• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌو سُونهن تُنهنجي سلامت رهي شل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا دوستو ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪڙي غريباڻي شاعري سا به ڊيزائن ۾ کڻي آيو آهيان ۔ طبيعت جي ناسازي پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي پر سنڌ سلامت سان ناتا ته نينهن وارا آهن بس جيڪو آهي توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي ارپيان ٿو

sindh2.gif
 
واه سائين واه اوهان جي ان شاعري ته اسان جهونن کي اصل جوان ڪري ڇڏيو سائين اوهان جي شاعري غريباڻي نه پر اميراڻي آهي اوهان امير آهيو جو الله تعالي اوهان کي اهڙي ڏات ڏني آهي جو اوهان پهنجي اندر جي جذبن کي سهڻن لفظن جو روپ ڏيو ٿا سائين اهڙي لاجواب شاعري اوهان اسان سڀني سان شيئر ڪئي ان لا ء اوهان جي تمام گهڻي مهرباني
 
سائين ڀلوڙ شاعري۔۔ سٺي ادا، دعا به چڱي،

هڻي هام گنگا ۽ جمنا ڀلي پر
مگر مهڪ مٺڙا ته تنهنجي آ بهتر

ير هڪڙي ڳالهه سمجها ٻيلي، ادا علي علي به سمجها ڇوڙي۔۔۔ توسان به سمجهائو۔۔

پنهنجي نالي جي پٺيان مائي جو نالو ڇو لکيو۔۔ ”ناز“۔۔

ڪٿي ايئن ته ڪونهي

قمبراڻي دي ڳالهه وانگر

عشق تيڏي ميڪون شاعر بڻايا
قمبراڻي ڪون قلم چوايا

هڪ دفعو وري شاعري shabash
 
ميڏا ڀرا تيڪون ميڏي شاعري سوهڻي لڳي ، ميڏي ڀاڳ جاڳ پئي باقي هڪ ڳالهه مين تيڪون ڪيوين سمجهاوان ته بس ٻروچ هڪ ننڍي ڳالهه سمجهه وڃ ته ميڏا نالا نثار هي ته ۾ نثار آن سوهڻي احمد صلي الله عليه وسلم دا ته سوهڻي احمد تي ميڪون ناز اي۔ ول اي هڪ ڳالهه تيڪون هاڻي به سمجهه ۾ نه آئي ته پوءِ اسين سڀ سنڌ سلامت وارا پڪ سان سمجهنداسين ته تون واقعي ٻروچ آهين۔ ٻروچ به اهڙو اصل ڇُٽيان ڳالهيان۔​
 
محبتي ماڻهو علي علي تون ته اسان جو جگر آهين ، تون اسان جو اصل صفا پنهنجو آهين شال سلامت رهين جواني ۾ جهونا ٿيڻ وارا ، مُنهنجي غريباڻي شاعري کي اميراڻي چوڻ وارا لڳ ٿورا۔​
 
سائين تمام سٺي ڀلوڙ شاعري آهي توهان جي اهڙي شاعري جو انتظار رهندو آهي مٺڙا سائين
ادا وحيد ڦلپوٽا شال جُڙيو هُجين۔ تُنهنجا ته مون تي لکين ٿورا آهن جو هر ڳالهه تي مونکي محبتن سان همٿائين ٿو۔ اهي ٿورا خبر ناهي ڪڏهن لاهي سگهندس۔ مهرباني مٺا۔
 
ادا نثار ناز

اوهان جي شاعري ته هونءَ به اوهانجي شخصيت جو آئينو آهي ... جهڙا اوهين سهڻا اهڙي اوهانجي شاعري .. پر يار ! تو واري صحت جي ڳڻتي ضرور آهي ... مهرباني ڪري لطيف چواڻي ته ”ڪري“ ڪريو ۽ پاڻکي صحت جهڙي نعمت سان مالا مال ڪريو ...
جي ناسازي ٻڌائڻ جهڙي هجي ته ٻڌائجو ته من ڪٿان الله جي حڪم سان ڪو نسخو ملي وڃي ۽ اوهان کي شفا ٿي پوي ... پنهنجو خيال رکندا ...

تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع،
صاحب، ڏيج شفا، ميان مريضن کي.

سدائين گڏ
 
ادا نثار ابڙا مهرباني جو توهان کي مُنهنجي شاعري سُٺي لڳندي آهي، توهان جي قدم قدم تي همت افزائي مان يقين ڄاڻ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو اٿم ۔ ڌڻيءَ در دُعا آهي ته تون به قدم قدم تي نت نيون سوڀون ماڻين۔ باقي مٺا 51 يا 52 ۾ پير آهي مٿان وري بيروزگاريءَ جو ڀوت سر تي سوارآهي، پوءِ ويٺي ويٺي واندا مل آهيون مڙوئي کنگهه خُشڪي ٿيو پوي مٺا تو نسخي جو چيو مطلب مان بلڪل نوبنو چاڪ توانو ٿي ويس۔ توهان جو قرب ونڊڻ ئي مون مسڪين جو علاج آهي۔ الله ڪري آباد هُجين پنهنجي پيارن سان۔​
 
