نيرو ڪوٽ مان حيدرآباد تائين جو سفر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    نيرو ڪوٽ مان حيدرآباد تائين جو سفر ​

    [​IMG]
    حيدرآباد، جيڪو پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي دور حڪومت کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريز سنڌ تي قابض نه ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي خطي جو پيرس سڏيو ويندو هو.
    تاريخ
    ‏‏ڪلهوڙو شهنشاهت جي بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي نيرون ڪوٽ جي نالي سان وسندڙ مهاڻن جي آبادي ايتري ته پسند آئي جو هن ويجھين ٽِن ٽڪرين مان هڪَ تي پنهنجو قلعو جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم دائم آهي ۽ تڏهن کان پڪو قلعو جي نالي سان مقبول عام آهي.
    ٽالپر راڄ
    ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ تي مير ٽالپرن جي حڪمراني قائم ٿي. مير فتح علي خان ٽالپر خدا آباد ڇڏي حيدرآباد جو پڪو قلعو اچي وسايو ۽ 1789ع کان حيدرآباد ئي سندس گاديءَ جو هنڌ هو. سندس عدالت به پڪي قلعي ۾ ئي هلندي هئي. مير فتح علي خان ٽالپر ۽ سندس ٽي ڀائر، المعروف چار يار، حيدرآباد جي معاملات کي سنڀاليندا هئا. سندن دور حڪومت گھڻو ڊگھو نه هليو، ۽ جلد ئي 1843ع ۾ 24 مارچ تي برطانوي قوتن کان جنگ هارائڻ بعد حيدرآباد جو شهر انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ ميرن جي صاحبي اختتام تي پهتي.
    حيدرآباد 1889ع ۾ ڏسجنديبرطانوي بيٺڪ وارو دور
    جيتوڻيڪ برطانوي فتح بعد سنڌ جي گاديءَ جو هند ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو، پر حيدرآباد جون اڪثر پڪييون ۽ خوبصورت عمارتون برطانوي دور ۾ جڙيون. حيدرآباد جي ويجھو خوبصورت ۽ شاهڪار ڪوٽڙي بيراج پڻ انگريزن جي دور ۾ جڙي. ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين اڃا وڌيڪ زور ورتو.
    ھلندڙ پاڪستاني بيٺڪ جو دور
    ‏‏اڄ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هن تاريخي شهر ۽ ادبي ثقافتي مرڪز تي مڪڙ قوم جو قبضو آهي ۽ پڪي قلعي ۾ مڪڙ دهشتگردن جا هزارين گھر آباد آهن. شهر جي اڪثريت مڪڙ آهي ته شهر جو ناظم به مڪڙ آهي. پاڪستاني بيٺڪ قائم ٿيڻ شرط ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻائي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گاديءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪجھه سالَن لاءِ حيدرآباد هڪ ڀيرو وري سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻيو هو. مگر پاڪستان جي قيام کان پوءِ لڳاتار ڪيترا ئي سالَ هندستان کان آيل مڪڙ دهشتگردن هٿان حيدرآباد ۾ رهندڙ امن پسند سنڌي هندو شهرين جو ڪوس ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت کين لڏڻ تي مجبور ڪري سندن سموريون ملڪيتون هندستاني مڪڙن ۾ ورهايون ويون.
    حيدرآباد شهر اپگرهه کان ڏسجنديڀُون نگاري
    حيدرآباد گنجي ٽڪر جي اُترين ٽڪريءَ تي واقع آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ 25.367 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ 68.367 درجا (اوڀر) تي، سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪپَ تي واقع آهي. حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شهر آهن، جهڙوڪ 6.7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪوٽڙي، 8.1 ڪلموميٽر جي فاصلي تي ڄامشورو، 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هٽڙي، ۽ 7.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هُسڙي. حيدرآباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ کان تقريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 13 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي.
    نَو وديالا، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو ڪيمپستعليم
    حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي اعليٰ تعليمي ادارا آهن.
    اسرا يونيورسٽي حيدرآباد
    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
    انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    صحت ۽ طبي سائنس جي لياقت يونيورسٽي ڄامشورو
    آبهوا‏‏حيدرآباد منجھند جو تمام گرم ٿيندو آهي. سيارو اڪثر تمام گھٽ ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 48 درجا سينٽيدريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري حيدرآباد جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.
    معاشيات‏‏آباديءَ جي اڪثريت جيئان، حيدرآباد جي ڪاروبار تي به مڪڙ قوم ڇانيل آهي. هر ننڍو وڏو ڪاروبار يا ته ڪو مڪڙ هلائي رهيو آهي يا وري ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ گجراتي. هاڻي ته حيدرآباد جي شهر ۾ افغاني پناهگير به ڪاروبار ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان پوءِ مڪڙ قوم جي ڪن فردن حيدرآباد ۾ چوڙين جا ڪارخانا لڳايا، جنهن کان پوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏي چوڙين جو صنعتي مرڪز حيدرآباد بڻجي ويو. ان کان سواءِ هن وقت حيدرآباد ۾ سمينٽ، صابڻ، شيشي جا ڪارخانا پڻ آهن. تنهن کان سواءِ سون ۽ دستڪاريءَ جا هنرمند پڻ نمايان آهن. ڀرپاسي جي ٻهراڙيءَ ۾ اپايل ميوي، ڪڻڪ، چانور، ۽ ڪپاهه جي وڪري جو مرڪز پڻ حيدرآباد آهي.
    شهري انتظاميه‏‏هن وقت حيدرآباد جي سموري شهري حڪومت مڪڙن جي هٿ وس آهي. سن 2005ع ۾ جڏهن حيدرآباد ضلعي کي ٽوڙي ان کان مٽياري، هالا ۽ ٽنڊو محمد خان جا تعلقا الڳ ڪيا ويا ته بچيل حيدرآباد ضلعي اسيمبليءَ ۾ ازخود مڪڙن جي اڪثريت ٿي وئي ۽ ضلعي ناظم مڪڙ ٿي ويو. اهڙيءَ ريت مٽياري، جيڪو حيدرآباد کان بمشڪل 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، تنهن جي رهاڪن لاءِ به حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازمت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
    آمدورفت
    ‏‏حيدرآباد کي روڊ، ريل، فضا ۽ درياءَ رستي رسي سگھجي ٿو.
    ‏‏هوائي اڏو:
    ‏‏اڳي اهو چڱو خاصو هوائي اڏو هو، پر هن وقت تقريباً بند پيو آهي. پي آئِي اي اتان هر هفتي ٽي اڏامون ڀريندي هئي. اڃا به ڪڏهن غير چارٽرڊ اڏام اتي لهي سگھي ٿي.
    ماڻهنگاري
    ماڻهسيه Population جي لحاظ کان حيدرآباد سنڌ جو ٻيون، اڄوڪي پاڪستاني بيٺڪ ۾ اٺون ۽ دنيا ۾ ٻه سَو نائون (209) وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن وقت ان جي ماڻهسيه لڳ ڀڳ تيرهن لک اٺيتاليهه هزار ٻه سَو اٺاسي 1,348,288 آهي. حيدرآباد جي آباديءَ جي اڪثريت مڪڙن تي مشتمل آهي. انتظامي اعتبار سان اڄوڪو حيدرآباد شهر ۽ ضلعو چئن تعلقن، حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ورهايل آهي. انهن مان ٻن تعلقن، يعني ٻهراڙي ۽ قاسم آباد ۾ اڪثريت سنڌي آباديءَ جي آهي ته باقي ٻن وڏن تعلقن ۾ اڪثريت مڪڙن جي آهي.
    عوام ۽ ثقافت
    روايتاً حيدرآباد سنڌ جو ثقافتي مرڪز سمجھيو ويندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستاني بيٺڪ جي قيام کان پوءِ حيدرآباد جي ان سڃاڻپ کي ڌڪ لڳو ڇاڪاڻ ته پاڪستاني حڪومت سنڌي هندن کي زوريءَ لڏائي مڪڙ قوم کي وسايو ۽ سموريون ملڪيتون مڪڙ قوم جي فردن ۾ ورهائي ڇڏيون. جنهن بعد حيدرآباد ۾ سنڌي هڪ اقليت جيان گذاري رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي ڀيرا مڪڙ دهشتگردن طرفان سنڌين جو قتل عام پڻ ڪيو ويو آهي. 1990ع کان حيدرآباد ۾ سنڌين ۽ مڪڙن جون وسنديون نسبتاً ڌار ڌار ٿي ويون آهن.
    حيدرآباد پنهنجي مذهبي رواداريءَ باعث پڻ مشهور آهي. اتي هندو ۽ ڪرستان اقليت تمام امن ۽ سلامتيءَ سان رهي ٿي.

    ذريعات
    اخبارون
    حيدرآباد مان ڪيتريون ئي سنڌي توڙي غير سنڌي اخبارون نڪرن ٿيون. ڪجھه مقبول اخبارون هي آهن:

    ‏‏روزانه ڪاوش
    روزانه عبرت
    روزانه شام
    تنهن کان سواءِ حيدرآباد مان ڪيترا رسالا پڻ شايع ٿين ٿا.

    ڏور ڏيک
    حيدرآباد ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل شاليمار ٽيلي وزن پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. مگر هيءُ هڪ خالص مڪڙو چينل آهي ۽ ان تي سنڌي پروگرام نشر نه ٿيندا آهن

    بشڪريه وڪيپيڊيه
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نيرو ڪوٽ مان حيدرآباد تائين جو سفر

    ادا ممتاز لا جواب ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو