سنڌي ٻولي ۽ ترقي جي منزل سيد احسان شاهه راشدي ٻولي يا زبان انسان لاءِ خدائي عطيو آهي ۽ ان جو واسطو علم الانسان سان رهي ٿو. ٻوليءَ جو مطالعو ڪنهن به قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي مطالعي جو نالو آهي. ڇو ته ٻوليون مئل ماڻهن جي هڏن مان نه پرزنده، جيئرن جاڳندن انسانن جي روزمره جي زندگيءَ مان اڀريون ۽ اسريون آهن ٻوليون قومن جو آب حيات آهن ۽ انساني روح جو عڪس پڻ آهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي تمنائن ۽ تجربن جو عڪس ڏسن ٿا. سنڌي ٻولي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي پس منظر رکي ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي لکيو آهي ته دنيا ۾ ست آسماني زبانون آهن جن مان سنڌي به هڪ آهي.سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي مختلف رايا ملن ٿا. پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عيسوي سن کان اڳ به سنڌي ٻوليءَ جا آثار ملن ٿا. مشهور سياح بشاري المقدسي ۽ الاصطخري سنڌ ۾ آيا ته به سنڌي زبان موجود هئي. سرگرئسن Linguistic survey of Indus لکي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت واريون خوبيون هجڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ان جي پيرويءَ ۾ ڪاڪي ڀيرومل، مهرچند آڏواڻي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ سنڌيءَ کي سنسڪرت ڄائي قرار ڏنو. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻوليءَ کي سامي سٿ جي زبان قرار ڏنو. سراج ميمڻ مهراڻ ۾ آرٽيڪل لکي سنسڪرت کي سنڌيءَ ڄائي قرار ڏنو انهيءَ بڻ بنياد جي بحث کان قطع نظر اها ڳالهه مستند آهي ته سنڌي زبان هزارين سال قديم زبان آهي ۽ سنڌ تي ڌارين جي يلغار، قبضي ۽ قتل عام باوجود پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته ارغونن ۽ ترخانن سنڌي ماڻهن جي سسين جا مينار ٺهرايا پر ٻولي ختم نه ٿي سگهي! ڇو ته هن سرزمين ۾ اهي انسان رهن ٿا جن جي گڏيل محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ٺهيل ۽ راس ٿيل سماج انسان کي اعليٰ ۽ سچيتو شعور عطا ڪيو آهي، هن سرزمين تهذيب زبان تاريخ هنرن ۽ ادب جي نيسارن کي جاري رکيو آهي. هن سرزمين جي انسانن جي بي پناهه پورهئي سان وطن جي سينڌ سنوارجي ٿي، سرزمين جي حصن کي وڌائڻ ۾ ڪارئي جي ڌنوڻ، هاري جي هر، مزدور جي پگهر، اديب جي فڪر ۽ ذهني پورهئي، جوڌي جي شهادت برابر جي حصيدار رهي آهي ۽ اهي سڀ ڪوششون لاشعوري طرح ٻوليءَ کي برقرار رکڻ جي جدوجهد جو حصو آهن. هو مياڻيءَ جا معرڪا، هي اروڙ ۾ وهيل رت هو ٽلٽيءَ ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا جتي ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ آهن اتي اهي سڀ قربانيون هن محبت ڀرئي ماڳ جي ٻاجهاري ٻوليءَ لاءِ به آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو جڏهن سنڌ ۾ فارسيءَ جو غلبو هيو ۽ اوپرا، ڳورا ۽ عجيب لفظ ملائي درٻاري شاعرن فارسيءَ ۾ داستان جوڙيا پئي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ادارن مان نيڪالي مليل هئي پوءِ به سنڌي ٻوليءَ وجود برقرار رکيو ان جا ٻه وڏا سبب هئا هڪ انسان جي سوچ ۾ پنهنجي زبان سان واڳيل هوندي آهي. انساني ڏک سک، محبت ۽ ڌڪار جا جذبا انسان لاشعوري طرح به پنهنجي ٻوليءَ ۾ طاهر ڪندو آهي ۽ حاڪم ۽ ڌاريا چاهيندي به سنڌ جي ماڻهن جي سوچ مان ٻولي ختم نه ٿي ڪري سگهيا ٻيو ته ان دور ۾ لاکيڻو لطيف پيدا ٿيو جنهن سنڌي زبان کي دائمي زندگي ڏني ۽ چئي ڏنو جي تو فارسي سکيو گولو تو غلام اڃو تان آب گهري، بکيو تان طعام اهو عام سندو عام خاص مان ڪين ٿئي.