پيارا دوستو ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪڙي غريباڻي شاعري سا به ڊيزائن ۾ کڻي آيو آهيان ۔ طبيعت جي ناسازي پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي پر سنڌ سلامت سان ناتا ته نينهن وارا آهن بس جيڪو آهي توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي ارپيان ٿو

sindh2.gif
سائين معاف ڪجو توهان جي شاعري تي منهنجي نظر تمام دير سان پئي، سائين توهان جي شاعري من کي موهي وجهندي آهي۔
واه سائين واه اوهان جي ان شاعري ته اسان جهونن کي اصل جوان ڪري ڇڏيو سائين اوهان جي شاعري غريباڻي نه پر اميراڻي آهي اوهان امير آهيو جو الله تعالي اوهان کي اهڙي ڏات ڏني آهي جو اوهان پهنجي اندر جي جذبن کي سهڻن لفظن جو روپ ڏيو ٿا سائين اهڙي لاجواب شاعري اوهان اسان سڀني سان شيئر ڪئي ان لا ء اوهان جي تمام گهڻي مهرباني
ادا علي علي خير ته آهي ڪڏهن پوڙهو ته ڪڏهن جوان، ڪڏهن ماڻهو ته ڪڏهن انسان

سائين ڀلوڙ شاعري۔۔ سٺي ادا، دعا به چڱي،
هڻي هام گنگا ۽ جمنا ڀلي پر
مگر مهڪ مٺڙا ته تنهنجي آ بهتر
ير هڪڙي ڳالهه سمجها ٻيلي، ادا علي علي به سمجها ڇوڙي۔۔۔ توسان به سمجهائو۔۔
پنهنجي نالي جي پٺيان مائي جو نالو ڇو لکيو۔۔ ”ناز“۔۔
ڪٿي ايئن ته ڪونهي
قمبراڻي دي ڳالهه وانگر
عشق تيڏي ميڪون شاعر بڻايا
قمبراڻي ڪون قلم چوايا
هڪ دفعو وري شاعري shabash
مٺا منا خبر استه ته ٻروچ اي، پر همين ٻروچ نه بي، پرين ٿرا خبر استه دا الائي نه سائين نثار ناز مزائين مڙدم است، کمرڙو خيال هما لک ته ڇيئا لکخئيه، کيئيا لکخئه۔

ميڏا ڀرا تيڪون ميڏي شاعري سوهڻي لڳي ، ميڏي ڀاڳ جاڳ پئي باقي هڪ ڳالهه مين تيڪون ڪيوين سمجهاوان ته بس ٻروچ هڪ ننڍي ڳالهه سمجهه وڃ ته ميڏا نالا نثار هي ته ۾ نثار آن سوهڻي احمد صلي الله عليه وسلم دا ته سوهڻي احمد تي ميڪون ناز اي۔ ول اي هڪ ڳالهه تيڪون هاڻي به سمجهه ۾ نه آئي ته پوءِ اسين سڀ سنڌ سلامت وارا پڪ سان سمجهنداسين ته تون واقعي ٻروچ آهين۔ ٻروچ به اهڙو اصل ڇُٽيان ڳالهيان۔​
سائين تمام بهتر پر زبردست جواب ڏنو آهي توهان اسان جي ٻروچ کي۔ ادو ٻروچ ٿوري وڌيڪ ٻروچڪي ڪري رهيو آهي۔
ادا نثار ابڙا مهرباني جو توهان کي مُنهنجي شاعري سُٺي لڳندي آهي، توهان جي قدم قدم تي همت افزائي مان يقين ڄاڻ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو اٿم ۔ ڌڻيءَ در دُعا آهي ته تون به قدم قدم تي نت نيون سوڀون ماڻين۔ باقي مٺا 51 يا 52 ۾ پير آهي مٿان وري بيروزگاريءَ جو ڀوت سر تي سوارآهي، پوءِ ويٺي ويٺي واندا مل آهيون مڙوئي کنگهه خُشڪي ٿيو پوي مٺا تو نسخي جو چيو مطلب مان بلڪل نوبنو چاڪ توانو ٿي ويس۔ توهان جو قرب ونڊڻ ئي مون مسڪين جو علاج آهي۔ الله ڪري آباد هُجين پنهنجي پيارن سان۔​

توهان جي شاعري ته هر ڪنهن کي پسند ايندي آهي، پوءِ اهو ڪير به هجي
 
ادا وهاب قمبراڻي، ير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تُنهنجي انهيءَ بي لوث محبتن جو ته مون وٽ ڪو جواب ئي ڪونهي۔ تو سنڌ سلامت جي هڪڙي جهوني سان ايترو ته وڏو قرب ونڊيو آهي ، جو اهو جهونڙو دُعائن کان سواءِ توکي ڪجهه به ڏئي نٿو سگهي۔ بس تو کي” پُٽ “ چئي مخاطب ٿو ٿئي ته ” پُٽَ جُڳ جُڳ جيئين۔ شال کلي سدا کير پيئين۔ الله سائين تُنهنجو حامي ۽ ناصر هُجي آمين۔​
 
بابا سائين توهان جي لک احسان جو توهان اسان کي پٽ جهڙي لفظّ سان پڪاريو سائين مونکي يقين آهي ته مونکي زندگي ۾ ڪڏهن به ڏک سامهون نه ايندا ڇو جو توهان جون دعائون مونسان گڏ آهن۔
بابا سائين توهان پٽ چيو پر اسان به هڪڙي پٽ جو فرض نڀائينداسين
 
Back
Top