هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام​

    [​IMG]
    تعارف

    ڀڳت ڪنور رام ڪنهن کان به سکيا نه ورتي، سندس اندر جي عشق ۽ آواز کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. ڀڳت ڪنور رام راڳداريءَ جي دنيا ۾ ڀڳتي گائڪي کي ”ڪافي ٺاٺ“ سان اهڙو ته ميلاپ ڏنو ۽ ڳايو جو سنڌي راڳ جي نئين شڪل، نئون نقشو پيش ٿيو. اهڙي طرح هو ”داستان گوئي ڀڳتي“ کي به پٺتي ڇڏي ويو. مثال طور هن ڪافي ٺاٺ جي راڳ جوڳ، پرڀاتي، لوڙائو ۽ راڻو ڳايو، تن ۾ الاپ جو انداز ڀڳتي وارو رکيو. هن ”شل جيون تون“ ”من ڪا ٻاجهه پوي“ راڻو ڳائڻ وقت ”جيون جيون تون“ جو نئون انداز ۽ الاپ ڏنو. سندس صوفي مرشد سائين دريا خان فقير جي ڪافي ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ جيڪا سنگيت جي راڳ کماج·وهاڳ ۾ ڳائي، تنهن ڪافيءَ جي ڳائڻ ڪري ڪنور رام کي ايڏي ته مقبوليت ملي جو سن ۽ سنڌ جو سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جي جلد ٻئي ۾ لکي ٿو ته، ”جڏهن ”آئون آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ڪلام ٻڌندو آهيان، ان وقت کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ٻئي ڇڏائي ويندا اٿم.“ سائين علي احمد بروهي ڪنور رام کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ نچڻ جو اکين ڏٺو شاهد هو. پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”مون ڪنور ڀڳت کي ڳائيندي ۽ نچندي ڏٺو. ڳائيندي سندس نيڻن مان نار جاري ٿيندا هئا، پاڻ ته مدهوشي ۾ مست هوندو هيو، پر ٻڌندڙن جي لونءِ لونءِ ڪانڊرجي ويندي هئي. ڳائڻ، نچڻ ۽ ڇيرن جي ڇمڪار ته پوءِ به گهڻي ڏٺي ٻڌي، پر اهو ڪنور واري ڪيفيت جو لقاءُ ڪٿي به ڪو نه پسيم.“ ڀڳت ڪنور رام ۽ ميران ٻائي (1450ع-1545ع) جي نچڻ ۽ ڳائڻ ۾ جيڪا هڪجهڙائي هئي، تنهنجو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. ”پائي گهنگهرو ميران نچي نچي“ واري چوڻي ڪنور رام سان ٺهڪي اچي ٿي. ٻنهي ۾ اها به هڪجهڙائي هئي جو ٻنهي جو موت قتل ۾ ٿيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪنور رام جنهن دور ۾ راڳ جي دنيا ۾ اڀريو پئي، اهو سنڌي راڳداريءَ جو عروج وارو دور هيو. سنڌي ڪافيءَ کي نئون روپ مليو. استاد خير محمد خان مڱڻهار جو وڏو عروج هيو، جنهن سرگم“ ۽ ”ٻول تان“ ڪافي ۾ شامل ڪيو. خانصاحب الهڏنو نوناري سنڌي راڳ ۾ ڪافي ڳائي نئون مثال قائم ڪيو. راڻو ”داڌري“ جي ”لئه“ تي ڳايو ۽ ”سنڌي ڪافي“ ٺاٺ جو نئون نقشو پيش ڪيو. مائي الهه رکي سکر واريءَ جي به وڏي هاڪ هئي، انقلابي شاعر عباالڪريم گدائي جي مجازي ۽ سياسي شاعري پئي ڳائيائين. 1900ع ۾ سکر تعلقي جي ٻن حافظن، حفظ مڱيلڌو ۽ حافظ قائم الدين به تنهن دور جا وڏا نالا هئا. هو ان دور ۾ ستار تي ڳائيندا هئا. استاد منور علي شاهه سکر وارو ته پنهنجو مٽ پاڻ هيو. تمام وڏو نالو هو، راڳ جي عشق ۾ پوري ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏيائين. پڇاڙي ۾ هن ”سپڙ تالي“ ڪري گذران ڪيو. اتر سنڌ ۾ ”منور شاهه جون ٻڙيون“ واري چوڻي مشهور ٿي. حقيقت اها آهي ته تصوف ۽ نماڻائيءَ جي راڳداري جو مصوارتي تصور جو منهدار ڀڳت ڪنور رام آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جيئن استاد منظور علي خان لطيف سائين جي وائي کي ”ڪافي ٺاٺ“ ۾ ڳائي، سنڌي راڳ جو نئون انداز ۽ تصور پيش ڪيو، تيئن ڪنور رام ڀڳتي ۽ ڪافي ٺاٺ جو گڏيل نئون انداز ۽ نقشو پيش ڪيو. سنڌ ۾ جيئن خانصاحب خير محمد مڱڻهار، خانصاحب الهڏنو خان نوناري، استاد منظور علي خان ۽ استاد محمد جمن جي ڳائڪي جو نرالو ڀير آهي، تيئن ڀڳت ڪنور رام جي ڳائڪي جو به پنهنجو هڪ منفرد نرالو ڀير آهي. هينئر به وڏا ڳائڻا ڪنور جون ڳايل ڪافيون ساڳي ٺاٺ ۾ ڳائي رهيا آهن. خاص ڪري ڪنور جو ڳايل راڻي وارو انداز ”جيون جيون تون“ جا ٻول اڄ به وڏا ڳائڻا راڻو ڳائڻ وقت الاپي رهيا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڀڳت ڪنور رام راڳداري ۾ صوفيانه ڪلچر جو نرالو انداز نئون رنگ پيش ڪيو، جنهن ۾ جامو، پيشوازي، ڳارو، ويس ۽ ڪنور جو ٽولو شامل آهن. هينئر جڏهن اجتماعي شادين جي لاءِ مخير حضرات يا سرڪاري سطح تي وڏيون تقريبون ٿي رهيون آهن. هڪ صدي پهريون ڪنور رام پنهنجي راڳداري ۽ ڀڳتي ۾ ملندڙ سمورو پيسو اٻوجهن، معذورن ۽ شاديءَ جي ڏاج بابت سوين مسڪينن جي مدد ڪئي، جن ۾ هر طبقي جا ماڻهو، بنا رنگ ۽ نسل جي شامل هئا


    راڳي ڀڳت ڪنور رامتي ڪي ٽي اين جي تيار ڪيل فلم ​


    http://www.youtube.com/watch?v=AtQtC529dQ0
    http://www.youtube.com/watch?v=EwnEWDircio&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=Zbh-FWWTqpw&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=dSfm0MHV4_Y&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=X9y0gE-whUA&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=ySqoN6DhfQ8&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=stYuIndiR_c&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=78nP818XoFc&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=Jy5ED_crZuk&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=3UgensdcXNM&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=h01Rvmekehk&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=ZJokbXxe2FY&feature=related

    ڀڳت ڪنور رام جي مشهور ڳايل ڪلام جي وڊيو ​

    http://www.youtube.com/watch?v=0bOKbMZpH_8


    بشڪريه وڪيپيڊيه ۽ ڪي ٽي اين
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام

    ڀڳت ڪنور رام جي مشهور ڳايل ڪلام جي وڊيو

    ادا ان وڊيو ۾ ڀڳت پاڻ آهي يا ٻيو ڪو بيهاريو ويو آهي رڪارڊنگ ۾؟
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام

    ادا ڀڳت صاحب پاڻ آهن، منهنجي علم مطابق باقي حقيقت جي خبر الله کي ​
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام

    ادا فلم ته مون اڳ ئي ڏٺي هئي
    پر ڀڳت جيڪو وڊيو ۾ آهي ان لاءِ مون ٻڌو ته آواز ته ڀڳت جو آهي پر ڊبنگ تصوير ۾ ٻيو شخص آهي
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام

    ادا اها ريڪارڊنگ سائين محمد قاسم ماڪا جي اسٽوڊيو ۾ ٿيل آهي مان سمجهان ٿو اهو ڀڳت صاحب جو فرزند آهي۔۔۔ سائين قاسم ماڪا جو فرزند مليو ته ان کان پڪ ڪري ٻڌائيندس۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي ڀڳت ڪنور رام

    مهرباني اد
    پر مان سمجهان ٿو ته ڪو سنڌي اداڪار آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو