ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڏکويلن جو ڏيهه ۽ مزاحمتي عالمن جو ڪردار​


    منٺار ملاح

    وطن جي آجپي، امن ۽ خوشحالي ۾ جتي قوم جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ فردن جاني ۽ مالي قربانيون ڏئي پاڻ موکيو آهي اتي عالمن ۽ روحاني پيشوائن پڻ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. پاڻ جڏهن تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته ارغونن ۽ مغلن جي دور حڪومت ۾ ڏکويلن جي ڏيهه سنڌ جي جهوڪ تي نظر پئي ٿي. سائين علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ جهوڪ شريف لاءِ ڏاڍيون حقيقت تي ٻڌل سٽون لکيون آهن. هو لکي ٿو ته، ”سنڌ ڏکويلن جو ڏيهه آهي. خاص طرح سان ٺٽي ضلعي جو علائقو جتان جي ماڻهن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. تاريخ جي پنن مان رت پيو ٽمي. هر قاتلن جي ڪاهه سڀ کان پهرين ٺٽي تي هوندي هئي. اتي پهچڻ بعد پير پختا ٿيندا هئس ته شوقيا ماڻهن جو شڪار شروع ڪندو هو. تعجب آهي ته ان کان پوءِ به انسان پيدا ٿيندا رهيا. ظالم مرندا کپندا ويا ماڻهو جيئرا رهندا آيا. ماڻهو به اهڙا جو ڪنهن تي نظر پين ته اڳلو سرمد بڻجي سرهو ٿي، ٿي ويو.“
    ٺٽي جي سرزمين تي صوفي شاهه عنايت رحه ميران پور ۾ جنم ورتو. ميران پور ۾ جنهن کي بعد ۾ مغلن ساڙائي ڇڏيو. صوفي شاهه عنايت ڪيترا سال سنڌ کان ٻاهر بيجارپور (دکن) ۾ مشهور بزرگ مخدوم عبدالملڪ رحه وٽ رهي علم ۽ فضل حاصل ڪيو. تصوف جو طريقو اختيار ڪيائين همه اوست يعني بنا ڀيد بائو، تعصب ۽ تفريق کان پاڪ روح جي پاڪيزگيءَ واري نظرئي تي عمل پيرا رهيو انهي نظرئي جي سنڌ کي ان وقت سخت ضرورت پڻ هئي، هر وقت ٻاهرين جون ڪاهون، مار ڌاڙ، ڦرلٽ، مفلسي ۽ غلامي، گهليون ۽ گهوڙا نه داد نه فرياد نه امن هو ۽ نه ئي سلامتي هئي. سنڌ جي سرزمين تي ايڏو اوندهه ڏسي شاهه عنايت رحه بيجا پور کي ڇڏي موٽي سنڌ ۾ آيو. ناانصافين جي خلاف وطن جي آجپي لاءِ بغاوت جو علم هٿ ۾ کنيو. پنهنجن پوئلڳن ۽ جانثارن کي ظلم جي خلاف تيار ڪري ٺٽي جي گورنر اعظم خان مغل جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.
    مخدوم بلاول شهيد جو نالو جليل القدر مشائخ ۽ عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. شاهه بيگ ارغون جڏهن دولهه درياهه خان جي شهادت کان پوءِ ڄام فيروز جي پيش پوڻ بعد ٺٽي کان لڪيءَ تائين وارو علائقو کيس عنايت طور حڪومت لاءِ ڏنو ۽ سيوهڻ کان مٿي واري ايراضي ۽ سيوهڻ جو قلعو مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي ڏئي ڇڏيو هو. سيوستان ۽ ٽلٽي جي سنڌي سپوتن مخدوم بلاول رحه جي اڳواڻي ۾ شاهه بيگ ارغون سان مقابلو ڪيو. اتان جي سوڍن ۽ سهتن ۽ عهد ڪيو ته جيسن تائين جان ۾ ساهه آهي تيسين پوئتي نه هٽنداسين. شاهه بيگ ارغون درياهه خان جي پٽن محمود خان ۽ متل خان کي نصيحت ڪرڻ لاءِ قاضي قاضن کي موڪليو پر اتان جي غيرت مند ماڻهن قاضي قاضن جو منهن ڏسڻ به پسند نه ڪيو. مخدوم بلاول رحه جڏهن شاهه بيگ ارغون خلاف تحريڪ بلالي شروع ڪئي ته درياهه خان جي پٽن، رڻ مل سوڍي ۽ سارنگ سوڍي ٽلٽيءَ وٽ ارغونن جي لشڪر جي رستا روڪ ڪئي. سن وٽ سيد حيدر سنائي سندن ٻيڙا ساڙائي ڇڏيا. انڙ پور وٽ مخدوم ساهڙ، لنجار جنگ جي اڳواڻي ڪئي ۽ خاصائيءَ جي ميدان تي دائود شورو جي اڳواڻي ۾ جانڻ شورو ۽ اسماعيل شورو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.
