جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا​

    [​IMG]
    جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!​
    ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛​
    سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا​
    .


    SIZE]عيد جي معني آهي اها خوشي جيڪا بار بار اچي، ۽ اها خوشي بار بار اچڻ جي باوجود به سنڌ ۾ حقيقي خوشي آڻي ناهي سگهي۔ مگر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته هن سال ته اها عيد سنڌ جي ڪيترن ماڻهن لاء معمول واري خوشي به آڻي ناهي سگهي ، ۽ هي عيد هنن جي ڏک ، ڏاکڙن ۽ پاڻي جي ٻوڏ ۽ مصيبت ۾گذرندي، سنڌ سلامت جا دوستو هڪ خاص عرض ته توهان جڏهن پاڻ هن عيد جي تياري لاء نوان ڪپڙا پهري ۽ ذائقيدار طعام واپرايو ته ان وقت هنن سنڌ جي لاچار ۽ بيوس بڻيل ماڻهن جي لاء گهڙي کن لاء ضرور سوچجو۔ ۽ پنهنجي وس آهر انهن سان به عيد جون خوشيون ونڊڪجو ۔دوستو منهنجي طرفان سنڌسلامت جي تمام ساٿين ۽ سنڌ ڌرتي جي هر ماڻهون کي اڳواٽ عيد واڌايون قبول پون۔
    عيد ڇا آهي؟ ​

