ناڪام رياست ۽ جڳاڙي معاشرو: دربدر سنڌين جي سارَ ڪير لهندو؟ جامي چانڊيو سنڌ ۽ ان جي هڪ ڪروڙ ٻوڏ جي ماريل مظلوم عوام جي صورتحال اسان سڀني جي سامهون چٽيءَ طرح واضح آهي. هونئن ته سنڌ ۽ سنڌين کي تاريخ ۾ هزارين مصيبتون، حملا ۽ نهايت ڏکيون صورتحالون سامهون آيون آهن. سنڌ تي آرين، عربن، ارغونن، ترخانن کان ويندي 1843ع ۾ انگريزن جي فتح تائين ڪيتريون ئي ڪاهون ٿيون آهن، جن سنڌ جي ڀيلَ ۽ بربادي پئي ڪئي، پر رياست جي ناڪاميءَ، نااهليءَ ۽ مجرمانه بدانتظاميءَ سبب آيل ٻوڏ سنڌ ۾ جيڪي راڱا ڪيا آهن، انهن جو ڪوبه ڪاٿو لڳائي نٿو سگهجي. سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌين جي ڪنهن به نسل ايتري تباهي نه ڏٺي آهي، جيڪا اسان جي اڳيان نه رڳو ٿي چڪي آهي ۽ ٿي رهي آهي، پر وڌيڪ ٿيڻ جا امڪان چِٽا ۽ پڌرا آهن. هن مثالي بدانتظاميءَ ۽ نااهليءَ جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ نه رڳو سنڌ جي 24 ضلعن مان 19 ضلعن جي هڪ ڪورڙ سنڌين کي گهر بدر ۽ دربدر ۽ ڄڻ ته پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌ جي زراعت، انفرااسٽرڪچر، چوپائي مالي، هزارين ڳوٺن ۽ سوين ننڍن شهرن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. رياست جي نااهليءَ ۽ بدانتظاميءَ جي نتيجي ۾ آيل هن ٻوڏ جي ڪري سنڌين پنهنجي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 80 لک ماڻهو رستن، روڊن، پَٽَن ۽ ڪيمپن ۾ بدترين غير انساني زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ جو وڏو حصو عزت ڀرين انساني آبادين بجاءِ انسانيت جي تذليل جي ڏِکَ ڏيندڙ ڪيمپن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. در حقيقت انهن تذليل گهرن کي ڪيمپون به نٿو سڏي سگهجي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪيمپن جا پڻ ڪي اُصول مقرر ٿيل آهن، هي ته اُهي جايون آهن، جتي لکين عورتون، ٻار ۽ مرد جانورن کان به بدتر حالت ۾ واڙيل آهن، جتي بنيادي انساني سهولتن جو ڪوبه انتظام ته ڇا تصور به موجود نه آهي. البته غير سرڪاري تنظيمن جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪيمپن جي صورتحال نسبتن بهتر آهي. ٻوڏ جي هن تباهيءَ جتي رياست جي ڪردار، حڪومتن جي صلاحيت، معاشري جي سگهه ۽ ادارن جي ساک ۽ اهليت بابت انيڪ سوال اُٿاريا آهن، اُتي سڀني کان اهم ۽ حساس اهو پيغام پڻ ڏنو آهي ته ناڪام رياست جي نااهل ۽ ڪرپٽ ادارن جي صورت ۾ اسين ڪيترو نه غير محفوظ هٿن ۽ صورتحال ۾ آهيون. هيءَ رياست ۽ ان جو هر ادارو اُڏوهيءَ کاڌل ڪاٺَ جيان اندران مڪمل طور کاڄي چڪو آهي. اهو بار بار ثابت ۽ واضح ٿي چڪو آهي ته هيءَ رياست عوام جو معاشي رَتُ چُوسي رڳو ڪرپٽ ڪامورن، فوج شاهي، ڌنڌوڙي ۽ اقتدار پرست سياستدانن جا کوهن جهڙا پيٽ ئي ڀرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ماڻهو مرن يا جيئن، هن رياست ۽ ان جي ڪرپٽ ۽ نااهل ادارن جو عوام سان ڪوبه تعلق نه آهي. انگريزن جي جنهن بيٺڪيتي نظام کي هن رياست پنهنجي ورثي طور قبول ڪيو هو، اهو به پاڪستان جي رياست کان هزارين ڀيرا وڌيڪ بهتر، انصاف ڏيندڙ ۽ ماڻهن جي سارَ لهندڙ نظام هو. ان ڪري هن رياست جو عوام سان ڪوبه تعلق نظر نٿو اچي. باقي عوام کي ڦُرڻ، لُٽڻ، ساڻن ويساهه گهاتيون ڪرڻ لاءِ هن رياست جي سموري مشينري پنهنجي پوري ذميواريءَ سان ڪم ڪندي رهي ٿي. هيءَ رياست هڪ ڄؤر آهي، جيڪا رڳو عوام جو سياسي ۽ معاشي رَت ئي پي سگهي ٿي. هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي هڪ سيمينار ۾ جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ڪامورن جو چڱو انگ موجود هو، مون جڏهن چيو هو ته جيڪڏهن سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿئي ته شايد موجوده بيوروڪريسي آفيسن ۾ اچڻ ئي ڇڏي ڏيندي ته اسان جي مانواري ڀيڻ ميڊم مهتاب راشديءَ ردعمل ظاهر ڪيو هو پر پوءِ ساڳئي ئي پروگرام جي پڄاڻيءَ تي اعتراف ڪندي مونکي چيو هئائين ته: “بات تو سچ هي مگر بات هي رسوائي ڪي” ڪرپشن، اقرباپروري، ۽ ڦُورو نفسيات رياست جي سمورن ادارن کي مرڻينگ ڪري سندن پيشه ورانه صلاحيت کي مڪمل طور مفلوج ۽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻوڏ ۾ وفاقي توڻي صوبائي سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ان جو وڏو ثبوت آهي. هڪ طرف رياست جي ناڪامي ۽ نااهليءَ جي صورتحال اِها آهي ته ٻئي طرف هن ٻوڏ اسان کي بطور معاشري جي به پنهنجو حقيقي آئينو ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ اسان کي نظر نه ٿو اچي ته ڪو اسان وٽ اهڙا فرد ۽ ادارا وڏي انگ ۾ موجود آهن، جن وٽ عوام جي واهر ڪرڻ جو جذبو ۽ ايمانداري به هجي ۽ گڏوگڏ اهڙي صلاحيت، افرادي قوت ۽ گهربل انتظام به هجي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندن ۾ فلاحي ڪمن (Philanthropy) جو نه رڳو اهو جذبو هوندو هو، پر انهن وڏا ادارا پڻ قائم ڪيا. سنڌي مسلمانن ۾ زرعي معاشري ۽ جاگيردارانه نفسيات سبب اهو رويو شروع کان نهايت گهٽ رهيو آهي، پر وقت سان گڏ اهي رويا تبديل ٿيڻ کپندا هئا، پر اسان جي صورتحال ۾ گهڻي تبديلي نه آئي آهي. اُڀرندڙ سنڌي مڊل ڪلاس گهڻي ڀاڱي انفراديت پسنديءَ ۽ جڳاڙي نفسيات جو شڪار آهي. هن جي سموري جاکوڙ پنهنجي ذات، گهر ۽ اولاد کان اڳتي نه ٿي سُري. رياست جي ناڪاميءَ پڻ ماڻهن ۾ ويڳاڻپ ۽ عدم سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪري کين انفراديت پسنديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌِڪڻ تي مجبور ڪيو آهي. مڊل ڪلاس جو عام ماڻهو پنهنجي “نڪ” کان اڳتي ڏسي ئي نه ٿو. جيتوڻيڪ اسان وٽ ايماندار، ساک وارا ۽ ذميوار فرد ۽ ادارا موجود آهن، پر انهن جو انگ تمام ٿورو ۽ سندن مالياتي ۽ پيشه ورانه صلاحيت پوري ساري آهي. منهنجو ذاتي مشاهدو ۽ تجربو اهو آهي ته مڊل ڪلاس جي سرگرم فردن ۽ ادارن جي اڪثريت “جڳاڙي” آهي. سستي شهرت، بنا محنت ۽ پورهيي توڙي قابليت جي اڳتي وڌڻ ۽ لالچي نفسيات سبب اسان جي مڊل ڪلاس جو اهو گهربل ڪردار نه ٿو اُڀري، جنهن جي سنڌ کي ضرورت آهي ۽ جنهن جي نه هئڻ جي اسان بطور قوم جي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون. جيتوڻيڪ ڳالهيون به عمل جو حصو آهن پر جي رڳو ڳالهين کي ئي عمل سمجهبو ته ظاهر آهي ته سماج ۾ گهربل تبديلي نه ايندي. سنڌي سماج جي موجوده صورتحال اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار تبديل ۽ وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سڏي رهي آهي. اسان مان هرهڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪردار تي غور ڪرڻو پوندو. بي عمل ماڻهو رڳو ٻين تي آڱر کڻندو آهي، پر هن صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي پنهنجي ڪردار تي غور ڪري ان کي اڃا وڌيڪ ذميوار، لاڀائتو ۽ اثرائتو بڻائڻو پوندو. قومن يا سماجن جا مزاج ڪو جامد يا هڪ هنڌ بيٺل نه هوندا آهن، پر اُهي مسلسل تبديل ٿيندڙ ۽ متحرڪ هوندا آهن. ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورت ۾ آيل هيءَ تباهي اسان جي قومي ڪردار ۽ مزاج کي تبديل به ڪري پر ان لاءِ ڪجهه فردن ۽ ادارن کي رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ هن قومي تباهه حاليءَ کان لاتعلقي وڌيڪ بدترين انارڪيءَ کي جنم ڏئي سگهي ٿي. مٿين سموري ڳالهه ٻولهه جو تَتُ هيءُ آهي ته آخر هڪ ناڪام رياست ۽ جڳاڙي معاشري جي موجوده صورتحال ۾ سنڌين جي الهه تلهه وڃايل هڪ ڪروڙ ماڻهن جي واهر ڪير ۽ ڪيئن ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته في الحال ته ان ڏس ۾ نه ته ڪا گهربل رٿابندي نظر ٿي اچي ۽ نه وري سنجيدگي ۽ ڪمٽمينٽ. ٻئي طرف اهو خطرو پڻ موجود آهي ته جيڪڏهن صورتحال بدستور اِها رهي ته اها نڌڻڪائي، بيوسي، بک ۽ بدحالي اهڙي انارڪيءَ کي جنم ڏيندي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ نه ته رياست جي وَس ۾ هوندو ۽ نه معاشري جي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۽ ان جي هڪ ڪروڙ تباهه حال ماڻهن کي هن صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ وري به جيڪا ڌر صحيح معنيٰ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اُهي باشعور ۽ قومي توڻي انساني احساس رکندڙ سنڌي ماڻهو ئي ٿي سگهن ٿا. سنڌ ۾ سنڌين جي آبادي هڪ محتاط اندازي مطابق چار ڪروڙ آهي، انهن مان لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ سنڌي ماڻهو دربدر ٿيا آهن. جيڪڏهن باقي بچيل ٽي ڪروڙ سنڌين مان هڪ ڪروڙ ماڻهو به سموري سنجيدگيءَ سان عملي طور اُٿي