    آزادي جي تحريڪ ۾ حُر مجاهدن ۽ سندن روحاني پيشوا پير صبغت الله شاهه ثانيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هي تحريڪ اوڻيهه صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ ۾ نمودار ٿي ۽ هڪ سئو سالن تائين جاري رهي. راشدي پيرن جو پهريون بزرگ سيد علي مڪي هو. جنهن جي ويهين پٽ (پيڙهي) ۾ سيد محمد بقا شهيد پيدا ٿيو. جنهن بعد هن خاندان ۾ باقاعده سجاده نشيني جو آغاز ٿيو. سيد محمد بقا کان پوءِ سندن فرزندن سيد راشد مسند نشين ٿيو. سيد راشد جي باري ۾ سندن والد محترم جي مرشد مخدوم محمد اسماعيل پيشن گوئي ڪئي هئي ته هي اهو مبارڪ روح آهي جنهن سان دنيا جو وڏو حصو فيض ياب ٿيندو.
    سيد صبغت الله شاهه اول سيد محمد راشد جن جا فرزند هئا. پاڻ 1818ع ۾ گاديءَ تي ويٺا.
    جڏهن سيد صغبت الله شاهه اول مسند و هدايت کي زينت بخشي ته ان وقت سلطنت اسلاميه جو ڏيئو اجهامي رهيو هو. پنجاب تي سکن جو قبضو هو، سنڌ سکن ۽ انگريزن ٻنهي جي نظرن جو شڪار هئي. سيد صغت الله شاهه اول نه رڳو هڪ مذهبي ۽ روحاني پيشوا هو پر ان سان گڏ ملڪ جي سياسي حالات واقعات ۾ به سندن گهري دلچسپي هوندي هئي. پير پاڳاري اول جي وفات بعد سندن پيدا ڪيل آزاديءَ واري جذبي حرن کي هميشه لاءِ انگريزن خلاف برسر پيڪار رکيو. پير پاڳاري سيد حزب الله شاهه 1847ع ۾ تحريڪ جو رک موڙي انگريزن ڏانهن ڪيو ۽ اهو 1891ع ۽ ٻي حر تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. آزادي جي هيءَ جنگ اٽڪل 12 سال هئي ان دوران انگريز سرڪار سيد علي گوهر شاهه کي حيدرآباد جيل ۾ نظربند ڪيو. مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته پاڻ پنهنجي مريدن کي ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏي.
    پيرپاڳاري شاهه مردان شاهه جي وفات بعد سيد صبغت الله شاهه ثاني جي ڇهين پاڳاري جي حيثيت ۾ دستاربندي ٿي. پاڻ 12 ورهين جي ننڍي عمر ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو. پاڻ آزاد خيال هو کيس خارجي ضابطن ۽ اثرن کان سخت نفرت هئي انگريزن پير صاحب سان ڪافي دفعا رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏيارڻ بعد کين بي شمار سهوليتن جي پيش ڪئي پڻ ڪئي پر پير صاحب جي رڳن ۾ حريت پسندن جو خون هو ۽ کيس ان ڳالهه جو پوريءَ طرح احساس هو ته هو هڪ بلند پائي روحاني ۽ محب وطن خاندان سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري پاڻ انگريزن سان تعلق رکڻ کي منافقت خيال ڪندو هو. پير صبغت الله شاهه ثاني فرمايو ته شهادت اسان جو تاج آهي ۽ اڳتي وڌي ان کي پائڻ اسان لاءِ عين عبادت آهي. اسان فقط آزادي سان محبت ڪئي آهي ۽ اهو جرم نه آهي.
    1943ع ۾ هن جوڌي جوان ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري سنڌ جي تاريخ جي صفحن ۾ پاڻ کي هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو.
    مولانا عبيد الله سنڌي سيال ڪوٽ جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو. چئن مهينن کان پوءِ ماءُ گذاري ويس. يتيم ٿي سنڌ ۾ پهتو. سنڌ جي رنگ ۾ رنگجي سنڌي بڻجي ويو. حضرت مولانه تاج محمد امروٽيءَ جيڪو انگريز سامراج جي خلاف هو کان متاثر ٿي محمد صديق رحه ڀرچونڊي واري جي هٿ تي راشديه قادري طريقه جي بعيت ڪئي. هندستان مان انگري ڀڄايو هلچل ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو اهم ڪردار رهيو. پاڻ جلاوطن به رهيو ته جيل جون صعوبتون به برداشت ڪيون. مولانا تي لکجي ته ڪتاب لکي سگهجي ٿو، هو نه صرف امامِ انقلاب هو پر مجاهد، مجتهد، محنت ڪش ۽ عالم ۽ عالم با عمل به هو ته، مورخ، مفسر قرآن، شيخ الحديث ۽ فيلسوف به هو.
    پير غلام محمد سرهندي رحه عالم باعمل هو ته مرد مجاهد ۽ ڪامل پير به هو. سندس ڪرامتون به مشهور هيون. مٽياري سيدن جي خاندان جو هي اڏول انسان جڏهن خلافت جي تحريڪ شروع ٿي ته انگريزن خلاف لٺ کڻي ٻاهر نڪري آيو. انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کي حرام سمجهي فتويٰ ڏنائين ته قرآن شريف مطابق انگريز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ اڄ به حرام آهي ته آئيندي لاءِ به حرام آهي. پاڻ فرمايائون ته انگريز جو منهن ڏسڻ به ڪبيرو گناهه آهي. پاڻ انگريز خلاف هجڻ جي ڏوهه ۾ رتنا گيري جيل ۾ ٻه سال سزا به ڀوڳيائون.
    پير رشد الله شاهه جهنڊي واري کي ڄائي ڄم کان انگريزن سان نفرت هئي انگريز جي منهن ڏسڻ کي به حرام سمجهندو هو. هندستان ۾ تحريڪ آزادي شروع ٿيڻ کان به اڳ سنڌ ۾ ان تحريڪ جو بنياد وجهي منسلڪ رهي انقلابي دنيا ۾ پير پاتو هو. مولوي عبدالله لغاريءَ به کانئس تربيت ورتي. لاڙڪاڻي ۾ 1920ع ۾ پهرئين خلافت ڪانفرنس منقعد ڪرايائين جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد به شريڪ ٿيو هو. مولوي عبدالله لغاري سنڌ جي اوائلي انقلابين مان هو. جليان والا باغ جي سانحي کان به اڳ تحريڪ ۾ شامل ٿي چڪو هو. مولوي عبدالله لغاري جو موقف هو ته غلامي ۽ بيغرتي ساڳي شئي آهي، محب وطن مولوي صاحب جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ به تمام سادو هو. هڪ ئي جسم تي وڳو هوندو هئس جنهن کي جمعي جي ڏينهن هڪ ڪڙئي تي وڃي ڌوئي وري پائيندو هو، نه مال نه مڏي هڪ ڪاٺيءَ جي ڦڻي ۽ ورهه جي ڪاٺيءَ جو ڏندڻ ۽ سيراندي کان سر رکي رات جو سمهندو هو.
    سنڌ صوفين ۽ ولين جو مسڪن رهي آهي، صوفي ازم هتان جي ماڻهن جي مزاج جو حصو رهندو پي آيو آهي ۽ ساڳي طرح انقلابي نظريو پڻ رهيو آهي. عالم سڀ آباد ڪرين واري دعا صوفي ازم جو اصل منشور آهي. اڄ جتي انتهاپسندي ۽ طالبانائيزيشن معاشري لاءِ زهر قاتل جو روپ ڌاري چڪي آهي، اتي امن، محبت ۽ حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ صوفي ازم وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو