• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو شهر مورو هڪ نظر ۾

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌ جو شهر مورو هڪ نظر ۾​
Moro_khet.jpg
تعارف
مورومورو شهر سنڌ جي ان هنڌ تي واقع آهي جتي سکر، دادو ۽ حيدرآباد يا نوابشاهه ويندڙ رستن جو ميلاپ ٿئي ٿو.
جاگرافيائي لحاظ سان مورو لڳ ڀڳ سنڌ جي بلڪل وچ ۾ آهي. مورو کي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ هڪ تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. دادو مورو پل، جنهن کي پوءِ مخدوم بلاول پل سڏيو ويو، ان کان ٻارهن ڪلوميٽر پري آهي. مورو کان دادو جو مفاصلو چويهه ڪلوميٽر آهي، جڏھن تھ سنڌو درياءُ مورو کان 12 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وھي ٿو.
تعلقي موري جو هڪ ڳوٺ گچيرو تاريخي حيثيت رکي ٿو، گچيري ۾ پراڻي قلعي جا نشان ملن ٿا جنهن جي چوڌاري بچاءُ لاءِ کاهيون کوٽيل هونديون هيون. مورو قديم زماني ۾ صابڻ، زيورن، ٽامي ۽ ڪُٽ جي سامان کان مشهور هو.
مورو شهر علمي، سياسي ۽ ادبي اعتبار سان تمام گهڻو مشهور آهي. مورو ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سنڌ ۾ چڱو موچارو ناماچار پيدا ڪيو آهي. موري جو قاضي خدا بخش سومرو ڪراچي جو پهريون مسلمان ”ميئر“ هو. ناصر مورائي، راشد مورائي، عظيم سنڌي،ميڪش سومرو، رکيل مورائي وغيره سنڌي ادب جا ناميارا نالا آهن ته موسيقيءَ ۾ وري الهداد زرداري، صائمه منظور، بالا بلوچ ۽ ثمينه ڪنول آهن.
 
جواب: سنڌ جو شهر مورو هڪ نظر ۾

ادا ممتاز صاحب توهان جي مهرباني جو اوهان اسان جي شهر جو مختصر تعارف پيش ڪيو هن شهر جو تفصيلي تذڪرو ڪتاب مورو نه آهي ٿورو ۾ ڏسڻ گهرجي . هتي سياسي لحاظ سان جتوئي صاحبن جو اڪثريت آهي ان ڪري تقريبا هر اليڪشن ۾ سندن ئي ڪاميابي ٿيندي آهي ليڪن سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هتي به ڪا خاص ترقي ڪانه ٿي آهي روڊ رستا ٽٽل سيوريج سسٽم ناڪاره بهرحال الله پنهنجو ڪرم ڪري جو سموري سنڌ پنهنجي پراڻي رونق تي اچي ۽ سڀ سنڌي سٻاجهاشاد ٿين.
 
جواب: سنڌ جو شهر مورو هڪ نظر ۾

ادا ممتاز وگهئي صاحب جيڪا به ٿوري گهڻي معلومات مورو شهر جي اسان سان ونڊ ڪئي پر سائين رحيم بخش صاحب توهان جيئن ته سنڌ جي انهي شهر ۾ رهائش پذير آهيو، توهان براءِ مهرباني تفصيل سان مورو شهر جي باري ۾ ڪو ڄاڻ ڀريو مضمون ونڊ ڪجو جنهن ۾ سڀ کان پهرين اها ڳالهه لکي وڃي ته مورو شهر تي لفظ مورو ڇو پيو۔ توهان جي تفصيلي ونڊ جو شدت سان انتطار رهندو۔ لک لائق۔ ادا ممتاز

jam%20mohbat.gif
 
جواب: سنڌ جو شهر مورو هڪ نظر ۾

ادا ممتاز علي۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي۔۔ توهان جا اهي ونڊ ته اسان کي سنڌ جي مختلف بستين ۽ هستين باري ۾ سٺي ڄاڻ‌ڏيندا آهن۔۔
 
Back
Top