين واپس ٿي، باقي غائب رهيون، اها هڪ مشين آخرڪار ان وقت غائب ٿي، جڏهن رنگ بند تي پاڻي چاڙهه ڪيو ۽ ان جي سخت ضرورت محسوس ٿي، پوءِ دانهن باوجود اها مشين ته نه لڌي، مون کي هڪ ڳالهه بلڪل سمجهه ۾ نه آئي ته مملڪتي وزير ۽ تڪ جي ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري جي ڏنل هدايتن تي هائوڪار ته ضرور ڪئي پر انتظاميا توڙي پارٽي جي مقامي قيادت پاران عمل نظر نه آيو، ان جو مثال ڏيندو هلان ته ٻوڏ جو پاڻي پهچڻ کان اڳ چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي شهرين سان اجلاس ۾ هنگامي صورتحال ۾ شهرين کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ پ پ جي هڪ پراڻي جيالي ۽ مختيارڪار ذميواري کنئي ۽ شهرين کي انهن خاطري ڪرائي پر جڏهن شهرين کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي وئي ته ان جيالي توڙي مختيارڪار ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ کان هٿين پئي ويا، ائين ڇو ٿيو، ان لاءِ جوهي جا هزارين شهري ۽ هزارين ڳالهيون آهن، ٻئي مرحلي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل خيما ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٻهراڙين ۾ فائبر جون مليل وڏيون ٽانڪيون غائب ٿيون، ٽئين مرحلي ۾ رليف لاءِ شهرن ۽ مختلف جاين تي رضاڪاراڻي طور شهر کي بچائڻ لاءِ ملندڙ رليف واري رقم، فراهم ڪندڙ جيالو غائب ٿيو، عجيب قصا آهن هن سياست جي جهان جا، چوڻ وارا چون ٿا ته شهرين کي ضرورت جي صورت ۾ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ خرچو هڪ جيالي، رليف لاءِسامان جي فراهمي جو خرچو ٻئي جيالي، کاڌو فراهم ڪرڻ جو ٺيڪو ٽئين ته ڪو ڇوٿون ڪم، ڪنهن چوٿين کي مليو، پوءِ پرچين تيل خريداري کان پيئڻ جي پاڻي جي ٽانڪين، چشمن ۽ ماني جي حاصلات لاءِ پر چين جو جهان هليو، شايد هلي به پيو، قصي گو ٻڌائين ٿا ته ٻوڏ متاثرن کي کاڌو فراهم ڪرڻ وارو ڪم هڪ جيالي ۽ هڪ اين جي او جي همراهه ڪنسورشيم جي صورت ۾ شروع ڪيو، هڪ چانور جي ديڳ جو اگهه ڪو ٻن هزارن کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو، پوءِ ماڻهن کي اهي چانورن جي ديڳ، ڪٿي ڪيئن ملي ۽ ان ۾ پيل سامان ۽ مقرر ڪيل اگهه واري فرق جي رقم جو ڇا ٿيو، خدا ڄاڻي هڪڙي رات جي ماجرا ته ماڻهو اهو به ٻڌائين ٿا، امدادي رڌيل چانور ۽ سامان رات جو ٽين وڳي ورهايو ويو، اهو ڪنهن ورتو، ڪير جاڳي پيو، اهو به خدا بهتر ڄاڻي ٿو، باقي پيئڻ جي پاڻي لاءِ مليل فائبر جون ٽانڪيون ٽرالين ۾ ڪاڇي جي هڪ اهڙي ڏاکڻئين شهر ڏانهن نيئندي ڏٺو ويو، جيڪو پراڻو شهر آهي ۽ اتي واٽر سپلاءِ موجود آهي، ان سموري عمل ۾ 6 سيپٽمبر جيڪو دفاع وارو ڏينهن پڻ هو، صبح جو ڳوٺ بخش علي رند وٽ رنگ بند تي پهتس ته بند تي پاڻي جو سخت دٻاءُ هو، شهري پريشان هئا، ڪا مشينري موجود نه هئي، اتي ڪم ڪندڙن جي تقاضا هئي ته کين مٽي پري کان کڻي ويجهي پهچائڻ لاءِ هٿ جي ريڙهن جي ضرورت آهي، اسان ڪجهه دوستن انهن آسرو ڏئي مختيار ڪار جي آفيس جو رخ ڪيو، جتي ڪير نه مليو ته فلڊ سينٽر طور اعلانيل ڪميونٽي سينٽر پهتاسين ته هتان ڪو جيالو ملي ته کيس ضرورت واري سامان جي درخواست ڪيون، جڏهن اتان ڪو نه مليو ته سماجي تنظيمن يا اين جي اوز طور ڪم ڪندڙ اهم تنظيمن جو رخ ڪيوسين، جن مان ڪن آفيسن ۾ يا ته ڪير نه مليو جيڪڏهن هڪ اڌ آفيس ۾ ڪو مليو ته انهن وٽ عوام ۽ شهرين جي مدد خاطر ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه هو، سواءِ غريب اين جي اوز جي آفيسن ۾ لڳل اسپلٽ ايئرڪنڊيشنڊ جي، جيڪي عام ماڻهن جي ڪم جون نه هيون. جڏهن هر هنڌان مايوس ٿياسين ته سوچيوسين ته ڪم ڪندڙ ماڻهن ڏانهن ڀلا ڪهڙو منهن کڻي موٽجي، هر ڪو دوست مايوس ٿي گهرن ڏانهن هليو ويو، پوءِ شام ڌاري مملڪتي وزير ميڊيا رستي شهرين کي شهر خالي ڪرائڻ جو پيغام موڪليو ته ويتر ترا لڳي ويا، اهڙي خبر کانپوءِ مايوسي کان وڌيڪ گهٽ هئڻ واري ڪيفيت جو شام جو هڪ دفعو ٻيهر رنگ بند تي پهتاسين ته سمورو شهر، ڳوٺاڻا ۽ هر ماڻهو اتي ڪم ۾ رڌل هو، نه هئي ڀرڻ لاءِ ٻورين جي کوٽ، نه ڪوڏرن ۽ ڪوڏرون هڻندڙ ٻانهن ۽ نه وري ماني فراهم ڪندڙن جي ۽ نه وري ونگار تي ڪم ڪندڙ ٽريڪٽرن لاءِ تيل فراهمي لاءِ پئسا ڏيندڙ کيسن جي کوٽ هئي، جنهن کانپوءِ يقين ٿي ويو ته عوام پنهنجي مسئلن، مامرن کان لاتعلق نه پر حڪمرانن رياستي ادارن کان مايوس آهي، باقي جڏهن عوامي طاقت پنهنجي تي اچي ته پوءِ ان کي پنهنجي تحفظ لاءِ نه سرڪاري ادارن کان مايوس آهي، باقي جڏهن عوامي طاقت پنهنجي تي اچي ته پوءِ ان کي پنهنجي تحفظ لاءِ نه رياستي مشينري ۽ نه وري رياستي فنڊن جي ۽ نمائندن جي آسرو ڏيندڙ انتظاميا جي ۽ عوام ئي طاقت آهي، جيڪا پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ چاهي ٿي.


    روزاني ڪاوش 8 سيپٽمبر جي ٿورن سان۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو