ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا

جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛
سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا
SIZE]عيد جي معني آهي اها خوشي جيڪا بار بار اچي، ۽ اها خوشي بار بار اچڻ جي باوجود به سنڌ ۾ حقيقي خوشي آڻي ناهي سگهي۔ مگر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته هن سال ته اها عيد سنڌ جي ڪيترن ماڻهن لاء معمول واري خوشي به آڻي ناهي سگهي ، ۽ هي عيد هنن جي ڏک ، ڏاکڙن ۽ پاڻي جي ٻوڏ ۽ مصيبت ۾گذرندي، سنڌ سلامت جا دوستو هڪ خاص عرض ته توهان جڏهن پاڻ هن عيد جي تياري لاء نوان ڪپڙا پهري ۽ ذائقيدار طعام واپرايو ته ان وقت هنن سنڌ جي لاچار ۽ بيوس بڻيل ماڻهن جي لاء گهڙي کن لاء ضرور سوچجو۔ ۽ پنهنجي وس آهر انهن سان به عيد جون خوشيون ونڊڪجو ۔دوستو منهنجي طرفان سنڌسلامت جي تمام ساٿين ۽ سنڌ ڌرتي جي هر ماڻهون کي اڳواٽ عيد واڌايون قبول پون۔
عيد ڇا آهي؟
چهوڻا سا اک لفظ ”تمهاري“
کتنا پيارا لگتا هي
دل مين خوشيون کي نه جاني
کتني پهول کهلاتا هي
پهيکي سي بي کيف سي دن مين
شوخي کي رنگ سجاتا هي
جب عيد کي دن اک کارڊ ملي
اس پر هون سرخ گلاب بني
جس کي اندر سب سي نيچي
لکهني والي ني لکها هو
تم کو دل سي چاهني والي
صرف ”تمهاري“
تب اک چهوٽا سا لفظ ”تمهاري“
کتنا پيارا لگتا هي!
کتنا پيارا لگتا هي
دل مين خوشيون کي نه جاني
کتني پهول کهلاتا هي
پهيکي سي بي کيف سي دن مين
شوخي کي رنگ سجاتا هي
جب عيد کي دن اک کارڊ ملي
اس پر هون سرخ گلاب بني
جس کي اندر سب سي نيچي
لکهني والي ني لکها هو
تم کو دل سي چاهني والي
صرف ”تمهاري“
تب اک چهوٽا سا لفظ ”تمهاري“
کتنا پيارا لگتا هي!
عيد مختلف ماڻهن جي لاءِ مختلف شين جو نالو آهي. هڪ نوجوان جي لاءِ عيد آهي، پنهنجن محبوبن کي عيد ڪارڊ ۾ پنهنجي دل رکي ڏيڻ. ماءُ لاءِ عيد آهي پنهنجي ٻارن جي چهري تي خوشي ڏسڻ، پيءُ جي لاءِ عيد آهي پنهنجي اولاد کي عيد جي ڏينهن مرڪندو ڏسڻ. ٻارن جي لاءِ عيد آهي نون ڪپڙن، مائٽن کان خرچين، مٺائين وٺڻ جي ڏينهن جو نالو. ڇوڪرين جي لاءِ عيد آهي سينگار ۽ مهندي رتن هٿڙن جو نالو، انهن جي لاءِ عيد آهي رنگ برنگي وڳن ۽ چوڙين جو ۽ جڏهن اڄ عيد جو ڏينهن آيو آهي، تڏهن سندن انتظار به ختم ٿيو آهي ۽ هڪ دفعو وري انهن جي چهرن تي خوشيءَ جا گلاب ٽڙي پيا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته اسان ڄڻ خوش رهڻ وساري ڇڏيو آهي. اڄ جي هن ماحول ۾ اداسي ڄڻ ته هر طرف ڇانيل آهي. سڀڪو ڪنهن نه ڪنهن ڳڻتي ۽ فڪر ۾ ڦاٿو پيو آهي. انهن فڪرن جي ڪري اسان خوشيءَ کان ڄڻ پري ٿي ويا آهيون ۽ ڪيتري حد تائين اها مايوسي حقيقي به لڳي ٿي. جڏهن روزگار جا ذريعا بند ٿيندا وڃن ۽ مهانگائي وڃي آسمانن کي ڇهڻ لڳي ته پوءِ خوش رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن بيروزگاري چوٽ چڙهيل هجي ۽ ماڻهوءَ جا خرچ تيزيءَ سان سندس کيسن کي کاٽ هڻندا هجن ته اتي پريشانيون نه ٿينديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ پر حقيقي خوشي تڏهن ملندي آهي، جڏهن اسان انهن پريشانين جي باوجود پنهنجي زندگيءَ کي جيئڻ جو فن ڄاڻندا هجون. ڏٺو وڃي ته اسان انهيءَ زندگي جي جيئڻ جي فن کي وساريندا پيا وڃون. جيئڻ جو فن انهيءَ ۾ آهي ته ڪن پريشانين جي باوجود خوشيءَ جو دامن هٿ مان وڃڻ نه ڏجي. جڏهن مايوسي راڪاسن وانگر منهن ڪڍي ته ان جو مقابلو ڪجي. خوشيءَ جي شهزادي ڀلي ڪهڙن به مضبوط قلعن ۾ قيد ڇو نه هجي، انهي کي پائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. تڏهن ته حقيقي زندگي آهي، جيڪر ماڻهو حالتن جي هٿ ۾ رڳو هڪڙي سڪل پن جيان هجي، جنهن کي ڪا به هوا ڪيڏانهن به وٺي وڃي ته پوءِ اها ڪهڙي زندگي آهي؟ تنهن ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجين سڀني مايوسين ۽ پريشانين جي باوجود خوشين جا پلاند پنهنجي هٿن مان نه وڃايون. خوشيءَ جي هر لمحي کي پوپٽن جي رنگ جيان پنهنجي وجود تي سينگاريون. زندگي ته تڏهن ئي آهي جڏهن اسان زندگي کي جيئڻ جو فن ڄاڻون.
پر جڏهن اسان خوشين جي ڳالهه ڪريون ٿا ته خوشي رڳو مهانگن ڪپڙن، قيمتي جوتن ۽ پرفيومن ۾ ئي ته نه هوندي آهي. خوشي ته هڪ سادي وڳي ۾ به ملي سگهي ٿي، جيڪر ماڻهو کي خوش ٿيڻ ايندو هجي ته انهيءَ جي لاءِ گهڻي خرچ ڪرڻ جي ضرورت به ناهي. پنهنجن ٻارن، دوستن، رشتيدارن سان خوشيءَ جا لمحا ونڊڻ ورڇڻ ئي ته حقيقي خوشي آهي، ٻين جي خوشين ۾ پنهنجيون خوشيون تلاش ڪرڻ ئي حقيقي خوشي آهي. خوشيون محلاتن ۽ ڪرنسي نوٽن ۾ ناهن، خوشيون ته دل ۾ آهن. جيڪڏهن توهان وٽ اها دل آهي، جيڪا هر حال ۾ خوش ٿيڻ ڄاڻي ٿي ته پوءِ ٻيو ڇا گهرجي. خوشي بازار جو سودو ناهي، خوشي دل جو سودو آهي.
اچو ته انهن خوشين کي حاصل ڪرڻ واري فن کي وري سکون. اچو ته زندگي کي جيئڻ جا نوان انداز سکون. اچو ته اڄ جي هن عيد جي هر لمحي مان پنهنجي زور ۽ شور سان لطف اندوز ٿيون. اچو ته عيد جو ڏينهن ائين گذاريون جو اهو اسان جي لاءِ سموري زندگيءَ جون خوشيون ويڙهي اسان جي اڱڻ تي کڻي اچي. اچو ته عيد ملهايون.