اڄ به سنڌي ٻوليءَ کي عالمي لحاظ کان تبديل ٿيندڙ ماحول، واڳ ڌڻين جي وائڙپ، ادبي سنگت جي ڄنڊاپٽ، اعليٰ تعليمي ڪتابن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي نه ٿيڻ سميت انيڪ مسئلن سان منهن ڏيڻو آهي. خانگي تعليمي ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏئي نيئن نسل کي ٻولي کان پري ڪرڻ جو ڪوششون ٿي رهيون آهن. سڀ کان وڌيڪ دنيا پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا طرف وڃي رهي آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتابن ۽ ماضيءَ جي تاريخي،ادبي مواد کي منتقل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ مشهور ويب سائٽ وائيس آف سنڌ، سارنگا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ويب سائيٽس ڪم ڪري رهيون آهن ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي لکيو آهي ته ”سنڌي ٻولي اسان جي سماج جي اندر ۾ درياءَ شاهه جيان وهندي، ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي ڍائيندي ، آباد ۽ سکيو رکندي تان جو محبتن ميلاپن، ڏوراپن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رمزن ۽ رازن ، ڏاهپن ۽ عقلن، طعنن ۽ ٽوڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ٺهي ٺهي ٻوليءَ جي اٿاهه ساگر ۽ عميق سمنڊ جهڙو ڪري ڇڏيندا، ابراهيم جويو چوي ٿو ته ”ٻوليءَ جا لفظ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. ٻوليءَ جي وجود سان سماج وجود رکي ٿو ۽ ٻولي ٻار کي ڄمڻ سان ڪن تي پوي ٿي ۽ ماءُ جا ممتا ڀريل ٻول ڀينرن جا لاڏا ۽ سهرا، ڪو ڌاڻا ۽ نان انساني ذهن تي نقش ٿين ٿا ۽ ٻوليءَ جا اهي ٻول انساني سکيا جو باعث ٿين ٿا ۽ خيالن جي اظهار جو فطري وسيلو اهائي زبان ٿئي ٿي ۽ ٻار پنهنجي قوم سماج، علم، ادب، ثقافت، تهذيب تمندن، مذهب ثقافت، موسيقي، صنعت ۽ تجارت جي سمورين خوبين جي باري ۾ معلومات رکي ٿو ۽ مادري زبان سندس سوچن، احساسن، امنگن ۽ پيڙائن جي اظهار جو ذريعو بنجي ٿي، ٻار جي فڪري قوت ۽ تخليقي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو. نوان خيال سندس ذهن ۾ جنم وٺن ٿا ۽ اهڙي اوسر سان ٻار جون جسماني، اخلاقي ۽ سماجي صلاحيون به وڌي ٿيون. انسان کي سماج ۾ گڏجي رهڻو پوي ٿو ۽ ڪاروبار ۾ سرگرمي سان حصو وٺڻو پوي ٿو ۽ ان کي مادري زبان تي عبور حاصل نه هوندو ته هو ڪاروهنوار ۾ ڏکيائن کي منهن ويندو ۽ موقف بيان ڪرڻ ۾ به هٻڪ محسوس ڪندو ان کانسواءَ حساب ، ڄاڻ، سائنس، تحقيق توڙي مستقبل جي ضروررتن لاءِ سنڌي ٻولي مضبوط سماجي ڪارج رکي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي سماجي حيثيت ۽ اهميت کي انگريزي اديبن، محققن ۽ لسانيات جي ماهرن مسلسل سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي تحقيق ڪئي آهي. آمريڪا يورپ ۽ روس جي اديبن پڻ جديد علم جي روشنيءَ ۾ مطالعو شروع ڪيو آهي. لنڊن يونيورسٽيءَ جي هيلسنڪي، آمريڪا جي پنسلوانيه، ٽئڪساز ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي زبان تي لسانيات جا ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. جرمنيءَ جي بون يونيورسٽي جي مادام اينمري شمل شاهه سائين جي رسالي ۽ سنڌي زبان تي بي انتها ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ايڇ ٽي سورلي،ا ٽليءَ ۾ ڊاڪٽر تربياني، ماسڪو ۾ رايا بيگوراوا ۽ پروفيسر گڪوسڪي سنڌي ٻوليءَ جا ماهر لکيا وڃن ٿا ان مان ظاهر آهي ته سنڌي ٻولي عالمي سطح تي پاڻ مڃائي چڪي آهي. لهاذا اسان کي ٻوليءَ جي مستقبل بابت مايوس نه ٿيڻ گهرجي بلڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي سطح جي نصابي توڙي عالمي ادب توڙي سائنس جي مستند ڪتابن جا سنڌي ترجما ڪرايا وڃن ۽ پرائمري سطح جي هر صورت ۾ ٻار کي مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي ۽ ثانوي سطح تي به ٻارن کي سنڌيءَ جو مضمون پڙهائڻ وقت ٻارن جي تخليقي ذهن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي زبان ۾ ٻاراڻي ادب کي عام ڪجي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي مواد کي به ويب تي منتقبل ڪري ٻوليءَ کي جديد رنگ ۾ رنگي دوام عطا ڪجي.
جواب: سنڌي ٻولي ۽ ترقي جي منزل ادا ممتاز بهترين ونڊ آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن والد لاءِ هڪ ڪتاب مونکي ڏنو هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ حوالي سان عربي ٻولي ۾ ٽرانسليشن ڪرڻ لاءِ الله جي مهرباني سان ان تي ڪم هلي پيو
جواب: سنڌي ٻولي ۽ ترقي جي منزل ادا الله توهان جي ان نيڪ ڪم ۾ مدد ڪندو۔ ۽ انشاءالله توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويندو۔ آمين۔