سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا سهڻا دوستو!
    الحمد الله، سنڌ جي هي مٽي، اوهانجو هي دوست، دنيا جي سهڻي ۽ مقدس شهر مڪي پاڪ مان اچي سنڌ جي سهڻي ۽ من موهيندڙ ڌرتي تي اچي نڪتو آهي، اوهانکان ڪجهه ڏينهن جي ڏوري ته ضرور ٿي پر پنهنجي ماروئڙن سان سڌي ڏيٺ ٿيندي ۽ پنهنجي ڌرتي جي هوائن جو سڳنڌ ملندو واري آسري تي اها جدائي به برداشت ڪري وينداسون۔
    ڀائرن، ڀينرن، عزيزين، رشتيدارن ۽ اولاد کان جدائي جا ڏينهن ڪيترا سخت هوندا آهن، تنهن جي خبر انهنکي ئي هوندي جي جدائي جي عذاب مان گذرندا هوندا ۔۔۔
    خئير خوشي ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو سير ڪبو ۽ وقت به وقت اوهان دوستن سان حال احوال به ڪبا ۽ وقت سر اوهانجون سهڻيون لکڻيون به پڙهبيون رهبيون ۔۔۔
    دعائن ۾ هميشه گڏ ۽ منهنجي طرفان اوهان ۽ اوهانجي اهل عيال لا عيد واڌايون ۽ نيڪ خواهشون قبول پون ۔۔۔

    اوهانجو دوست ۔۔۔۔
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    سائين قبلا

    ڀلي آيا جي آيا۔۔۔۔۔۔۔ اسان جو اکيون ٿڌيون ٿيون۔۔۔۔ اوهان جو اچڻ شال رب ڪريم سنڌ ڌرتي لا برڪتن ڀريو ڪري آمين!

    سائين قبلا عيد جو پروگرام ڪٿي آهي ڪراچي يا لاڙڪاڻي؟

    اوهان کي دل جي گهرائين سان عيد واڌايون ۽‌ نيڪ خواهشون قبول پون۔۔۔۔۔۔۔ جي اوهان عيد سچل ڳوٺ ۾ ڪئي ته پو اسان جو به شايد اوهان سان ملڻ ٿئي۔۔۔۔۔۔۔

    مهرباني قبلا آگاهي ڏيڻ جي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    سائين اوهان جي اچڻ جي خبر جو انتظار هو۔۔ هن موضوع جي عنوان کي پڙهي پڪ ٿي وئي۔۔۔ اسان جو سائين مڪي وارو سنڌ جي ڌرتي تي پهچي ويو آهي۔۔ توهان کي سنڌ جي ڌرتي تي ڀليڪار۔ عيد جو مزو واقعي پنهنجن سان عيد ملهائڻ ۾ هوندو آهي۔۔۔۔ ۽‌پنهنجن سان عيد نصيب وارا ملهائيندا آهن۔۔۔ اميد ته توهان سان هن ڀيري انشاءَ الله ضرور ملاقات ٿيندي مست مسڪين جي، ڇو ته پهرين جڏهن اوهان پنهنجي وطن ڏانهن واپس آيا هو ته سنڌ سلامت جي ڪنهن به دوست سان منهنجي سڃاڻپ نه هئي۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    ادا نثار اوهان کي ڀليڪار ته اوهان سان ڀاڪر پائي سچل ڳوٺ ۾ اڳ ئي چئي چڪا آهيون۔ اوهان سان ڪچهري به ڪئي پر انشا الله اڃان وڌيڪ ڪچهريون ڪبيون ۔ اميد ته 10 مهينن جي دوري کانپو هي 2 مهينا پنهنجن ۾ مسڪرائيندي ۽ خوش ٿيندي گذاريندا۔