مان نٿي چوان ته اڄوڪي ڏينهن تي اهي سڀ حقيقتون وساري ويهي رهجن، جيڪي حقيقتون ياد پوڻ سان خوشين لاءِ باقي ڪي به سبب نٿا بچن، پر اسان وٽ ننڍڙين خوشين لاءِ ڪجهه سبب آهن ئي آهن. ڪير پڇي سگهي ٿو ته عيد جي اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي سورن ۽ اهنجن جو اندازو ڇا معاشي اعتبار کان ان مان ڪري نٿو سگهجي ته ماڻهو هڪ ئي وقت نوان ڪپڙا ۽ سٺو کاڌو نٿا افورڊ ڪري سگهن، جڏهن ملڪ جي شاهوڪار ترين خطي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ غريب هجن ته اتي ماڻهو ڪيئن خوش رهن؟ ها هيءُ اهو ئي خطو آهي، جتي جا وسيلا ته لٽجي رهيا آهن، پر هاڻي انهن جي ثقافت جو به مذاق اڏايو پيو وڃي، جتي ڪلاشنڪوف کڻي هلندڙن کي ته سڀ ڪجهه معاف ٿي وڃي ٿو، پر سنڌي ٽوپي پائيندڙ ڄڻ ته وڏا گناهگار هجن. ماڻهو سوال پڇي سگهن ٿا ته اڄ ملڪ جو اهو سڀ شاهوڪار خطو غربت ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي عيد ملهائيندو؟ ڪير اهو به چئي سگهي ٿو ته ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان جي المياتي روئداد ته هاڻي قومي ڪيڏاري جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، پر هاڻي ته پاڻيءَ جي اڻاٺ، وسيلن جي کوٽ ۽ زندگيءَ جي معيار ۾ ابتريءَ سبب ڪچي، پڪي، لاڙ، وچولي ۽ اتر سنڌ غريب، بيسود، بي رنگ، خوف جي ماريل ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي، اتي جي آبادي ڪهڙي عيد ملهائيندي؟ پوري ملڪ کي ته سڀني صوبن کان وڌيڪ ڪمائي هي صوبو ڪري ڏئي ٿو، پر جوابي مد ۾ وري وسيلن جي ورڇ ۾ سڀ کان گهٽ حصو ان کي ئي ملي ٿو، ڇا پوءِ به عيد ملهائجي؟
اهي تلخ حقيقتون ۽ اهي تلخ سوال ڪير لنوائي سگهندو، بس انهن کي ته فقط ٻار ئي لنوائي سگهن ٿا، جن کي اڄوڪي ڏينهن تي خوش ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ڳالهه سان ڪا دلچسپي نٿي هجي. انهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جي وسيلن سان ڇا پيو ٿئي؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جي پاڻيءَ سان ڇا وهي واپري رهيو آهي؟ انهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته مالياتي ايوارڊ ۾ انهن سان ڪهڙي ناانصافي ٿي رهي آهي؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته سندن پاڙي جي ڪنهن بي روزگار نوجوان ڇو خودڪشي ڪئي آهي؟ ڇو ته هو ٻار آهن، اسان کي به جيڪڏهن اڄ خوش ٿيڻو آهي، ۽ ٻارن لاءِ خوش ٿيڻو آهي ته پاڻ کي به ٻار ٿي عيد جي خوشي محسوس ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن وڏا ٿياسين ته خوشيون گهڻو ڏور هليون وينديون. زندگي جيئڻي آهي ته انهيءَ لاءِ ٻارن جي معصوميت گهرجي. خوشيون ڄاڻڻيون آهن ته انهيءَ لاءِ ٻار جهڙي دل کپي، اها ٻار جي دل ئي آهي، جيڪا ماضي ۽ مستقبل جي خفن کان آجي ٿي ڪري رڳو انهيءَ پل ۾ جيئڻ ڄاڻندي آهي. اها ٻار جي دل ئي آهي، جيڪا خوشيءَ جي هر لمحي مان سموري زندگيءَ جو لطف حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي. اها ٻار جي دل ئي آهي، جنهن کي نه ان ڳالهه سان سروڪار هوندو آهي ته خوشيءَ جي انهيءَ لمحي کان پوءِ ڇا ٿيو آهي. انهن جي لاءِ هوندو آهي ته اهو ئي لمحو هوندو آهي، جنهن ۾ هو جي رهيا هوندا آهن. اسان کي به ائين ڪرڻو آهي. عيد جي اڄوڪي ڏينهن ۾ ماضي جي سڀني تلخين کي وساري ڇڏڻو آهي ۽ مستقبل جي سڀني فڪرن کان آزاد ٿيڻو آهي. اڄ عيد جي ڏينهن کي ائين گذارڻو آهي، ڄڻ اهو ڏينهن آهيءَ زندگيءَ جو، جنهن ۾ اسان کي سموري حياتي جيئڻو آهي. اڄوڪي ڏينهن اسان کي اها ٻار جي دل پنهنجي سيني ۾ گهرجي. ( نامعلوم ليکڪ جي ٿورن سان )http://www.youtube.com/watch?v=caPcU7fUGGg&feature=related