• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سعودي عرب ۔۔۔ مفتين جون ويب سائيٽون بند

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
سعودي عرب ۾ ڪجهه وقت کان مفتي حضرات ۾ اختلاف وڌي ويا هئا انهن جي فتوائن ۾ اختلاف پيو نظر اچي
جنهن جي ڪري شاه عبد الله بن عبد العزيز مفتين کي ڇنڊ ڪڍي هڪ اداري جي ما تحت ڪيو آهي جن ۾ وڏا 20 مفتي حضرات ويٺا آهن
هاڻ انهن جي اجازت کان سواءِ ڪا به فتوي نه ٿيندي۔
اهو ڪم ملڪ جي قومي ٻڌي خاطر ڪيو ويو آهي۔
ان مد ۾ جيڪي مفتي حضرات چوڻ ۾ نه ايندا انهن کي سزا ڏني ويندي
نموني طور اڄ ڪجهه مفتي حضرات جون ويب سائٽون به بند ڪيون ويون آهن۔
پاڪستان جي علماء ۽ مفتين لاءِ نمونو آهن
حڪومت ته اوهان کي منظم نه ڪندي اوهان پاڻ ئي اهڙو قدم کڻو!
 
جواب: سعودي عرب ۔۔۔ مفتين جون ويب سائيٽون بند

پاڪستاني حڪومت ته مفتين جي اختلاف تي خوش ٿيندي۔۔ هي پاڻ‌ ۾ اختلاف ڪن، عوام پريشان ٿئي ۽ اسان حڪومت ڪريون۔
 
ادا اها تمام بري ڳالهه ۽ معاشري جي بگاڙ جو سبب ٿيندي
هاڻ اسان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي
 
جواب: سعودي عرب ۔۔۔ مفتين جون ويب سائيٽون بند

ادا هتي وڏي ستم ظريفي اها آهي جو عالم دين ته مفتي آهن يا نه ليڪن جيڪي دين جي ڪنهن مڪتب ۾ ڪڏهن درس حاصل ڪري نه سگهيا آهن اهي به هتي مفتي آهن فتوي ڏيڻ ۾ دير ئي نه آهي الله تعالى پناه ۾ رکي بغير علم جي فتوى ڏئي پاڻ ته گمراهه ٿين ٿا ليڪن ٻين کي به گمراهه بنائين ٿا الله تعالى اسان کي دين جي صحيح سمجهه عطا فرمائي.
 
اسان کي به هڪ اهڙي ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ سڀ مڪتب فڪر جا علماء ڪرام شامل هجن جن جي اجازت ۽ نگراني کان سواءِ ڪا به فتوي صادر نه ٿيڻ گهرجي
دين جي مسئلي کي ماڻهن مذاق بڻائي ڇڏيو آهي۔
 
سائين پاڪستان ۾ اهڙي ڪاميٽي ڪيئن تشڪيل ڏئي سگهبي جڏهن ته هت هر مڪتب فڪر پنهنجي پنهنجي مسلڪ مطابق فتوى ڏيڻ جو مجاز آهي ڪو به مسئلو کڻو ان ۾ هر مڪتب فڪر جو پنهنجو موقف آهي روزي کولڻ يا رکڻ جي ٽائيم ۾ به مختلف مڪتب فڪر جو پنهنجو موقف آهي طلاق نماز ڪهڙي مسئلي ۾ يڪسانيت ٿي سگهي ٿي سعودي ۾ ته سخت حڪومت آهي ڪير به کلي سندن مخالفت نه ٿو ڪري سگهي ميڊيا کي طاقت نه آهي جو حڪومت خلاف ڪا ڳالهه نشر ڪري سگهي پر ان هوندي به نماز وغيره ۾ هر مڪتب فڪر کي هڪ طريقي تي نماز پڙهڻ لاء فتوى جاري نه ڪئي وئي آهي بهرحال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هتي پاڪستان ۾ فقط ايترو ٿئي ته هر مڪتب فڪر جو عالم مستند حوالن سان فتوى ڏئي تڏهن به ڪافي سڌارو سمجهيو ويندو هتي هر فرد پنهنجي خيال کي سامهون رکندي چوي ٿو ته منهنجي خيال ۾ هي فلاڻي شريعت جي ڳالهه صحيح ڪانهي ادا تو وٽ ڪو قرآن حديث جو دليل آهي ؟ چوندو ته خير ايترو ته مان پڙهيل ڪونه آهيان ليڪن اها ته خبر پوي ٿي ته اها ڳالهه صحيح نه آهي وري ٻه ٽي ٻيا جاهل به ان جي تائيد ڪندا ته واقعي اسان جو دوست صحيح ٿو چوي اهڙن جهالت وارين فتوائن کان حديث ۾ منع آهي الله تعالي کان دعا آهي ته شال اسان کي دين جي ڪامل سمجهه عطا فرمائي.
 
سهڻا سا ئين انهيءَ ڪري ئي ته مون لفظ سڀ مڪتب فڪر جا علماء استعمال ڪيو
يعني هيٺيان کان مسئلا علماء کان ٿيندا اچن ۽ مٿي هر مڪتب فڪر جا ڪجهه رڪن ڪميٽي ۾ هجن جيڪي آخري صحيح ڪن
يعني شيعه حضرات جا مسئلا شيعه علماء ۽ حنفين جا مسئلا حنفين ڏانهن اچن
مٿين ڪاميٽي ۾ هر مڪتب فڪر جا ڪجهه علماء نمائندا هجن
 
سائين ان سلسلي ۾ پهرين متحده مجلس عمل جي نالي سان هڪ اتحاد ٺهيو هو جيڪو نالي ماتر اڄ به قائم آهي ان جي نتيجن جي ته اوهان کي خبر هوندي۔۔۔ ان اتحاد جي ٺهڻ سان ماڻهن ان کي ڪيڏي نه سپورٽ‌ڪئي هئي ۽ هاڻي ان اتحاد ۾ ڪجهه ماڻهن جي اناپرستي ۽ ڪجهه حڪومتي لالچن جي ڪري ڪجهه ماڻهو جيڪي ان اتحاد ۾ چڱي حيثيت رکندا هئا، ان اتحاد کي پٺي ڏئي وڃي حڪومت ۾ شامل ٿيا۔۔۔ پر هي اتحاد به سياسي اتحاد سڏيو وڃي ٿو حالانڪه اهڙي اتحادن جي ذريعي اسان جا سڀ مڪتبِ‌فڪر هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيندا۔
 
ادا ان کي آءُ ديني علماءن جو اتحاد نه ٿو چئي سگهان بلڪن اهو سياستدانن جو اتحاد هو
يعني کائو ۽ پيٽو ماڻهن جو ان اتحاد ۾ شامل سڀئي دريون ڪنهن به رڪن ۽ عوام سان سچا نه هئا بلڪه پنهنجن مفادن خاطر گڏ ٿيا هئا سو به دنياوي مفاد نه ڪي ديني مفاد
 
جواب: سعودي عرب ۔۔۔ مفتين جون ويب سائيٽون بند

ان جو مطلب ته اڃان اسان کي ڪامل مفتين جي ئي خبر نه آهي ته ڪهڙا آهن جي اه ا ڳالهه آ ته پو ڪميٽي ڪٿان ٺهندي
 
نه ادا اهڙي ڳالهه نه آهي جي اوهان کي ڪامل مفتين جي خبر نه آهي ته اوهان جو انهن سان اسان تعارف ڪرائندا سين
حڪم ته ڪيو
 
Back
Top