دوستو اڄ مان اوهان سان هڪڙي ويب سائيٽ ونڊ ڪري رهيو آهي جنهن جو نالو آهي بسم الله ميل جيڪا مسلمانن لا آهي۔۔۔۔۔۔ [CENTER][/CENTER] جلد ئي رجسٽريشن ڪرايو
جواب: بسم الله ميل جزاڪ الله خيئرن ادا تمام بهترين سائيٽ شيئر ڪئي آهي توهان الله پاڪ توهان کي ۽ توهان جي گهروارن کي پنهنجي امان ۾ رکي آمين سدائين گڏ
جواب: بسم الله ميل مست صرف مال جي ڪڍ هججا۽ اصل فقير به مقابلي ۾ ماري وئي سڏايئن مست نظر وري فقير جي روزگار ۾ ٻيلي ڪجهه ڏاهو ٿئي سدائين گڏ
جواب: بسم الله ميل فقير سائين اسان اها جرئت ڪونه ٿا ڪري سگهون۔۔۔ توهان جي فقيري سدا سلامت رهي۔۔۔ فقيري روزگار سلامت رهي۔۔ باقي شاهه سائين جي شعر وانگر ته ” الله ڏاهي م ٿيان۔۔۔ ڏاهيون ڏک ڏسن“۔۔
جواب: بسم الله ميل فقير سائين ۽ ادا مست جون مهربانيون جن هن سائيٽ کي پسند ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڪافي دلچسپ ڪچهريون پڻ ڏسڻ وٽان مليون۔ خبر ناهي ڪير ڪنهنجي ڪم تي ٿو ديرو ڄمائي۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ ڄاڻو
جواب: بسم الله ميل فقير سائين سمجهي ٿو مست سندس ڪمائڻواري طريقي تي نظر رکيو ويٺوآهي، فقير کي ڪير سمجهائي ته فقيري طريقا زور آهن، مست انهن مان ڪين ڄاڻن
جواب: بسم الله ميل سائين مون اڪائونٽ ٺاهي ڇڏيو آهي مزي جي ڳالهه اها ته مونکي پنهنجي فيورٽ ٻولي عربي جو آپشن به ملي ويو۔ پهرين سٽ ئي ٻولي عربي چوز ڪيم۔ مهرباني اوهان جي
جواب: بسم الله ميل مهرباني ادا طاهر سنڌي صاحب، اوهان کي پهرين سٽ م ٻولي چونڊ ڪرڻ جو آپشن به ملي ويو سچ پڇو ته مون ايڏانهن غور ڪونه ڪيو هئو۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺو ٿيو جو اوهان کي سائيٽ سٺي لڳي
جواب: بسم الله ميل بس دعاء اها آهي ته واقعي هو پنهنجي دعوي ۾ سچا هجن يعني مسلم لفظ جو ڀرم رکن نه ته ۔۔۔
جواب: بسم الله ميل ادا زاهد حسين صاحب مان به اڪائونٽ ٺاهيو آهي بسم الله ميل ۾، اوهان جي وڏي مهرباني اهڙي ونڊ شيئر ڪرڻ جي۔
جواب: بسم الله ميل مخدومي جمالو جتن سان وارا جتن يا ڪو ٻيو جتن، پيٽ پالڻ سان جتن جو ڪهڙو ڪم بابلا ! پيٽ پالڻ جو ذمو مالڪ ڪُل ڪائنات جي آهي، اهو شڪر جو محتاجي مخلوق هوندي به مٺي الله سائين اسان جا هٿ پير سلامت رکيا آهن اکيون ڏنيون اٿس، سوچڻ سمجهڻ وارا سڀئي حواس ڏنا اٿس، جو جتن وتن جون ڳالهيون ڪريون پيا فرض ڪر ڪنهن ماڻهو جا ٻئي هٿ ڪونهن ، هلڻ لاءِ ٻئي ٽنگون ڪونه آهن ڏسڻ لاءِ ٻئي اکيون ڪونه آهن، هاڻي ٻُڌائي ته اهو الله سائين جو مجبور بندو ڪهڙا جتن ڪندو، ڇا اهو بکيو رهجي ويندو نه دوست نه رب اهو مهربان آهي جيڪو بغير چرڻ ڦرڻ جي به پنهنجي محتاجي مخلوق جو پيٽ ڀريو ڇڏي۔ باقي فقير جا جتن پيٽ لاءِ ڪونه اٿئي جميلي، فقير جون رمزون ڪو ڪو ڄاڻي ، فقير سنڌ سلامت جو فقير آهي ڪو مذاق ناهي !