    دعائن ۾ ياد
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    سائين قبلا ڀلي ڪري آيا هن ڀلاري ڀونء تي هن عاجز طرفان اوهان کي عيد مبارڪون اگر هن طرف اچڻ جو ارادو ٿئي ته ايڊوانس ۾ اوهان کي دعوت عرض آهي وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون رهنديون. الله توهان کي توهان جي اهل کي سلامت رکي خوشيء واري عيد نصيب ڪري جيڪي مارو ويچارا پنهنجي اجهن کان پري ٿي ويا آهن الله تعالى انهن تي به پنهنجي مهر ڪري . وس آهر سڀڪو انهن جي مدد ڪري رهيو آهي ليڪن ان ڪريم جي ڪرم کان سواء ڪو چارو نه آهي . ان مالڪ جي در دعا ٿا ڪيون ته شال سڀني سانگيڙن کي وري پنهنجي اباڻي وٿاڻن تي پهچائي کين به خوشيون نصيب ڪري.
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    مانَ وارا مڪي پاڪ ۾ ٽيليفون تي ته رابطو ٿيو پر افسوس ملاقات نه ٿي سگهي، ڳوٺ ورڻ تي اوهان کي مبارڪون هجن، ٻچڙن ۽ سنگت سان خير جو وقت گذاريو، گهر هجو چاهي سفر ۾ مولا اوهان ڏانهن خير ڪري۔
    عيد کان پوءِ منهنجي پاڪستان واپسي آهي، حياتي رهي ته ضرور ملندا سون۔
    اسان وٽ مڪي پاڪ صبح جمعي تي ان شاءَ عيد آهي۔
    سڄي سنڌ کي عيد مبارڪ۔
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    ادا طاهر سنڌي اوهان کي عيد جو لکين واڌايون هجن۔۔۔۔۔۔۔
    الله سائين اوهان کي خير وعافيت سان پنهنجي ماڳ تي آڻيندو آمين
    دعائن ۾ ياد قبلا
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    پيارا سائين الحمد لله رمضان شريف ۾ بيت الله شريف ۾ وڃي ساري سنگت لاءِ دعائون گهريون الله قبول فرمائي۔
    اوهان کي به عيد جون خوشيون مبارڪ۔
    مهرباني
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    ڀلي ڪري آيا سائين جيڪڏهن قدرت ملايو ته توهان سان ضرور ملبو مهرباني
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    سائين مهرباني اوهان جي.
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    دوستو، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    اوهان دوستن طرفان هن اڱڻ تي موڪليل عيد مبارڪن لئه دل سا خئير مبارڪون ۽ اميد ته رب اوهان دوستن کي خوشين سان مالا مال ڪيو هوندو ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سڀني عزيز دوستن جا لک ٿورا جن سنڌ ۾ پير ڌرڻ تي آڌر ڀا ڪيو ۽ پيار ڀريا ڀاڪر پاتا ۔۔۔۔ نڀاڳي ڪمپيوٽر اچڻ شرط انگل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ گڏهه واري گوهي ڪئي، شابس آهي ادي رشيد کي جنهن وقت ڪڍي هن گڏهه جهڙي ڪمپيوٽر کي سڌو ڪري ڏنو آهي، جنهن سبب اوهان دوستن سان ڪچهري ڪري رهيو آهيا ن۔۔۔

    سڪ ڏاڍي لڳي هئي جو جنهن اوطاق تي هميشه حاضر هججي ۽ وري دوري ٿئي ته طبيعت ۾ ڪجهه فرق پوي ٿو ۔۔۔ خئير الله ڀلو ڪري ادي رشيد جو ۔۔۔ آمين

    ادي وساڻ جا به لک ٿورا جنهن سنڌ سلامت جي حالتن کان وقت به قت آگاهي ٿي ڏني ۔۔۔

    ادي مست، ادي طاهر، مانواري رحيم بخش ، ادي شر ۽ ادي گلال ۽ ڀائڙي زاهد جا لک ٿورا ۔۔۔۔ اميد ته ڪجهه ڏينهن ۾ ڪچهريون ۽ ملاقاتون ٿينديون ته حال احول به ڪبا ۽ هاڻ ڪمپيوٽر به ٿورڙو سڌو ٿيو آهي ته رابطو پيو هلندو ۔۔۔۔

    اوهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن لئه نيڪ تمنائون

    اوهانجو دوست
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    محترم نثار ابڙا السلام عليڪم: اسان اڻ پڙهيل پاران به وري پنهنجي ماڳ پهچڻ تي ڀليڪار قبول ڪري ڇڏيو، عزيز قريبن دوستن پنهنجن پراون سان ملڻ توهان کي ڪيئن لڳي پيو، توهان جي هن تمهيدي پوسٽ مان خبر پئي، باقي دوست ڪمپيوٽر جي بي وفائين جون خبرون الامان، اسان جهونن کان پڇو، بار بار ري اسٽارٽ، واري بيماري ته منهنجي پي سي ۾ گهر ڪري وئي آهي، شڪر رب سائين جو توهان جي ويجهو جادوگر عبدالرشيد سمون آهي جنهن توهان جي ڪمپيوٽر کي وري نوبنو چاڪ چوبند ڪري ڇڏيو خير اسان جون دعائون هميشهه توهان سان گڏ آهن شال سدائين خوش هجو پنهنجي پيارن سان۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    ادا نثار، وڏي مهرباني۔۔۔۔۔ اسان مستن کي ياد ڪرڻ جي۔۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    محترم مانوارا سائين نثار ناز صاحب، لک ٿورا اوهانجي آدرڀا جا، هون ته پنهنجي ديس تي وري اچڻ جي خوشي ايتري ٿيندي آهي، جو لطيف جي سر مارئي جو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو آهي، پر جڏهن ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي پرک ڪندو آهيان (دنيا جي آزاد ۽ ترقي پسند قومن سان) ته ايترو ڏک ٿيندو آهي ۽ نيڻن مان نير وهندو آهي جنهنکي بيان ڪرڻ جي سگهه نه اٿم ۔۔۔۔ بس ايئن سمجهو ته پنهنجي قوم جي حالت ائين لڳندي آهي جيئن پوين پساهن ۾ پيل ڪنهن پرين پياري انسان کي ڀڳل ٽٽل کٽ تي پيل ڏسجي، جنهنجا ساهه مشڪل سان کڄندا هجن ۽ جسم سڄي تي مرض جا ڦٽ ۽ چٽا بدبودار ٿي ويا هجن۔۔۔

    هرطرف اوندهه ۾ ڪو ڪرڻو نظر اچي ته به چئجي پر هت انڌير کي اڃان گهرو ڪيو پيو وڃي، ڦٽيل ۽ بيمار قوم جي جسم تي لوڻ ٻرڪي، وڌيڪ ماريو ۽ کپايو پيو وڃي ۔۔۔

    قسم آهي مٺڙي رب جو جي سنڌ جلد غلامي مان آزاد نه ٿي ته موت يقيني آهي ۔۔۔ پو اڄ نه ته ڪجهه سالن ۾ ئي سهي پر مري مات ٿيڻ يقيني نظر اچي ٿو ۔۔۔۔

    اي رب العالمين تون رحم ڪر ۽ سنڌ ۾ ڪي اهڙا سهڻا سچا ۽ وفادار ماڻهون پئدا ڪر جي سنڌ جي آجپي لئه ڪم ڪن ۽ مرضن ۾ مبتلا قوم جي علاج جو ڪو سوڻ ڪن ۔۔۔ آمين [-o<
     
  15. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    سائين اوهان جي قرب ڀرين ڪمينٽس جو هر تحرير کي انتظار رهيو
    درويش جي طرفان ڀليڪار۔ قبول پوي۔ >:d< ۔ ^:)^ ۔ >:d<
     
  16. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سلام سنڌ جي سهڻي سرزمين تان ۔۔۔

    مهرباني قبلا سائين۔۔۔۔

    ادا رشيد سمون جو نالو ئي ته جادوگر نه پيو آهي نه سائين۔۔۔ محترم ناز صاحب جن جي سندن جو نالو رکيو آهي ۔۔۔۔ جن نالو رکيو آهي سي به پيارا آهن ۽ جن جو نالو رکيو ويو آهي سي به تمام پيارا آهن۔۔۔ پر جن جو ڪمپيوٽر ٺيڪ ڪيو اٿس سي به تمام پيارا آهن۔۔۔۔

    لک قرب قبلا سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو