سنڌ جو صوفي بزرگ شاه عنايت شاهه عنايت الله صوفي پٽ مخدوم فضل الله ڪامل درويش ۽ وطن پرست انسان هو. سندس وڏا پڻ درويش صفت انسان هئا جيڪي اصل ۾ نصريه جا ويٺل هئا. اهو ڳوٺ بنوري جي پرڳڻي ۾ ٿي گذريو آهي. شاهه عنايت پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا سير سفر ڪيا. سندن ڳوٺ اصل متعاوي سيدن جو هو، جن مان پهريون سيد عبدالڪريم شاهه بلڙي وارو مخدوم فضل الله جي پڙڏاڏي مخدوم صدوءَ جو مريد هو. شاهه عنايت هندستان ۾ وڃي برهانپور شهر ۾ عبدالمالڪ جي صحبت حاصل ڪئي ۽ پنج ورهيه انهن جي نظرداريءَ ۽ تربيت هيٺ رهيو. ظاهري علم جي حاصلات شاهه جهان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ ڪيائين ۽ انهن جو مريد ٿيو. شاهه عبدالمالڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو. نيٺ ٺٽي مان لڏي ميرانپور جي ڳوٺ ۾ آيو جنهن کي جهوڪ چيو ويندو آهي. اُتي خانقاهه بڻائي ويٺو ۽ هزارين مريد ٿيڻ لڳس. اهڙي وايو منڊل کي ڏسي شاهه ڪريم پوٽا سيد سندس حاسد ٿيا ۽ دهلي جي حاڪم تائين مٿس فرياد کڻي ويا ته فساد ٿو برپا ڪري. ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان به انهن جي پٺڀرائي ڪئي. آخر بادشاهه جي حڪم سان هڪڙو وڏو لشڪر آيو ۽ سن 1130هه ۾ شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو. شاهه عنايت صوفيءَ جو احوال سنڌ جي تاريخن ۾ آيل آهي. جي ايم سيد پڻ شاهه عنايت صوفيءَ جو مفصل احوال پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ ۾ ڏنو آهي. شاهه عنايت جا سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترائي مريد هئا. سيد جانشاهه روهڙيءَ وارو پڻ سندن مريد ۽ خليفو هو. شاهه عنايت عالم، فاضل ۽ شاعر هو. سندس فارسي ۽ سنڌي شعر موجود آهن. شاهه عنايت کي سنڌ جي صوفي بزرگن جو سرتاج پڻ چيو ويندو آهي. سائين جي ايم سيد طرفان کيس سورمو قرار ڏيڻ بعد سندس مزار تي هزارين نوجوان پڻ هر سال وڃي کيس سلامي ڏيندا آهن. ان دور ۾ شاهه عنايت صوفي هڪ منظم سياسي اُڀار واري تحريڪ هلائي جنهن کي ”جيڪو کيڙي سو کائي“ واري نعري تحت ياد ڪيو ويندو آهي. سندس نعرو ان وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿي ويو، هزارين سنڌي لڏي اچي جهوڪ ۾ سندس پناهه ۾ ويهڻ لڳا. ظاهر آهي ته اهڙي سمڪ جڏهن حاڪمن کي پئي هوندي ته انهن اندروني طور ڪيتريون ئي رڪاوٽون کڙيون ڪيون هونديون، پر هي سيدزادو هر مشڪل مان پار پوندو ويو. تاريخ جي ورقن مان ڄاڻ پوي ٿي ته جڏهن دشمنن لاءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو ته ڳالهين ۽ ٺاهه بهاني کيس گهرائي قتل ڪيو ويو. جڏهن جهوڪ جهريو ته شاهه عنايت جي مريدن جو پڻ قتل عام ڪيو ويو. ڪيترئن مريدن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو. پر شاهه عنايت جي فڪر ۽ سندس لازوال نعري ”جيڪو کيڙي سو کائي“ کي ڪوبه شڪست نه ڏئي سگهيو. اڄ جڏهن به شاهه عنايت صوفيءَ جي جنم ڏينهن تي جهوڪ ۾ ميلو لڳندو آهي ته سندس هزارين عقيدتمند سان گڏ سنڌ جا وطن پرست نوجوان يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ مختلف شهرن مان گاڏيون ڪاهي اچي جهوڪ ۾ ڳاهٽ ٿيندا آهن. شاهه عنايت صوفي سنڌ سان محبت ۽ وفا جو اهڃاڻ آهي، نوجوان کيس ڀيٽا ڏئي پنهنجي لاءِ اتساهه حاصل ڪندا آهن http://www.youtube.com/watch?v=Hi_tCjyr8NQ بشڪريه وڪيپيڊيه