• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بادشاهه“ ته حڪمران آهن!

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
بادشاهه“ ته حڪمران آهن!​

ايڏي وڏي تباهي کان پوءِ سنڌ جا سياستدان چون ٿا ته درياهه بادشاهه آهي ۽ ان کي ڪير روڪي نٿو سگهي. ڇا واقعي ائين آهي؟ ڇا هن نقصان ۾ انتظاميا جي ڪا نااهلي ناهي؟ تازو ئي جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ ڪي اين شاهه کي قربان ڪيو ويو، ۽ هاڻي جوهي به خطري ۾ آهي. جي وقت سر فيصلا ٿين ها ۽ جوهي بيراج کي ڪٽ هڻي پاڻي منڇر ڏانهن روانو ڪجي ها ته شايد ايڏي تباهي نه اچي ها. هاڻ ميهڙ ۽ دادو کي به بچائڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ڇا ان تباهي جو ڪارڻ به درياهه بادشاهه آهي؟ ڇا هي ظلم ٿورا هئا، جو فلڊ ڪميشن وارا نئين ڪهاڻي ٺاهي سنڌ واسين جي قوت برداشت کي للڪارڻ چاهين ٿا؟ ٻن ڏينهن ۾ پنجاب جي نقصان ۾ واڌ ڪري ۽ سنڌ جي نقصان ۾ گهٽائي ڪري فلڊ ڪميشن ڇا ٿي ڪرڻ چاهي؟ صدر مملڪت کي اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي.

عامر نذير لغاري/ميرپور خاص
 
جواب: بادشاهه“ ته حڪمران آهن!

ادا ڪٽ هڻڻ مسئلن جو حل نه هو، پر حڪومت کي ڪير سمجهائي
 
جواب: بادشاهه“ ته حڪمران آهن!

ادا ٻاهرين ملڪن کي حڪومت تي ڀروسو ناهي رهيو
هاڻ هو پاڻ جت پهچي سگهن ٿا مدد ورهائين ٿا
 
جواب: بادشاهه“ ته حڪمران آهن!

سعودي وارا صبح تائين جيڪب آباد ۽ ارد گرد ۾ هيليڪاپٽرن ذريعي مدد ورهائيندا
 
Back
Top