بيهي سامهون اچن ته مان سمجهان ٿو ته انهن نڌڻڪن هڪ ڪروڙ سنڌي ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهاري کين عزت ۽ پاڻ ڀري زندگيءَ ڏانهن نه رڳو موٽائي سگهجي ٿو، پر پاڻ ان کان بهتر صورتحال ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو. منهنجيءَ نظر ۾ ان لاءِ سنڌ جي هر مڇي مانيءَ لائق گهر کي هڪ ڏتڙيل گهر کي Adopt ڪرڻو پوندو. اهو ڏيکاءَ لاءِ يا ميڊيا ۾ سامهون اچڻ لاءِ نه پر اهڙي جذبي سان ڪرڻ جي گهرج آهي، جيئن ڏکيءَ ويل پنهنجي ڀاءُ، ڀيڻ، اولاد يا ڪنهن ويجهي مائٽ جي مدد ڪبي آهي. جنهن ۾ انهن کي گهٽ نه سمجهبو آهي ۽ نه ئي موٽ ۾ ان جو ڪو اُجورو يا موٽَ گهربي آهي. اهو سڀ ڪجهه ان خالص ۽ سچي جذبي سان ئي ٿيڻ ممڪن آهي، جنهن ۾ وٺي نه پر ڏئي خوشي ماڻبي آهي. منهنجيءَ نظر ۾ اهو ڪردار ٽن سطحن تي ادا ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان مهم ۽ ڪردار ۾ هيٺين وچئين طبقي کان وٺي وچئين طبقي ۽ خود مٿئين طبقي جا باضمير ماڻهو حصو وٺي سگهن ٿا پر تنهن لاءِ هڪ شرط لازمي آهي ته اُهي ڪنهن به هڪ تباهه حال خاندان کي عملي طور پنهنجي هڪ عزيز خاندان طور Adopt ڪن. ان لاءِ ٽي ممڪن صورتون هي ٿي سگهن ٿيون: جيتوڻيڪ هيٺين وچين طبقي جا ماڻهو پنهنجيءَ ۾ پورا آهن، پر ان جي باوجود جيڪڏهن پنهنجي حال آهر اُهي هڪ خاندان کي Adopt ڪن ته ان جي هڪ حد تائين واهر ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن به هڪ ڏتڙيل گهر کي هڪ طرف 25000 روڪ ڏنا وڃن ۽ پوءِ پنهنجي حال آهر تيستائين سندن سارَ سنڀال لهجي جيستائين اهو ڏتڙيل گهر معاشي، سماجي ۽ نفسياتي طور پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال گهرجي، اهو عملي طور بلڪل ممڪن آهي. پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جا استاد، ننڍا دڪاندار، ڪلارڪ ۽ 17هين گريڊ کان هيٺ سرڪاري ملازم اها ذميواري پنهنجن ڪلهن تي کڻي سگهن ٿا. ان ڪردار ادا ڪرڻ جي ٻي سطح مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي آهي، جيڪي هڪ ڀائپيءَ ۾ ورتل خاندان کي ياته 50،000 روڪ ڏئي سگهن ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ ٽي کان پنج هزار ماهوار وظيفو ڏئي سگهن ٿا، جنهن مان ڏتڙيل خاندان پنهنجون اهي ٻئي ڪم گڏ به ڪري سگهن ٿا ته جيئن اهو ڏتڙيل خاندان پنهنجي روزگار جو به ڪو بندوبست ڪري سگهي ۽ جيستائين اهو معاشي طور پاڻ ڀرو ٿئي، تيسين ان جون گهٽ ۾ گهٽ ضرورتون پوريون ٿي سگهن. جيڪڏهن دل سان انهن خاندانن/ گهرن کي Adopt ڪبو ته اهو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ ٽين ۽ سڀ کان آئيڊيل صورت اها ٿي سگهي ٿي ته سرنديءَ وارا ماڻهو اڳتي اچن ۽ اُهي برداريءَ ۾ ورتل (Adopted) ڪنهن به هڪ گهر کي ٽن لکن جي مدد ڪن، جنهن مان هڪ غريب ماڻهوءَ جو گهر مڪمل طور نه رڳو پاڻ ڀرو ٿي سگهي ٿو، پر اهو انهن پئسن مان پنهنجو اَڀرو سڀرو غريباڻو اَجهو پڻ ٺاهي سگهي ٿو. جيڪڏهن سچ پچ به هڪ بچي ويل گهر/ خاندان طرفان هڪ ڏتڙيل خاندان کي Adopt ڪرڻ جو عملي رجحان تيز ٿئي ته نه رڳو ان سان اهي لکين تباهه حال ماڻهو ۽ خاندان عزت ڀري زندگيءَ ڏانهن واپسي ڪري سگهن ٿا، پر ان سان هن ذات پات ۽ نسلي گروهه بنديءَ جي ور چڙهيل سماج ۾ مختلف ذاتين، نسلن، علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن جي پاڻ ۾ سڌي تعلق جي نتيجي ۾ سچ پچ به وڏي ڪيفيتي (Qualitative) تبديلي اچي سگهي ٿي. جڏهن ڪو چانڊيو ڪنهن ميمڻ يا ڪوريءَ کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ان جي گهر کي Adopt ڪري ۽ ڪو شيخ، ميمڻ، سمون يا سومرو ڪنهن سنڌي ٻروچ کي پنهنجو عزيز سمجهي ان جي گهر کي Adopt ڪري، لاڙ جو ماڻهو اُتر جي ماڻهوءَ کي Adopt ڪري، شهرن جو ماڻهو ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ کي ۽ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڪنهن ڏتڙيل شهري ماڻهوءَ کي Adopt ڪري ته تصور ڪري سگهجي ٿو ته ان جا رڳو معاشي نه پر سماجي، ثقافتي ۽ نفسياتي طور سنڌي سماج تي ڪيترا اثر پوندا. هيءُ وقت آهي اهو ثابت ڪرڻ جو ته خون، ذات ۽ قبيلي جي رشتي کان قومي ۽ انساني رشتو وڌيڪ اُتم ۽ سگهارو ٿيندو آهي. هڪ ٻئي کي ذات پات جي فرق کان مٿانهون ٿي Own ڪرڻ سان اسين سنڌي سماج جي نئين سماجي اڏاوت ڪري سگهون ٿا. دنيا جون سموريون سڌريل ۽ ترقي يافته قومون هاڃن، حادثن، جنگين، قدرتي آفتن ۽ غير معمولي تباهه ڪارين جا امتحان پاس ڪري پوءِ اڳتي وڌيون آهن. سنڌ تي مڙهيل هن قيامت جهڙي صورتحال کي هڪ نئين رويي ۾ نئين سنڌ جي اڏاوت جي جذبي ۽ عمل ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن خواب جي تعبير ممڪن آهي، جيڪڏهن اسان سچ پچ به هڪ زندهه قوم هئڻ جو ثبوت ڏيون. ان ڏس ۾ پهرين وِ ک مان پاڻ کڻي رهيو آهيان. مان هن ڪالم ذريعي اهو وچن ٿو ڪريان ته مان سنڌ جي هڪ ڏتڙيل خاندان کي Adopt ڪندس ۽ ان کي هڪ اهڙي رشتي ۾ تبديل ڪندس، جيڪو اڻ ٽُٽ هوندو ۽ هن خواب جي تعبير ڏانهن پهريون قدم هوندو. اچو ته اسين سڀ پنهنجي پنهنجي پتيءَ جو ذمو کڻون ۽ وڌيڪ نه ته فقط هڪ ڏتڙيل گهر جو بار کڻون. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جو هر ڏتڙيل گهر هڪ “ننڍڙي سنڌ” آهي ۽ اهڙا ئي لکين ڪروڙين گهر گڏجي اسان جي مڪمل سنڌ ٺاهين ٿا. ظاهر آهي ته اسين سموري سنڌ جو بار اڪيلي سر نه ٿا کڻي سگهون، پر اسان ڏتڙيل گهرن جي صورت ۾ هڪ هڪ “ننڍڙي سنڌ” جو بار پنهنجي پوري ايمانداريءَ ۽ سچي جذبي سان کڻون ته اسان نه رڳو انهن جي زندگين ۾ خوشيون موٽائي سگهون ٿا، پر ان سان پنهنجي اخلاق، فرض شناسيءَ، ڪردار ۽ روح جي پڻ نئين سر آبياري ڪري سگهون ٿا. سنڌ جي سڀ کان قيمتي شيءِ ان جا ماڻهو آهن. اسين اُهي سڀ جيڪي سنڌ سان محبت جون دعوائون ٿا ڪريون، هن ڏکيءَ مهل اسان کي موقعو ڏنو آهي ته اسان سنڌ سان پنهنجي محبت ۽ عشق کي عملي طور پرکيون ته اهو پيار رڳو هڪ ٺلهي ڳالهه آهي يا هڪ متحرڪ ۽ عملي سگهاري قوت؟ سنڌ جي سلامتي سنڌي ماڻهوءَ جي سلامتيءَ سان وابسته آهي. سنڌ جو شان ۽ عزت به ان جي ماڻهوءَ سان مشروط آهي ۽ سنڌ سان اسان جي محبت به ان جي ماڻهوءَ سان پيارَ ۽ ان جي سارَ سنڀال ۽ مالڪيءَ جي صورت ۾ سامهون اچڻ گهرجي. حڪومت رڳو سنڌ جو تباهه حال انفرااسٽرڪچر اڳوڻي حالت ۾ بحال ڪري وڃي ته به وڏي ڳالهه آهي. جيڪا حڪومت ڪجهه لک ماڻهن کي فضيلت سان ٻن ويلن جي ماني نه ٿي کارائي سگهي، اُها هڪ ڪروڙ ڏتڙيل ماڻهن کي جيڪو آباد ڪندي، اُهي سڀ افعال اسان کي ساريا پيا آهن. جيئن هن ڀيري سنڌ جا اڪثر بند ماڻهن پاڻ بچايا آهن، تيئن انهن ڏتڙيل ماڻهن ۽ خاندانن کي پڻ سنڌي ماڻهو ئي هن قيامت مان ڪڍي سگهي ٿو، ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن اسين رڳو ڪيمپن تي ماڻهن کي ماني پُڄائڻ ۽ کين پنهنجي گهر جا پراڻا ڪپڙا ڏيڻ کان اڳتي وڌي سچ پچ به گهٽ ۾ گهٽ هڪ گهر يا ڪٽنب جو گهربل بار کڻون ۽ سنڌ جو هر پنهنجن پيرن تي بيٺل خاندان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏتڙيل خاندان جي مڪمل ۽ مسلسل واهر ڪري. هيءُ “مهل تي مڙسي” ڏيکارڻ ۽ “ٻُڏيءَ جا ٻيڻا” ڪرڻ جو وقت آهي. اچو ته ڪجهه گهڙيون ڪڍي اسان پنهنجو پاڻ کان پڇون ته ڇا اسان هن ڏکيءَ مهل هڪ گهر يا ڪٽنب جي صورت ۾ هڪ “ننڍڙي سنڌ” جي سارَ لهي سگهون ٿا؟ هن مهل سنڌ سان اسان جي محبت جو اهو ئي امتحان آهي http://www.youtube.com/watch?v=uOBDUJr3WIg&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=WbNAS-ppnyY&feature=related
جواب: ناڪام رياست ۽ جڳاڙي معاشرو: دربدر سنڌين جي سارَ ڪير لهندو؟ ادا ممتاز! تمام بهترين ونڊ آهي، سچ لکيل آهي، ناڪام رياست ۾ ڪو آسرو رکڻ اجايو لڳي ٿو، جيڪي به فلاحي ڪم هينئر عام تنظيمون ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪري رهيا آهن اهڙا ڪم اسان جي حڪومت وڏي تعداد ۾ ڪري سگهي ٿي پر ناڪام ڪرپٽڊ مشينري ۽ نه هلندڙ رَٽ جي ڪري ڪرڻ جي خواهش جي باوجود به هاڻي اهي فلاحي ڪم حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهيا آهن۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن ڪيمپ تي 20000 خرچ اچي ٿو ته لکرايو 200000 لک وڃي ٿو۔
جواب: ناڪام رياست ۽ جڳاڙي معاشرو: دربدر سنڌين جي سارَ ڪير لهندو؟ بلڪل ادا الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي لا يغير الله ما بقوم حتي يغيرو ما بانفسهم الله ڪنهن قوم جي حالت نه سڌاريندو آهي جيسين انهن ۾ تبديلي جي رغبت شوق نه هجي يا جيسين هو پاڻ کي تبديل نه ڪري سو ادا معاشري کان ئي پهرين ڪوشش اچڻ گهرجي