    عيد ڇا آهي؟ عيد ايئن ئي آهي، جيئن مسلسل نٽهڻ اس سهندي موسم جهڙالي ٿي وڃي، ۽ وري زندگي جيئڻ جي خواهش پيدا ٿي پئي...اهو فلمي گيت جيڪو جيترو پراڻو ٿيندو پيو وڃي، پر ڪنهن موکيءَ جي مڌ وانگر ان جي معنائن جي مدهوشي ماڻهوءَ جو من موهندي رهي ٿي...”آج پهر جيني کي تمنا هي، آج پهر مرني کا ارادا هي.“ ڪيترو سادو خيال ۽ ڪيتري گهري معنيٰ؟ ٻه ڪيفيتون جڏهن هڪ ئي هنڌ گڏ ٿين ته انهيءَ ڪيفيت جي ترجماني فقط ان گيت جا اهي ٻول ئي ڪري سگهن ٿا. ماڻهو واقعي به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڪيفيت ۾ هوندو آهي، جڏهن هڪ هڪ ئي وقت جيئڻ به چاهيندو آهي، ۽ مرڻ جي خواهش به ايتري ئي شدت سان هجي ٿي...پر عيد جو ڏينهن جيئڻ لاءِ هجي ٿو...۽ جيئڻ فقط پاڻ لاءِ نه، پر انهن ڪيترن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪنهن هڪ فرد جي آس پاس رهن ٿا...پر ڪڏهن آس پاس رهندڙ ماڻهو زندگيءَ جي ميلي ۾ ايئن ئي گم ٿي ويندا آهن، جيئن اڄڪلهه عيد جي موقعن تي عيد ڪارڊ موڪلڻ جو رواج گم ٿي ويو آهي، اهي ايئن ئي گم ٿي وڃن ٿا، جيئن ڪنهن ڪتاب ۾ سنڀالي رکيل ڪو گلاب عيد جي موقعي تي ڳولجي ۽ اهو نه لڀندو هجي...ماڻهو ته وڃائجي ويندا آهن، پر انهن جون يادون ذهن جي شيلف ۾ ڪنهن بار بار پڙهجندڙ ڪتاب جيان سدائين لاءِ رکيل رهجي وڃن ٿيون...۽ يادن جي انهيءَ ڪتاب کي ماڻهو ڏينهن ۾ الائي ڪيترا ڀيرا پڙهندو رهي ٿو. عيد ڪارڊ جو رواج گم ٿيڻ سان ڄڻ ته پورو هڪ ڪلچر ختم ٿي ويو هجي، جو عيد ڪارڊ ته سنڀالڻ جهڙي شيءِ هوندا هئا، ايس ايم ايس جي قسمت ته ڊليٽ ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪا به نٿي هجي....مون انٽرنيٽ تي هڪ عيد ڪارڊ مٿان اردو جو اهو نظم لکيل پڙهيو ته،
    چهوڻا سا اک لفظ ”تمهاري“
    کتنا پيارا لگتا هي
    دل مين خوشيون کي نه جاني
    کتني پهول کهلاتا هي
    پهيکي سي بي کيف سي دن مين
    شوخي کي رنگ سجاتا هي
    جب عيد کي دن اک کارڊ ملي
    اس پر هون سرخ گلاب بني
    جس کي اندر سب سي نيچي
    لکهني والي ني لکها هو
    تم کو دل سي چاهني والي
    صرف ”تمهاري“
    تب اک چهوٽا سا لفظ ”تمهاري“
    کتنا پيارا لگتا هي!​
    عيد جو لفظ به ايئن ئي هوندو آهي، جيئن هن نظم ۾ ”تمهاري“ لفظ جي اهميت آهي، جيڪو لفظ ڪنهن کي خوشي ڏيڻ ۽ عيد جهڙا کوڙ سارا ڏينهن ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. اڄ وري عيد جو ڏينهن آيو آهي، عيد کان اڳ ڀريل بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ سڀڪو پنهنجي پنهنجي لاءِ خوشيءَ جو وکر تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سڀڪو انهيءَ جستجو ۾ هو ته پاڻ کي خوشيءَ جي انهيءَ ڏهاڙي لاءِ تيار ڪري.
    عيد مختلف ماڻهن جي لاءِ مختلف شين جو نالو آهي. هڪ نوجوان جي لاءِ عيد آهي، پنهنجن محبوبن کي عيد ڪارڊ ۾ پنهنجي دل رکي ڏيڻ. ماءُ لاءِ عيد آهي پنهنجي ٻارن جي چهري تي خوشي ڏسڻ، پيءُ جي لاءِ عيد آهي پنهنجي اولاد کي عيد جي ڏينهن مرڪندو ڏسڻ. ٻارن جي لاءِ عيد آهي نون ڪپڙن، مائٽن کان خرچين، مٺائين وٺڻ جي ڏينهن جو نالو. ڇوڪرين جي لاءِ عيد آهي سينگار ۽ مهندي رتن هٿڙن جو نالو، انهن جي لاءِ عيد آهي رنگ برنگي وڳن ۽ چوڙين جو ۽ جڏهن اڄ عيد جو ڏينهن آيو آهي، تڏهن سندن انتظار به ختم ٿيو آهي ۽ هڪ دفعو وري انهن جي چهرن تي خوشيءَ جا گلاب ٽڙي پيا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته اسان ڄڻ خوش رهڻ وساري ڇڏيو آهي. اڄ جي هن ماحول ۾ اداسي ڄڻ ته هر طرف ڇانيل آهي. سڀڪو ڪنهن نه ڪنهن ڳڻتي ۽ فڪر ۾ ڦاٿو پيو آهي. انهن فڪرن جي ڪري اسان خوشيءَ کان ڄڻ پري ٿي ويا آهيون ۽ ڪيتري حد تائين اها مايوسي حقيقي به لڳي ٿي. جڏهن روزگار جا ذريعا بند ٿيندا وڃن ۽ مهانگائي وڃي آسمانن کي ڇهڻ لڳي ته پوءِ خوش رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن بيروزگاري چوٽ چڙهيل هجي ۽ ماڻهوءَ جا خرچ تيزيءَ سان سندس کيسن کي کاٽ هڻندا هجن ته اتي پريشانيون نه ٿينديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ پر حقيقي خوشي تڏهن ملندي آهي، جڏهن اسان انهن پريشانين جي باوجود پنهنجي زندگيءَ کي جيئڻ جو فن ڄاڻندا هجون. ڏٺو وڃي ته اسان انهيءَ زندگي جي جيئڻ جي فن کي وساريندا پيا وڃون. جيئڻ جو فن انهيءَ ۾ آهي ته ڪن پريشانين جي باوجود خوشيءَ جو دامن هٿ مان وڃڻ نه ڏجي. جڏهن مايوسي راڪاسن وانگر منهن ڪڍي ته ان جو مقابلو ڪجي. خوشيءَ جي شهزادي ڀلي ڪهڙن به مضبوط قلعن ۾ قيد ڇو نه هجي، انهي کي پائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. تڏهن ته حقيقي زندگي آهي، جيڪر ماڻهو حالتن جي هٿ ۾ رڳو هڪڙي سڪل پن جيان هجي، جنهن کي ڪا به هوا ڪيڏانهن به وٺي وڃي ته پوءِ اها ڪهڙي زندگي آهي؟ تنهن ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجين سڀني مايوسين ۽ پريشانين جي باوجود خوشين جا پلاند پنهنجي هٿن مان نه وڃايون. خوشيءَ جي هر لمحي کي پوپٽن جي رنگ جيان پنهنجي وجود تي سينگاريون. زندگي ته تڏهن ئي آهي جڏهن اسان زندگي کي جيئڻ جو فن ڄاڻون.
    پر جڏهن اسان خوشين جي ڳالهه ڪريون ٿا ته خوشي رڳو مهانگن ڪپڙن، قيمتي جوتن ۽ پرفيومن ۾ ئي ته نه هوندي آهي. خوشي ته هڪ سادي وڳي ۾ به ملي سگهي ٿي، جيڪر ماڻهو کي خوش ٿيڻ ايندو هجي ته انهيءَ جي لاءِ گهڻي خرچ ڪرڻ جي ضرورت به ناهي. پنهنجن ٻارن، دوستن، رشتيدارن سان خوشيءَ جا لمحا ونڊڻ ورڇڻ ئي ته حقيقي خوشي آهي، ٻين جي خوشين ۾ پنهنجيون خوشيون تلاش ڪرڻ ئي حقيقي خوشي آهي. خوشيون محلاتن ۽ ڪرنسي نوٽن ۾ ناهن، خوشيون ته دل ۾ آهن. جيڪڏهن توهان وٽ اها دل آهي، جيڪا هر حال ۾ خوش ٿيڻ ڄاڻي ٿي ته پوءِ ٻيو ڇا گهرجي. خوشي بازار جو سودو ناهي، خوشي دل جو سودو آهي.
    اچو ته انهن خوشين کي حاصل ڪرڻ واري فن کي وري سکون. اچو ته زندگي کي جيئڻ جا نوان انداز سکون. اچو ته اڄ جي هن عيد جي هر لمحي مان پنهنجي زور ۽ شور سان لطف اندوز ٿيون. اچو ته عيد جو ڏينهن ائين گذاريون جو اهو اسان جي لاءِ سموري زندگيءَ جون خوشيون ويڙهي اسان جي اڱڻ تي کڻي اچي. اچو ته عيد ملهايون.
    مان نٿي چوان ته اڄوڪي ڏينهن تي اهي سڀ حقيقتون وساري ويهي رهجن، جيڪي حقيقتون ياد پوڻ سان خوشين لاءِ باقي ڪي به سبب نٿا بچن، پر اسان وٽ ننڍڙين خوشين لاءِ ڪجهه سبب آهن ئي آهن. ڪير پڇي سگهي ٿو ته عيد جي اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي سورن ۽ اهنجن جو اندازو ڇا معاشي اعتبار کان ان مان ڪري نٿو سگهجي ته ماڻهو هڪ ئي وقت نوان ڪپڙا ۽ سٺو کاڌو نٿا افورڊ ڪري سگهن، جڏهن ملڪ جي شاهوڪار ترين خطي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ غريب هجن ته اتي ماڻهو ڪيئن خوش رهن؟ ها هيءُ اهو ئي خطو آهي، جتي جا وسيلا ته لٽجي رهيا آهن، پر هاڻي انهن جي ثقافت جو به مذاق اڏايو پيو وڃي، جتي ڪلاشنڪوف کڻي هلندڙن کي ته سڀ ڪجهه معاف ٿي وڃي ٿو، پر سنڌي ٽوپي پائيندڙ ڄڻ ته وڏا گناهگار هجن. ماڻهو سوال پڇي سگهن ٿا ته اڄ ملڪ جو اهو سڀ شاهوڪار خطو غربت ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي عيد ملهائيندو؟ ڪير اهو به چئي سگهي ٿو ته ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان جي المياتي روئداد ته هاڻي قومي ڪيڏاري جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، پر هاڻي ته پاڻيءَ جي اڻاٺ، وسيلن جي کوٽ ۽ زندگيءَ جي معيار ۾ ابتريءَ سبب ڪچي، پڪي، لاڙ، وچولي ۽ اتر سنڌ غريب، بيسود، بي رنگ، خوف جي ماريل ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي، اتي جي آبادي ڪهڙي عيد ملهائيندي؟ پوري ملڪ کي ته سڀني صوبن کان وڌيڪ ڪمائي هي صوبو ڪري ڏئي ٿو، پر جوابي مد ۾ وري وسيلن جي ورڇ ۾ سڀ کان گهٽ حصو ان کي ئي ملي ٿو، ڇا پوءِ به عيد ملهائجي؟
    اهي تلخ حقيقتون ۽ اهي تلخ سوال ڪير لنوائي سگهندو، بس انهن کي ته فقط ٻار ئي لنوائي سگهن ٿا، جن کي اڄوڪي ڏينهن تي خوش ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ڳالهه سان ڪا دلچسپي نٿي هجي. انهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جي وسيلن سان ڇا پيو ٿئي؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جي پاڻيءَ سان ڇا وهي واپري رهيو آهي؟ انهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته مالياتي ايوارڊ ۾ انهن سان ڪهڙي ناانصافي ٿي رهي آهي؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته سندن پاڙي جي ڪنهن بي روزگار نوجوان ڇو خودڪشي ڪئي آهي؟ ڇو ته هو ٻار آهن، اسان کي به جيڪڏهن اڄ خوش ٿيڻو آهي، ۽ ٻارن لاءِ خوش ٿيڻو آهي ته پاڻ کي به ٻار ٿي عيد جي خوشي محسوس ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن وڏا ٿياسين ته خوشيون گهڻو ڏور هليون وينديون. زندگي جيئڻي آهي ته انهيءَ لاءِ ٻارن جي معصوميت گهرجي. خوشيون ڄاڻڻيون آهن ته انهيءَ لاءِ ٻار جهڙي دل کپي، اها ٻار جي دل ئي آهي، جيڪا ماضي ۽ مستقبل جي خفن کان آجي ٿي ڪري رڳو انهيءَ پل ۾ جيئڻ ڄاڻندي آهي. اها ٻار جي دل ئي آهي، جيڪا خوشيءَ جي هر لمحي مان سموري زندگيءَ جو لطف حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي. اها ٻار جي دل ئي آهي، جنهن کي نه ان ڳالهه سان سروڪار هوندو آهي ته خوشيءَ جي انهيءَ لمحي کان پوءِ ڇا ٿيو آهي. انهن جي لاءِ هوندو آهي ته اهو ئي لمحو هوندو آهي، جنهن ۾ هو جي رهيا هوندا آهن. اسان کي به ائين ڪرڻو آهي. عيد جي اڄوڪي ڏينهن ۾ ماضي جي سڀني تلخين کي وساري ڇڏڻو آهي ۽ مستقبل جي سڀني فڪرن کان آزاد ٿيڻو آهي. اڄ عيد جي ڏينهن کي ائين گذارڻو آهي، ڄڻ اهو ڏينهن آهيءَ زندگيءَ جو، جنهن ۾ اسان کي سموري حياتي جيئڻو آهي. اڄوڪي ڏينهن اسان کي اها ٻار جي دل پنهنجي سيني ۾ گهرجي. ( نامعلوم ليکڪ جي ٿورن سان )
    http://www.youtube.com/watch?v=caPcU7fUGGg&feature=related
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا

    ادا سنڌي ماڻهون ته پهريان به ڏکن ۾ هئا پر هن دفعي عيد ملهائڻ تي دل ئي نه پئي ڪري۔ نه ڪو ڪنهن بازار جو چڪر هنيو آي نه ئي ڪا اهڙي اميد آهي۔ ڪراچي جي شهر ۾ رهندي اسان جي اها حالت آهي ته باقي ٻين جو ڪهڙو حال هوندو۔

    مان هر شام سچل ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ وڃان ٿو ۽ جڏهن رات جو گهر واپس اچي سمهان ٿو ته ننڊ ڪانه ٿي اچي ؛

    ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهِيَنِ مارُوئڙَنِ جا؛
    پائُـرُ سَڀِ پَچِي پِيو، گَھرِ گھارِيندي ڪيرَ؛
    ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِنئون



    پوء به همت هارڻي ناهي۔ مايوسي ڪفر آهي، اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو۔ اميد ته سڀ سرندي وارا ٿورو ڪي گهڻو عيد واري ڏينهن متاثرين سان گڏ ضرور هوندا۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا

    ادا توهان سچ ٿا چئو​
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا

    ادا الله اسان جي حال تي رحم ڪري
    اوهان کي به عيد جون خوشيون مبارڪ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا

    ادا سڄي سنڌ ۾ اها ئي حالت آهي۔۔ پر جيڪي ماروئڙا ڪيمپن کان بغير رهيل آهن انهن جي حالت ته ويتر خراب آهي۔۔۔۔ ڪير انهن جي امداد ڪرڻ وارو نه آهي۔۔ پوءِ هاڻي اهي پنهنجي عزتِ نفس تي پٿر رکي پنڻ شروع ٿي ويا آهن۔۔ ۽ جن کي پنڻ سان به نه مليو اهي ڦرون ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو