اسلام آباد (اي ايف پي) هالي ووڊ جي اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي اعزازي سفير اينجلينا جولي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي ورهاست کي شفاف بڻايو وڃي، جڏهن ته اينجلينا جولي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي آهي، ڪالهه گڏيل قومن جي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اينجلينا جولي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي گهوٻين جي خدشي کي هڪ پاسي رکي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 2 ڪروڙ 10 لک ماڻهن جي مدد لاءِ روڪ امداد ڏين، هن چيو ته اهو نه ٿيڻ گهرجي ته ڪجهه ماڻهو اهو بهانو بڻائين ته امداد ۾ ڪرپشن ٿيندي، مون ٻوڏ متاثرن جي مدد ٿيندي ڏٺي آهي، جيڪڏهن ماڻهن جي سڌي نموني مدد نه ڪئي وئي ته امداد جا ٻيا طريقا به آهن، اينجلينا جولي چيو ته آمريڪا ۾ واپس وڃي هوءَ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان ڪندي، ٻئي طرف اينجلينا جولي ڪالهه وزير اعظم هائوس ۾ سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزير اعظم جي صلاحڪار عاصمه ارباب ۽ گڏيل قومن جا نمائندا به موجود هئا، ملاقات ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ متاثرن جي امداد جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
جواب: ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي ورهاست کي شفاف بڻايو وڃي:اينجلينا جولي مائيءَ کي ڪير ٻڌائي ته هتي رڳو غريبن کي ڌڪا ٿاٻا ملندا پر امداد نه ملندي۔
جواب: ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي ورهاست کي شفاف بڻايو وڃي:اينجلينا جولي ادا مائيءَ کي خبر آهي پوءِ به انسانيت خاطر پنهنجي ملڪ پري کان آئي آهي، اسان وارا ته اسلام آباد کان نڪرن ئي ڪانه ٿا!!